ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2011۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    گهوٽڪي ضلعي ۾ 13207 گهرن جي ڳڻپ، عملي 20-20 گهرن واري ڪوٽ کي ھڪ گهر ڄاڻائي ڇڏيو، احتجاج جو اعلان

    گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو/ڏهرڪي/اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) گهوٽڪي ضلعي ۾ گهر شماري جي پهرين ڏينهن تي صرف 13 هزار 207 گهر ڳڻيا ويا، عملي 20-20 گهرن واري ڪوٽ کي به هڪ گهر ڄاڻائي ڇڏيو، عملي کي فراهم ڪيل نقشي ۽ ڳوٺن جي لسٽن ۾ فرق هئڻ ڪري ڪيترائي ڳوٺ ڳڻپ کان رهجي وڃڻ جو خدشو، احتجاج جو اعلان، ان سلسلي ۾ گهوٽڪي ضلعي ۾ آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ اوٻاوڙي تعلقي ۾ 2411 گهر ڳڻيا ويا، اهڙي ريت ڏهرڪي ۾ 1848 ميرپورماٿيلو تعلقي ۾ 4064 خانڳڙهه ايٽ خانپور مهر ۾ 862۽ گهوٽڪي تعلقي ۾ 4022 گهرن جي ڳڻپ ڪئي وئي، اهڙي ريت ضلعي ۾ پهرين ڏينهن صرف تيرهن هزار ٻه سئو ست گهر ڳڻيا ويا آهن، آدمشماري کاتي جي نمائندي اعجاز ميراڻي اهڙن انگن اکرن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته گهر شماري جي پهرين ڏينهن تمام سٺو ڪم ٿيو آهي، گهوٽڪي ضلعي ۾ آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ گهر شماري واري عمل جو پ پ جي ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ڊي سي او گهوٽڪي گهر شماري واري عمل جو افتتاح ڪيو، ڄام اڪرام الله ڌاريجو گهوٽا مارڪيٽ محلي ۾ گلزار آرائين جي گهر تي نمبر هڻي گهرشماري جو افتتاح ڪيو، جڏهن ته ضلعي جي پنجن ئي تعلقن اوٻاوڙو، ڏهرڪي ميرپور ماٿيلو، گهوٽڪي ۽ خانپور مهر جي 1185 بلاڪن ۾ گهر شماري وارو ڪم شروع ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ سينسز کاتي جي عملدار اعجاز ميراڻي ٻڌايو ته هر بلاڪ ۾ 175 کان 225 گهر هوندا آهن، اسان جي عملي طرفان هڪ هڪ سئو کان وڌيڪ گهرن جي ڳڻپ ڪئي وئي آهي، هن ٻڌايو ته ضلعي جي 1185 بلاڪن 99 سرڪلز ۽ 20 چارجز ۾ گهر شماري وارو عمل شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ تعليم کاتي جا 473 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، هوڏانهن آدمشماري مٿان نظر رکندڙ سياسي سماجي ڌرين جي جوڙيل آدمشماري مانيٽرنگ ڪاميٽي طرفان گهرشماري جي عمل تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ آدمشماري مانيٽرنگ ڪاميٽي جي چيئرمين جسقم گهوٽڪي ضلعي جي صدر نصرالله ڪلادي ڪاميٽي جي ٻين ميمبر جي يو آءِ اڳواڻ حافظ سراج احمد چنا ايس ٽي پي اڳواڻ خالد لاکو سان گڏ گهوٽڪي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ضلعي ۾ گهر شماري جي نالي تي تماشو ڪيو ويو آهي، گهرشماري جي لاءِ عملو تمام گهٽ ۽ نه هجڻ جي برابر آهي، ويتر ان عملي ۾ شامل ماڻهو گهرشماري ۾ گهربل دلچسپي نه ٿا وٺن، هنن الزام هنيو ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ويهه ويهه گهرن تي مشتمل ڪوٽن ۽ ڳوٺن جي مکيه دوازن تي نمبر هڻي هڪ گهر شمار ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اهڙي صورتحال بابت خبر پوڻ تي اسان فوري طور تي ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي سان ملاقات جي لاءِ سندس آفيس وياسين پر هو اسان نه مليو جنهن ڪري اسان احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سڀاڻي سڄي گهوٽڪي ضلعي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا،هوڏانهن اوٻاوڙو جي جسقم اڳواڻ ظهور احمد دايو ٻڌايو ته جيڪو گهر شماري جو سلسلو شروع ٿيو آھي، ان ۾ تمام سست رفتاري آھي ۽ عملو تمام گهٽ آھي، عملو وڌايو وڃي، ٻوڏ متاثر ڪچي کان لڏي پنجاب جي شهر ماڇڪي ۾ ويٺل آهن، ماڻهن کي پنھنجي ڳوٺن سنڌ ۾ آباد ڪري گهر شماري جي ڳڻپ ڪئي وڃي، جڏهن ته ميرپورماٿيلو تعلقي ۾ شروع ٿيل گهر شماري ۾ ڪيترائي ڳوٺ شمار ٿيڻ کان رهجي وڃڻ جا امڪان نظر اچي رهيا، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب گهر شماري ڪندڙ استادن کي ڪنهن به قسم جي سکيا به نه ڏني وئي آهي، جنهن سبب استادن کي ڏکيائي ٿي رهي آهي ۽ ان کانسواءِ گهر شماري ڪندڙ عملي کي علائقي جو نقشو ۽ ڳوٺن جي لسٽ ڏني وئي جيڪي پاڻ ۾ نه ٿيون ملن، جيڪڏهن استاد نقشي مطابق وڃي ٿو ته ڳوٺن جا ڳوٺ گهر شماري ۾ شمار ٿي نه سگهندا، جنهن سبب سياسي سماجي ڌرين پاران جوڙيل مانيٽرنگ ڪاميٽي جي اڳواڻن زاهد ميراڻي، محمد موسيٰ کوسو، نواز جلباڻي، علي گوهر گبول، فقير رمضان ڪلوڙ ۽ ٻين گذريل ڏينهن ميرپورماٿيلو شهر، جروار،ڳڙهي چاڪر۽ ٻين مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري گهر شماري ۾ ڪم ڪندڙ عملي سان ملڻ بعد اهڙن خدشن کي ظاهر ڪندي احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.
     
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

    ادا سائين انتظام جڏهن اوچتو دي۔سي ۔او جهڙن ڪرپت ڪامورن جيڪي اٺن مهينن کان وٺي هڪڙي گابي،چئن کٽولن،هڪ ٿاله،هڪ ديڳڙي۽ پنجن گهر ڀاتين تي مشتمل هڪڙي گهراڻي کي قنبر ڪاليج مان ڪڍي نه سگهيا آهن ته اهڙن مرد مجاهدن مان مردن شماري جهڙي ڏکئي ڪم ڪرڻ جي اميد ئي اجائي آهي۔ ٿيڻو اهوئي آهي جيڪا وڏي سرڪار چاهيدي ڇاڪاڻ ته اسان پنهنجي قسمت جي فيصلن ڪرڻ جو حق نه ٿا رکون۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

    سائين دائود پوٽه صاحب، مهربانيون ۽ ٿورا جو اوهان گهر ڳڻپ جي تازي صورتحال دوستن سان ونڊ ڪندا رهو ٿا ۔۔۔ سنڌ ٻڌي ٻانهي ۽ ٻڌي ٻانهيءَ سان ڪهڙو سلوڪ ٿيندو آهي اهو ته اسانکي اندازو آهي پر پوءِ به همٿ هارڻي ناهي ۔۔۔

    سلام سنڌ دوست تنظيمن کي جي پاڻ پتوڙي سنڌين جي واهر جو ڀل گهڻو نه پر ٿورو ئي فرض نڀائن ٿا ۔۔۔

    رب ڀلي ڪندو ۔۔۔ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ ۔۔۔ سچ ته بيٺو نچ


    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔
     
  4. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

    مهرباني ادا اسان کي هڪ ذميوار قوم طور پاڻ ثابت ڪرڻو آهي
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

    محترم ڪريم چانڊيو جي ڳالهين مان ظاهري طور مايوسي پئي نظر اچي جيڪا سٺي ڳالھ ناهي۔ سنڌ سان هر دور ۾ اهي هاڃا ٿيندا رهيا آهن پر اسان کي پنهنجون ڪوششُن جاري رکڻ کپن۔

    ضرور اوهان ڪامياب ٿيندا ، جيڪڏهن اوهان ٿوري به ڪوشش ڪريو ته يقينن اسان ڪامياب ٿينداسون۔ اسان کي پنهنجي ماڻهن تي ڪم ڪرڻ کپي ، انهن کي موٽيويٽ ڪرڻ کپي ،جن تي ذميواريون رکيون ويون آهن ۽ انهن کي ذميوارين جو احساس ڏيارجي نه ڪي مايوس ٿي گهر ويهي رهجي۔

    مهرباني سائين دائود پوٽه صاحب اوهان هي ونڊ ڪيو۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

    مهرباني دوستن جي تازي صورتحال کان آگاه ڪرڻ لئه.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو