واپارين جي هڙتال، ذوالفقار مرزا مڙئي نه کپي!
عاجز جمالي
روزانه عبرت تان ورتل
عاجز جمالي
ڪراچي پولو گرائونڊ ۾ هڙتال ڪندڙ واپارين هڙتال نه ڪندڙ واپارين تي ڏنڊا وسائي مهذب پڻي جو نئون مثال قائم ڪيو آهي. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي صدر گذريل ڏينهن هڙتال نه ڪرڻ ۽ سمورن واپارين کي احتجاج ڪرڻ لاءِ پولو گرائونڊ تي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو هو. جڏهن ته ننڍن واپارين تاجر اتحاد جي نالي ۾ هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ايم ڪيو ايم رات دير سان هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري هڙتال کي ڪاميابيءَ جي ضمانت ڏني. هڙتال کان هڪ ڏينهن اڳ ئي دوڪاندارن ۽ واپارين کي ڪاروبار بند رکڻ جا نياپا پهچي ويا.
اڱاري جي صبح ڪراچي ۾ هڙتال ٿي، ايم ڪيو ايم جي سرواڻ الطاف حسين هڙتال جي ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏنيون پر هڙتال ڪندڙ تاجر اتحاد جا اڳواڻ قافلو وٺي ڪراچي چيمبر جي پولو گرائونڊ واري تقريب ۾ ان وقت پهتا جڏهن چيمبر جو صدر سراج قاسم تيلي پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو. چيمبر جي واپارين جي هٿن ۾ امن جا اڇا جهنڊا هُئا جيڪي امن لاءِ نعرا هڻي رهيا هئا. پر تاجر اتحاد وارا جيئن ئي پهتا ته نوان نعرا لڳڻ شروع ٿيا. ڇڪتاڻ شروع ٿي، ماحول ٻڌائي رهيو هو ته تاجر اتحاد وارا تياري ڪري آيا هئا، انهن واپارين جا اڇا جهنڊا ڦري انهن مان ڏنڊا ڪڍي واپارين تي وسائڻ شروع ڪيا. اهڙي ريت پروگرام ختم ٿي ويو.
هڙتال واري ڏينهن ناظم آباد، لياقت آباد، نيو ڪراچي، صدر ۽ ٻين علائقن جا واپاري موٽر سائيڪلن تي چڙهي خاص هنڌن تي پهتا. گڏ ٿي سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ پيپلز امن ڪميٽيءَ خلاف نعريبازي ڪئي. ڏٺو وڃي ته هڙتال ڪندڙ واپارين جي ان سان امن ڪميٽي يا ذوالفقار مرزا جو سڌي ريت ڪو به تعلق ڪو نه هو. پيپلز پارٽي جي سڄي قيادت ڳڙهي خدا بخش ۾ هُئي. ميڊيا سان ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جيڪي ڳالهيون ڪيون انهن ۾ به سنڌ سرڪار تي الزام لڳو يا ڀتاخورن جو ساٿ ڏئي يا ايم ڪيو ايم جو. هڙتال جي ڏينهن ميڊيا تي اهي خبرون آيون ته ايم ڪيو ايم سنڌ سرڪار کي وري ٻن ڏهاڙن جي ڊيڊ لائن ڏيئي ڇڏي. مطالبو اهو ئي پراڻو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي گهرو وزارت تان هٽايو وڃي. اخبارن ۾ مکيه خبر طور سُرخيون به لڳيون ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي هٽائي آغا سراج درانيءَ کي گهرو وزير بڻايو پيو وڃي ۽ ٻين وزيرن کي به تبديل ڪيو پيو وڃي.
مطلب ته ڳالهه جتان شروع ٿي هئي اتي ئي بيٺي آهي ته بس ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا نه کپي. ڄڻ ان کانپوءِ سڀ جو سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. ڪراچي ۾ ڀتاخوري، ٽارگيٽ ڪلنگز، بدامني، اغوا، گاڏين جي ڦر، اسٽريٽ ڪرائيم، سڀ ڏوهه بس ختم ٿي ويندا. لينڊ مافيا به ختم ٿي ويندي، ڊرگ مافيا به نه رهندي، هٿيارن جو واپار به ختم ٿي ويندو. سمورن گناهن جو هڪڙو ئي گنهگار سنڌ جو گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا.
پيپلز امن ڪميٽيءَ تي پابندي لڳي، آفيسون بند ٿيون، ڪراچي ۾ مختلف ماڻهن کي ٽيليفون ڪري ماڻهو پاڻ کي امن ڪميٽي جو ظاهر ڪري اهو چوندا رهيا ته فلاڻي هنڌ هيترا لک پهچائي وڃو. سي پي ايل سي پاران ڄاڻايل فون نمبرز جي ڳولا ڪرڻ تي خبر پئي ته همراهه ڪا ٻي شيءِ آهي پر جيئن ته اصل مسئلو اڃا ڪو ٻيو آهي ان ڪري سلسلو جاري رهڻو آهي. هڙتال جو به اصل نشانو سنڌ جو گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ئي رهيو.
ڪراچي ۾ واپارين ۽ دوڪاندارن کان ڀتا اوڳاڙڻ جي تاريخ ڏاڍي پراڻي آهي پر هاڻي جيئن ته پراڻا ڀتاخور منظم ٿي ويا انهن کي سرڪاري حيثيت حاصل آهي. هاڻي ڀتو به هڪ نظام جو حصو بڻجي ويو آهي. دوڪاندارن کي پرچيون پهچائڻ جو سلسلو به 25 سال پراڻو آهي. عالم آشڪار ڳالهه آهي ته ڪيئن ڀتو وصول ٿيندو هو. ڪراچي ۾ 90 سيڪڙو واپاري ۽ دوڪاندار اڄ به ڀتو ڏيندا آهن. چندو ڏيندا آهن يا پير سائين کي ڏن ڏيندا آهن. گاريون وڏيرن ۽ جاگيردارن لاءِ پر ڪم مڊل ڪلاس جا به ساڳيا. ڪراچيءَ جا واپاري ڪڏهن به ڀتاخوري ۽ بدامنيءَ خلاف متحد ڪو نه رهيا آهن. اهي هميشه گروپ بنديءَ جو شڪار رهيا آهن. سياسي ڌرين هٿان استعمال ٿيندا رهيا آهن. ڀتاگيري ته سڄي ڪراچيءَ مان ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ٿي رهي آهي. ماڻهن کان گهرن ۽ آفيسن مان ڀتو وصول ڪيو ويندو آهي. پرچي وارا ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن پر 70 سيڪڙو دوڪاندار ۽ واپاري ته ”منٿلي“ ڏيندا آهن. منٿليءَ جي رقم پاڻ ئي پاڻ بئنڪ اڪائونٽ ۾ هلي ويندي آهي پر اُهي منٿلي ڏيندڙ مخير حضرات (سرنديءَ وارا) قرار ڏنل آهن ۽ منٿلي وٺندڙ سماج سُڌارڪ قرار ڏنل آهن. ڏاڍو عجيب مُلڪ آهي اسان جو. ”ڦريو به جهان خان فيصلو به جهان خان جو“ وارو حساب ڪتاب هلي پيو. ڪراچي ۾ هٿيارن جي سياست اصل ۾بدامنيءَ جو ٻج ڇٽيو. هٿيارن جي سياست ڪٿان شروع ٿي، ڪنهن شروع ڪئي ۽ اڄ ڪنهن جي سياست سبب ڪراچيءَ جو شهر بارود جي ڍير مٿان آهي. سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ۽ هي هڪ ڊگهو بحث پڻ آهي. اڄ به ڪير به ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته سندس ڪردار ڪيترو آهي ۽ نه ميڊيا طاقتور ڌرين تي آڱر کڻڻ لاءِ تيار آهي. ڪراچيءَ ۾ تازو ئي پوليس اجمل پهاڙي کي پڪڙيو. سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته همراهه ڪير آهي. مدثر چيف گرفتار ٿيو ۽ پوليس چواڻي ڀتاخوري ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو پڪڙيا آهن. سياسي مصلحت آهي يا ڇاهي جو اُهي ظاهر نه ٿا ڪيا وڃن. سندن سياسي وابستگي لڪائي وڃي ٿي. سياسي مصلحت جو ٻيو نالو مفاهمت جي سياست آهي. ذاتي طور منهنجي نظر ۾ گهرو کاتي جي اها وڏي خامي آهي جو ڏوهارين جي سياسي وابستگي ظاهر نه ٿو ڪري ان ڪري ڏوهاري جو من وڌي ٿو. پوءِ ڏوهه ذوالفقار مرزا جي کاتي ۾ شامل ٿئي ٿو. مون اڳي به مضمون ۾ لکيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي دٻاءُ تحت وزارت تان هٽايو ويو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سياسي ساک کي ڌڪ لڳي سگهي ٿو. باقي عام طور وزارتن ۾ تبديليون ٿينديون رهنديون آهن اها ڪا ايڏي انوکي ڳالهه به نه هوندي پر سنڌ جي عوام آڏو هن وقت ذوالفقار مرزا بهادر ۽ مڙس ماڻهو آهي.
مون کي پنهنجي والد (مرحوم) هڪ ڳالهه ٻڌائي هئي ته جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جي وڏي وزير ممتاز ڀٽو کي هٽائي غلام مصطفى جتوئي (مرحوم) کي سندس جڳهه تي وڏو وزير مقرر ڪيو هو ته عام سنڌي ماڻهو ڏاڍو ناراض هو ڇو ته سندس آڏو ممتاز ڀٽو تڏهن مڙس ماڻهو هو. ان ڪري ڪنهن ماڻهوءَ کي صرف ان بنياد تي هٽايو وڃي ته هو تڪراري آهي ته پوءِ اُهو فيصلو عوام ۾ غير مقبول بڻجي ٿو. ڇو ته سياسي مفادن خاطر ڪجهه ماڻهن کي تڪراري بڻايو ويندو آهي. سنڌ جو گهرو وزير ڊاڪٽر مرزا اُن جو زنده مثال آهي پر منهنجو تجزيو آهي ته گهرو وزارت جو قلمدان ڪنهن ٻئي سنڌي ڳالهائيندڙ وزير کي به ڏنو ويو ته کيس لڳ ڀڳ اهڙو ئي رويو اختيار ڪرڻو پوندو، بلڪه شايد کيس ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان به سخت رويو اختيار ڪرڻو پوندو. شايد اُهو وزير اتحادين کي وڌيڪ مهانگو پوي. پر ڪير به ان حد تائين سوچي نه ٿو. ڇو ته ذوالفقار مرزا صدر آصف زرداريءَ جو ويجهو ساٿي آهي. سندس سياسي سرگرمين ۾ پارٽي ۽ پارٽي سربراهه جو ڪو نه ڪو ڪردار ضرور هوندو. ممڪن آهي ته صدر آصف زرداريءَ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي هٽائڻ وارو مامرو آخري آپشن طور پاڻ وٽ رکيو هُجي پر سياسي تجزيو ٻڌائي ٿو ته اِهو مسئلي جو حل ئي ناهي. ڇو ته سڀاڻي وري اتحادين پاران ٻيا نوان مطالبا سامهون اچڻا آهن. هر موڙ تي ڪجهه نه ڪجهه مطالبا ايندا رهندا. اتحادي حڪومتن جو سڀ کان وڌيڪ ڪمزور پهل ئي اِهو آهي جو اها هر ڌر آڏو جهڪيل هوندي آهي.
سنڌ ۾ صورتحال ڪجهه اهڙي پيدا ٿي رهي آهي جو جواز ڳوليا وڃن. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽيءَ کي سنجيدگي سان طئي ڪرڻو آهي ته کين گڏ هلڻو آهي ته پوءِ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻو پوندو ۽ جيڪڏهن گڏ ناهي هلڻو ته پوءِ هي سلسلو رڪندو ڪو نه. ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو رهندو. ڀلي ڪنهن کي هٽايو، ڪنهن کي رکو. ان سان ڪا به تبديلي ناهي اچڻي. جمهوريت جي نظام ۾ ”سهپ“ اهم نقطو آهي. جيڪڏهن ”سهپ“ ناهي ته پوءِ نظام نه هلي سگهندو. هڙتالون، احتجاج، مطالبا، مذاڪرات جمهوريت جو حصو آهن پر هڪ ٻئي کي نيچ ڏيکارڻ، پاڻ کي طاقتور ٻئي کي ڪمزور ڏيکارڻ، پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ هر قسم جي سياست ڪرڻ جمهوريت ناهي. جمهوريت سياسي مخالفن کي برداشت ڪرڻ جو درس ڏئي ٿي پر هتي سياسي اتحادي هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.