هڪ وڏي عالم جو وڇوڙو واحد پارس هيسباڻي [justify]ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اڄ جڏهن اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي ته هڪ وڏو خال محسوس ٿي رهيو آهي. سنڌ جي هن نامور عالم، اديب، لسانيات جي ماهر ۽ لطيف جي پارکو جو ڪيل سمورو ڪم سون آهي، پر خاص ڪري لوڪ ادب جي حوالي سان سندس ڪيل ڪم بي مثال آهي. پاڻ جيڪڏهن ائين چئون ته لوڪ ادب کي زمين کان آسمان تي کڻي ويندڙ ڊاڪٽر بلوچ آهي ته اهو غلط نه ٿيندو. لوڪ ادب تي سندس لکيل 42 ڪتاب ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. هن اهو ڪم ٿڌي ڪمري ۾ ويهي نه ڪيو آهي، پر ان لاءِ سنڌ جا جهنگ جهر رُلي ۽ مشاهدو ماڻي هي سڀ ڪجهه ڪيو اٿائين. هن شخص پنهنجي 94 سالن جي ڄمار ۾ سچ ته ڪيترين ئي صدين جيترو ڪم ڪيو آهي، جنهن سان ڪن هنڌن تي اختلاف ته ڪري سگهجي ٿو، پر سندس محنتن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. هن جي ڪوششن سان ئي سنڌ ۾ سگهڙائپ واري فن کي هٿي ملي ۽ ڪيترائي گمنام سگهڙ منظرعام تي آيا. ڊاڪٽر بلوچ جا لوڪ ادب تي لکيل هونئن ته سمورا ڪتاب پڙهڻ وٽان آهن، پر خاص ڪري سندس هي ڪتاب: ’سنڌي لوڪ ڪهاڻيون‘ (ست جلد)، ’مداحون ۽ مناجاتون‘، ’سنڌي سينگار شاعري‘، ’نڙ بيت‘، ’مناظرا‘، ’سنڌ جا عشقيه داستان‘، ’ٽيهه اکريون‘، ’هفتا ڏينهن راتيون ۽ مهينا‘، ’جنگناما‘، ’واقعاتي بيت‘، ’مشهور سنڌي قصا‘ (ٻه جلد)،’رسمون رواج ۽ سنئوڻ ساٺ‘ دلچسپي توڙي معلومات سان ڀرپور آهن. هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اسان کي پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ ريتن رسمن بابت کوڙ ساري معلومات ملي ٿي. 16 ڊسمبر 1917ع تي ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ جعفر خان لغاري ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪيئن پڙهيو ۽ ڪيئن ان منزل تي پهتو، اها به هڪ الڳ درد ڀري ڪهاڻي آهي. هڪ غريب جو ٻار ڳوٺ پليي خان لغاري جي پرائمري اسڪول کان نوشهروفيروز جي مدرسي ۽ اتان جهونا ڳڙهه ڪاليج تائين ڪيتري جفاڪشي سان پهتو ۽ اهڙي دور ۾ جڏهن سنڌي فائنل پاس ڪرڻ کي ئي وڏي ڳالهه سمجهيو ويندو هو ۽ ان تائين رسائي به عام ماڻهو لاءِ ممڪن نه هئي. هن شخص جو مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ پهچڻ ۽ اتان ايم اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪرڻ ۽ اتان ئي وري وڪالت جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪرڻ سندس همت جو ثبوت آهي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي مختلف انٽرويوئن ۾ ٻڌايو آهي ته اڪثر ڪري وٽس ايترا پئسا به نه هوندا هئا جو ماني کائي سگهي، پر باوجود ان جي هن حوصلو نه هاريو ۽ محنت ڪري پنهنجو مقصد ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اڄ جي جديد دور ۾ به پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺڻ وڏي جگر گڙدي جو ڪم آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان 1949ع ۾ ايڊيوڪيشن جي موضوع تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪيريئر ۾ اهم ذميوارين تي رهيو. سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن ۾ پهرين پروفيسر، پوءِ ڊائريڪٽر، ڊين ۽ وائيس چانسلر بڻيو، وفاقي وزارت تعليم ۽ ثقافت جو سيڪريٽري رهيو، اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس چانسلر ٿيو. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ جو ڊائريڪٽر ٿيو. سنڌي ٻولي اٿارٽي حيدرآباد جو باني چيئرمئن رهيو، نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت واريون ذميواريون نڀايائين، زندگي جي آخري گهڙين تائين علامه آءِ آءِ قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽي جي اعزازي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو، پر ايترين سارين ذميوارين ۽ مصروفيتن باوجود هن هي ايڏو وڏو تحقيقي ڪم به ڪري ڏيکاريو، جيڪا يقيناً وڏي ڳالهه آهي ۽ هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ عمر جي آخري ڏينهن ۾ صحت جي ساٿ نه ڏيڻ باوجود تحقيقي ڪم مان هٿ نه ڪڍيو، لکڻ پڙهڻ سان سندس هن ڪمٽمينٽ کي ڏسي ماڻهو دنگ رهجي وڃي ٿو. اهڙي عمر ۾ جڏهن اڪثر ماڻهو آرام ڪرڻ ۽ پنهنجا گناهه بخشرائڻ کي ترجيح ڏيندا آهن، ان عمر ۾ به ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي علمي، ادبي تحقيقي ڪم ۾ مصروف رهيو. طبيعت جي ناچاڪي باوجود سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ملندڙ علمي ادبي تقريبن جي دعوتن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو قومن جو سرمايو هوندا آهن، جيڪي پاڻ کي تڪليفون ڏئي، پنهنجون ننڊون ڦٽائي، تتي، ٿڌي ۾ جهرجهنگ جهاڳي، پنهنجي ماڻهن کي ڪجهه ڏيڻ چاهيندا آهن. اهڙن ماڻهن جا سچ ته پنهنجين قومن تي تمام وڏا احسان هوندا آهن، جيڪي اهي احسان ڪڏهن به لاهي نه سگهنديون آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جيڪي علمي، ادبي خزانا اسان وٽ ڇڏي ويو آهي، ان تي پوري قوم سندس ٿورائتي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لوڪ ادب کان پوءِ جيڪو ٻيو وڏو ڪم آهي، اهو آهي شاهه سائين تي تحقيق. هن شاهه سائين جي جامع، مستند ۽ معياري متن شايع ڪرڻ واري رٿا تي ڪم ڪري موجود ڇپيل ۽ قلمي نسخن کي ڀيٽي 10 جلد ڇپرايا، جن ۾ 9-8 گڏيل جلد شاهه جو رسالو ۽ ڏهون جلد شاهه جي رسالي ۾ شامل ڌارئين ڪلام تي مشتمل آهي. اهو بلوچ صاحب جو تمام وڏو ڪم آهي. ڊاڪٽر بلوچ نه رڳو لطيف سائين تي پر سنڌ جي ٻين صوفي شاعرن تي پڻ تحقيقي ڪم ڪيو آهي ۽ انهن جي ڪلام کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو آهي. جن ۾: قاضي قادن، شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنات، خليفو نبي بخش، شاهه شريف ڀاڏائي، صوفي صادق فقير سومرو، غلام محمد خان زئي، حمل فقير، نواب ولي محمد خان لغاري، مير عبدالحسين سانگي ۽ ٻيا شاعر شامل آهن. هن انهن جا رسالا ترتيب ڏئي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيا آهن. ساڳئي نموني موسيقي جي حوالي سان پڻ سندس تحقيقي ڪم شاندار آهي، ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب ’سنڌي موسيقي جي تاريخ‘ معلومات جي خزاني سان ڀرپور آهي، جيڪو پڙهڻ کان پوءِ سنڌي موسيقي جي بڻ بنياد توڙي سازن آوازن جي ڄاڻ ملي ٿي. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ تي پڻ وڏو ڪم ڪيو آهي. انهن موضوعن تي هن جا لکيل ڪتاب: ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي‘، ’سنڌي ٻولي جو آڳاٽو منظوم ذخيرو‘، ’جتڪي ٻولي‘، ’ٻيلاين جا ٻول‘، سومرن جو دور‘ (2 جلد)، ’چچ نامو‘ (مقدمو، تدوين ۽ حاشيا) پڙهڻ وٽان آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ دريائي ۽ سامونڊي مڇين تي به تحقيق ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب ’مٺي جي مڇي‘ ۽ ’کاري جي مڇي‘ مڇين جي نسل، واڌ ويجهه واري عمل، شڪل صورت ۽ ذائقي وغيره بابت سٺي معلومات فراهم ڪن ٿا. هن شاهه سائين جي ڪلام جي ڪردارن تي پڻ تحقيق ڪئي آهي، جنهن ۾ لاکي ڦلاڻي بابت سندس تحقيق منفرد حيثيت رکي ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، پاڻ نه رڳو سنڌي ٻولي جو ماهر هو، پر کيس انگريزي، عربي ۽ فارسي وغيره تي به عبور حاصل هو ۽ هن انهن ٻولين ۾ به ڪم ڪيو. سنڌ جي ثقافت بابت کيس وڏي ڄاڻ هئي، هو سنڌ جي ريتن رسمن، رهڻين ڪهڻين، ڪچهرين ۾ ٻولجندڙ گفتن کان چڱي طرح واقف هو ۽ کيس چوڻين، ڳجهارتن جي به وڏي خبر هئي. سچ ۾ هي پنهنجي ذات ۾ هڪ انسائيڪلو پيڊيا هو، جنهن ٿوري عرصي ۾ وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو. سندس ڪيل پورهيي مان نه رڳو هاڻوڪو نسل فائدو حاصل ڪري پيو، پر ايندڙ نئون نسل به فائدو حاصل ڪندو. بلڪه هن جو پورهيو نسل در نسل لاڀ ڏيندو. اڄ سنڌ هڪ وڏي عالم کان محروم ٿي وئي آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو، تيئن تيئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي کوٽ شدت سان محسوس ٿيندي. [/justify] روزانه عبرت جي ٿورن سان
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ - هڪ وڏي عالم جو وڇوڙو هڪ يادگار ڳالهه ٻولهه ( علامه ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان )