• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويب ڊيزائننگ جي باري ۾ معلومات گهرجي

ابو زين

سينيئر رڪن
ويب ڊيزائننگ جي باري ۾ معلومات گهرجي ۽ اهو پڻ معلوم ڪرڻو آهي ته ڇا فري ويب ڊيزائننگ ملي سگهي ٿي؟
 
جواب: ويب ڊيزائننگ جي باري ۾ معلومات گهرجي

ان سلسلي ۾ ادا مشتاق اصغر جن هڪ اهم موضوع ”مفت ۾ ويب سائيٽ ٺاهيو“ نالي سان اڳ ئي ونڊ ڪيو آهي ۔۔ جنهن کي مون پڻ آزمايو آهي ۔۔۔ سندس اهڙي موضوع تي ئي محترم نثار ناز صاحب جن سمان برادري جي هڪ ويب سائيٽ پڻ ٺاهي آهي ۔۔۔ هڪ دفعو آزمائي ڏسو۔۔۔
 
جواب: ويب ڊيزائننگ جي باري ۾ معلومات گهرجي

ادا ابوزين توهان جومقصد ويب سائٽ جي ڊزائن آهي
يا انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ‌جي لا فري هوسٽنگ ؟
 
جواب: ويب ڊيزائننگ جي باري ۾ معلومات گهرجي

منهنجي خيال ۾ سائين ٻئي ڳالهيون چاهي ٿو وڌيڪ پاڻ وضاحت ڪندا پوء جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان
 
جواب: ويب ڊيزائننگ جي باري ۾ معلومات گهرجي

ادا ابوزين توهان جومقصد ويب سائٽ جي ڊزائن آهي
يا انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ‌جي لا فري هوسٽنگ ؟

جنهن دوست کي گهربل آهي، انهيءَ ٻڌايو ته ويب هوسٽنگ نه پر فري ويب ڊيزائننگ گهرجي. منهنجي خيال ۾ هُن جي فرمائش غلط آهي. ويب ڊيزائننگ جا ڪورس ٿيندا آهن، جيڪي آسانيءَ سان نيٽ تي ملي سگهن ٿا. شايد هو ويب هوسٽنگ ئي چوڻ چاهيندو هوندو.... خير پڪ ڪري ٿو وٺانس.
 
جواب: ويب ڊيزائننگ جي باري ۾ معلومات گهرجي

سائين جيڪڏهن ويب هوسٽنگ کپي ته توهان کي سستي هوسٽنگ ميسر ڪبي ۔
باقي ويب ڊزائننگ جي لا آئون جوملا استعمال ڪندو آهيان .
انهي کان علاو ٻه ٽي ٽيمپليٽ ڊائون لوڊ ڪري انهن جي مڪس پليٽ ٺاهي ويب سائٽ ٺاهي سگهجي ٿي .
 
Back
Top