محمدجوادعسڪري
سينيئر رڪن
سڀئي سنڌي دوستو السلام عليڪم آ آهيان محمد جواد عسڪري امڙ ۽ بابا پيار منجهان سينگار علي سليم به سڏيندا آهن هن محبتي اڱڻ ۾ سائين نظير حسين بهشتي عرف ابو جواد جي رهنمائي سان اوهان جي خدمت ۾ اچڻ جي سعادت حاصل ڪيم مون 2010 ۾ المصطفى انٽرنيشنل يونيورسٽي ايران جوائن ڪئي آهي هن وقت ان جي برانچ امام (خميني رح) ڪاليج فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز ۾ ڊپلوما ڪري رهيو آهيان پاڪستان ۾ منهنجو پتو پهريان تعلقو شهدادڪوٽ ڳوٺ حاجي الله بخش لغاري هيو پر گذشته ڇهن سالن کان نقل مڪاني ڪري بلوچستان جي شهر اوستا محمد ۾ رهائش پذير آهيان پر اڄ ڏينهن تائين منهنجي سنڌ سنڌ ۾ سنڌ سمايل آهي گذشته ٻوڏ دوران آ تازو ايران آيل هيس پر پنهنجي ماروئڙن جي ابتر حالت ڏسي اکيون رت پئي رنيون تمام سهولتن هجڻ باوجود سسئي کي جيئن قرار نه هيو آ به ايئن ئي پئي تڙپيس امام رضا عليه السلام جي مظلومه ڀيڻ بيبي فاطمه معصومه(س) جي پاڪ روضي تي اها دعا آهي ته جيستائين دنيا قائم آهي سنڌ ۽ سنڌ واسي شال گلن وانگر مهڪندا رهن آمين