[JUSTIFY]ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ ڪافي ڏينهن کان پو چند ڪلاڪ پهرين هڪڙو غزل سرجيو آهي جنهن کي غريباڻي ڪمپيوٽر جي پوشاڪ پهرائي توهان سڀني ساٿين جي نذر ڪريان پيو، ساٿيو شاعري اولاد وانگر هُوندي آهي ٿي سگهي ٿو توهان مان ڪافي ساٿي منهنجي انهي ڳالهه سان متفق نه هُجن پر جيڪي اسان جا شاعر دوست آهي اهي سئو فيصد انهي ڳالهه کي مڃيندا، دوستو سنڌ سلامت کان علاوه صرف شاعري ئي منهنجي سُڃاڻپ آهي، سنڌ سلامت ۽ شاعري کان سوا هي ٽي درجي واروشاعر نثارناز اڌورو آهي ۔[/JUSTIFY] خير پيش آهي منهنجي بلڪل نڪور شاعري توهان جي واڌو ۽ ڪاٽو راين جو شدت سان منتظر رهندس.
جواب: گُلابن جي دُڪانن تي لڳل تالا پيا ڏسجن (غزل) نثاراحمدناز اوهانجي نڪور شاعري ٻڌائي ٿي ته ڪئين اوهان سنڌ ۽ سنڌي قوم جا سور پنهنجي سيني ۾ ولوڙيندا رهو ٿا ۔۔۔ سڀ کان پهريان ته صاف ۽ شفاف، سولن ۽ سادن لفظن ۾ معاشري ۾ موجود اوڻاين کي هڪ منصف جي نگاهه سان ڏسندي اهڙا ته جملا ڪسيا آهن جو قومپرست انسان سندرا ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ۔۔۔ مٿان وري سهڻي ۽ سادي نقش نگاري به تمام وڻندڙ ۽ ڪلام سان ٺهڪندڙ آهي ۔۔۔ سلام آهي سنڌ جي حساس شاعر کي جو هو پنهنجي اندر جي اڻ تڻ کي لفظن جا موتي پوئي اسان کي انقلابي تسبحيون پيو پڙهائي ۔۔۔ لک ٿورا سائين محترم ناز صاحب ۽ سلام اوهانجي عظمت کي ۔۔۔ سلام
جواب: گُلابن جي دُڪانن تي لڳل تالا پيا ڏسجن (غزل) نثاراحمدناز سائئين اسان ته ڪجھ چوڻ جي قابل ئي ناهيون هن مهان شاعر کان سکڻو آهي پوءِ اهي انساني احساس پوءِ ڪو قو، پرستي ۾ ڏسي يا ڪنهن ٻئي رنگ ۾ ڏسي جيئن سائين چيو ته هي الفاظ قوم پرستي جي تسبيح جا داڻا آهن انسان به هڪڙي قوم آهي جنهن سان هر طرف ويڌن آهي ۽ اها قوم پرستي هر مظلوم سان هجي يا ڪنهن خطي جي انسانن سان هجي ۔ بحرحال بهترين سبق آهي اسان جهڙن سُتلن لاءِ۔ وسلام
جواب: گُلابن جي دُڪانن تي لڳل تالا پيا ڏسجن (غزل) نثاراحمدناز سائين نثار ناز سلام اوهان جا ٿورا جا اوهان پنهنجي نڪور شاعري اسان سان ونڊ ڪندا رهو ٿا۔ هن غزل ۾ معاشري جي ستم ظريفي کي اوهان ڀلي طرح وائکو ڪيو آهي۔ اوهان جي ڏات ديوي کي سلام جيڪا اوهان کان ايڏا سٺا غزل ٿي لکرائي۔ اوهان پنهنجي طبيعت جي باري ۾ به ٻڌائجو۔ رب پاڪ اوهان کي خوش رکي ۔۔۔آمين
جواب: گُلابن جي دُڪانن تي لڳل تالا پيا ڏسجن (غزل) نثاراحمدناز [justify]پيارا نثارابڙا سائين توهان سدائين اسان جي ڪچي ڦڪي ڪويتائن کي نيون ۽ نڪور معنائون ڏيندا آهيو، اهي پڙهي اسان پنهنجي منزلن جا ڏس پتا فوري طور تي حاصل ڪري وٺندا آهيون، هر انسان پنهنجي اندر ۾ کوڙ سارا ڏُک ڏاکڙا سانڍي هلندو آهي ، مان ته وري هڪڙو پل دو پل جو صفا حقير ترين شاعر آهيان جيڪو محسوس ڪيم پنهنجي هن غزل ۾ پوئي ڇڏيم توهان جهڙا قدردان ۽ همت افزايون ڪرڻ وارا اسان جي شامل حال آهن باقي اسان کي ٻيو ڇا کپي ۔ توهان جا به لکين ٿورا سائين ۔ توهان کي به اسان جون محبتن واريون سلاميون قبول پون شال جُڙيا هُجو۔[/justify]
جواب: گُلابن جي دُڪانن تي لڳل تالا پيا ڏسجن (غزل) نثاراحمدناز تمام بهترين شاعري سائين نثار ناز صاحب اسان خوشنصيب آهيون جو سنڌ سلامت فورم تي اوهان جهڙي مهان شاعر جي شاعري پڙهڻ لا ملي ٿي الله پاڪ اوهانکي سلامت رکي سدائين آباد هجو (آمين) دعائن ۾ ياد
جواب: گُلابن جي دُڪانن تي لڳل تالا پيا ڏسجن (غزل) نثاراحمدناز سنيها انقلابن جا صدين کان ناز خاموشيون هوا ڇو؟ آجپي واري اڃا باندي بڻيل آهي واه سائين اوهان جي اظهار ما في الضمير کي سلام۔
جواب: گُلابن جي دُڪانن تي لڳل تالا پيا ڏسجن (غزل) نثاراحمدناز واه سائين تمام زبردست دل سان لڳندڙ شاعري ۽ بهترين چترڪاري۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مون گهٽ علم رکندڙ وٽ ته لفظ ئي ناهن جو هن شاعري جي باري ۾ ڪجه لکي سگهان۔
جواب: گُلابن جي دُڪانن تي لڳل تالا پيا ڏسجن (غزل) نثاراحمدناز واه سائين تمام زبردست دل سان لڳندڙ شاعري ۽ بهترين چترڪاري۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مون گهٽ علم رکندڙ وٽ ته لفظ ئي ناهن جو هن شاعري جي باري ۾ ڪجه لکي سگهان۔
جواب: گُلابن جي دُڪانن تي لڳل تالا پيا ڏسجن (غزل) نثاراحمدناز مهرباني توهان جي ادا نويد جو توهان ڪي اسان جي هي شاعري سٺي لڳي
جواب: گُلابن جي دُڪانن تي لڳل تالا پيا ڏسجن (غزل) نثاراحمدناز واه سائين تمام سٺي شاعري آهي مون کي ڏاڍي وڻي