ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
اهڙو موجود تو ۾ حيدرِ ڪرار جو عزم ڪونهي
ڪهڙو حال اور جي ڪو حال محرم ڪونهي
ٻيو سڀ ڪجھ آهي ڪونهي ته شرم ڪونهي
ماڻهن جي زبانن تي آهي تنهجي زُهد جو چرچو
پر تنهنجي تنهائي ۾ اهڙو ڪو ڀرم ڪونهي
جيڪو ماري تنهجي نفس ۾ موجود مرحب و انتر
اهڙو موجود تو ۾ حيدرِ ڪرار جو عزم ڪونهي
ٻيو ڪري ته ڪافر جو فتويٰ اي مفتي ائين ڇو
پاڻ ڪرين پنهنجي لاءِ چوين ته نه جُرم ڪونهي
پرين کي پري ڪري غير گهر ۾ چوين صد بسم الله
نادان ناپاڪن لاءِ ٺهيو هي دل جو حرم ڪونهي
دنيا جي آسائشن تي سمهي ننڊُن ڪرين ٿو ڏاڍيون
سبق ياد رهي مردن لاءِ ڪو نرم بستر ڪونهي
تون رحم جو طالب آهين ڪهڙي بنياد تي ڏاڏل
تو ۾ ته زرو برابر به ڪنهن لاءِ رحم ڪونهي