ڪالهوڪي سنڌ ۽ اسان جو اڄ جو نوجوان نسل!!!!!!!!!!!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2011۔

  1. نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ

    نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدرآباد
    قسط ٻئين
    هر ان ماڻهو کي پنهنجي شئي جواحساس ۽ ان جي اهميت جي خبر هوندي آهي، جنهن جي حاصل ڪرڻ لاِ جيڪو ماڻهو جدوجهد ۽ ڏکين امتحانن مان گذري ان شئي کي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش‌ڪندو آهي، مقصد ته هر ان ماڻهو کي ان ڳالهه جو قدر هوندو آهي جيڪو ڏکيائن مان گذري اچي ٿو، شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄ مان جيڪو ڪجهه لکي رهيو آهيان اهو صرف انهي ڪري ته آئون انهن شهيدن ۽ قائدين جو غلام آهيان جن پنهنجي زندگي جي آخري پسائن ۾ به وطن يا ڪفن جو نعرو زبان تان هٽڻ نه ڏنو تان جو پنهنجي وطن جي خاطر هن عيش عياشين جي دنيا کي الوداع ڪري هميشه هميشه ابدي ننڍ سمهي ڪربلا جي شهيد امام حسين عليه جي سائي جهنڊي هيٺيان سموري دنيا جي شهيدن سان گڏجي آرامي ٿي ويا، انهي ڪري ان محبوب جي ئي جدوجهد جوڪمال آهي جو جيڪڏهن سورهيه بادشاهه وطن يا ڪفن جو نعرو نه هڻي ها ته شايد اسين اڄوڪي جديده ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ڪمپيوٽر تي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ بدارن چوپائي مال جا ڌنار يا هاري هجون ها، ليڪن سورهيه بادشاهه پنهنجي ناني حضرت امام حسين عليه السلام جي نقش قدم تي هلي ڪري شهادت جو تاج مٿي تي رکي سيدالشهدا حسين جي دشمن يزيد جي غلامن جي غلامي قبول ڪرڻ بدران شهادت کي قبول ڪري پنهجو ۽ سمورن وطن واسين جو ڳاٽ ته اوچو ڪيو، ليڪن اهو سڀ ڪجهه شايد منظور خدا هو جيڪو ٿي ويو، مقصد ته حرجماعت جي انگريزن سان لڙهائي دوران ڇا پوزيشن هئي، الحمدالله مونکي فخر آهي جو آئون پير محمد راشد روضي ڌڻي رهبر جو غلام آهيان، انگريزن سان ته جنگ وقت ته حرن جي مٿان پنهنجي محبوب هادي رهبر جو نعرو هڻڻ به ڏوهه هو ته اهي حر ان وقت ڪٿان پڙهندا، حقيقت اها آهي ته پاڳارا خنددان هن ملڪ و ملت جي خاطر هر وقت پنهنجو پاڻ ڪري ملهايو آهي، اهوبه نه وسارڻ کپي ته انگريز سامراج کان پو به پاڳارا خاندان ۽ حرمجاهدن هن پاڪ وطن جي مٽي جي مٿان اگر ڪنهن پليد پير رکڻ جي جرئت ڪئِي ته ان وقت پڻ پاڳارا خاندان ۽ بهادرحرن پنهنجي آقا محبوب مرشد رهبر جي حڪم تي هلندي ملڪي سرحدن جي پڻ حفاظت ڪئي، اهوکڻي سيپٽمبر 1965ع وارو تاريخي واقعو ڇو نه هجي، اهڙاکوڙ سارا واقعا آهن جن کي اسين بيان نه ڪري سگهنداسين، مقصد ته پير سائين پاڳاري جي خاندان جو حضرت امام حسين عليه السلام کان هميشه قرباني ڏيڻ ۽ هر دم دشمن جي پيرن هيٺيان زمين ڪڍڻ لا تيار رهڻ جو سلسلو جاري رهيو آهي، اهو ئي ته سبب آهي جو اڄ حرجماعت جهڙي ٻي ڪا به جماعت نه آهي، مونکي اهوچوڻ جو حق ڏنو وڃي ته اسين اهو چونداسين ته جيسين سسي ۾ ساهه آهي تيسين اسين سنڌ ڌرتي جا ته هونئن آهيون پر هن پاڪ وطن جي مٿان جڏهن به ڪوڏکيو وقت آيو ته سڀ کان پهرين پاڳارا خاندان ۽ حر جماعت جا تعليم يا فته نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي حر مجاهد فور س ۽ پاڪستان آرمي سان گڏ اسين دشمنن جي منهن تي مات ڏئي اڳ وانگر اڄ به ساڳي جذبي سان سامهون اينداسين، انشا  الله اهو ڏنهن دور نه آهي جڏهن منهنجي سنڌ امڙ جي سنڌو جون ڇوليون واپس وري اينديون ۽ اسان جوسهڻو حسين پاڪستان هڪ ڏينهن انشاالله هڪ ڏينهن آمرڪا ۽ برطانيه کي پار ڪري جپان ۽ چين جهڙي ملڪن جي صف ۾‌شامل ٿيندو۔
    باقي رهيل پوائنٽون پڻ ٽائيم جي فرصت تي اوهان سمورن دوستن سان شيئر ڪيون وينديون۔
    اوهان جي دعائن جو طلبگار
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو