شهيدن جا سرواڻ، اسين توکي ڪيئن وساري سگهنداسين۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2011۔

  1. نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ

    نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدرآباد
    هونئن ته سورهين، غازين، مجاهدن، شهيدن ۽ نه ڄاڻ ڪيترين ئي عظيم هستين کي جنم ڏنو آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر انهن جي باري ۾ ڀلي ڪيتري به مختصر لفظن ۾ حياتي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته يقينن شايد اهي مختصر لفظ به اسان وٽ موجود نه هجن جن کي اسين خراج عقيدت پيش ڪرڻ يا انهن جي ڪردار متعلق ڪجهه بيان ڪري سگهون، بهرحال حقيقت اها آهي ته هن سرزمين جنهن ۾ اڄ اسين پنهنجي سوچ، خيال ۽ فڪر سان گڏوگڏ پنهنجي مرضي مطابق جتي زندگي گذاري رهيا آهيون، انهي سرزمين ڪيترن ئي انقلابن ۽ هاءُن ڏاريندڙ داستانن کي سٺو آهي جنهن کان پوءِ اڄ اسين پنهنجي مرضي ۽ خواهشن مطابق زندگي گذارڻ جي لائق ٿيا آهيون، هن پاڪ وطن جي آزادي ۽ حاصلات واري تحريڪ جو باني قائد اعظم محمد علي جناح به سنڌ سان تعلق رکندڙ هو ته وري اها سنڌين جي سنڌ اسيمبلي ئي ته هئي جنهن پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ جي حق ۾ پهريون ‎ٺهراءُ منظور ڪيو هو، بهر حال اسان اڳ ۾ ئي اهو ڄاڻائي چڪا آهيون ته اسين ان ڳالهه کان قاصر بڻيل آهيون ته سنڌ جي سپوتن جو ڪردرا بيان ڪرڻ اسان جي وس کان بلڪل ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جا ڪردرا ئي ته اهڙا هئا جو اڄ اسان کي فخر ۽ پنهنجي زندگي جي باري ۾ سوچڻ ۽ ڪجهه لکڻ سان گڏ انهن جي راهه تي هلڻ بابت مجبور ڪري رهيا آهن، انهن انمول ڪردارن ۽ عظيم هستين مان ڪربلا جي ميدان ۾ راهه حق تي هلندي يزيديت سان مهاڏو اٽڪائي اسلام کي تاقيامت زنده رکندڙ حضرت امام حسين عليه السلام جي ئي خاندان سان تعلق رکندڙ سندس ئي خاندان جو چشم و چراغ برصغير جي امام العارفين سيد المرشدين حضر پير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي رهبر جي اڱڻ تان جنم وٺندڙ پير سيد صبغت الله شاهه راشدي سورهيه بادشاهه به هڪ آهي، جنهن پنهنجي عقل و علم ۽ روحاني خوبين سبب دنيا ۾ پنهنجي ناني ، آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي دين مبين کي هن خطي ۾ ڪامياب بڻائڻ ۽ انگريز سامراج جهڙي پليت ارادن، (جن جو مقصد صرف ۽ صرف هن خطي جي ماڻهن کي پنهنجا غلام بنائي هن خطي جي مٿان پنهنجي حاڪميت تسليم ڪرائڻ ۽ قبضو ڪرڻ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي مقصد هئا جنهن سبب اسلام ۽ ٻين قومن جي مذهبي عقيدن کي پڻ ڇيهو رسڻ جو خدشوهو) کان پاڪ بڻائڻ لاءِ وطن يا ڪفن جو نعرو هڻي انهن سامراجن جي خلاف هڪ منظم طريقي سان جدوجهد شروع ڪئي، جيڪڏهن اسين ڪجهه گهڙيون تاريخ جي مٿان غور ڪندي سوچ ويچار ڪريون ته معلوم ٿيندو ته جڏهن به ڪنهن کي به ڪنهن سان به محبت (جيڪا حقيقي جذبن ۽ احساسن سان گڏوگڏ باطني ۽ ظاهري به هجي) ٿي ويندي آهي ته يقينن انهي محبت کي آزمائشن کي ته منهن ڏيڻو پئجي ٿو، پر محبوب ۽ مطلوب جي وچ ۾ جيڪو ناتو ۽ رشتو قائم ٿئي ٿو، اُهو اِهو هوندو آهي ته ان محبوب ۽ مطلوب جي درميان جيڪو فاصلو پيدا ٿيندو آهي اهو ڪنهن به قيامت کان گهٽ ناهي هوندو، ٻيو ته هو جڏهن هڪٻئي کان پري رهن ٿان تڏهن دلين جي اندر جيڪا باهه اڀرندي آهي انهي باهه جي تپش ايتري ته خطرناڪ ۽ خوفناڪ هوندي آهي جو انسان پنهنجي حسين و جميل زندگي کي الوداع چوڻ ۾ دير ناهي ڪندو، اهو ئي ته سبب هيو جو برصغير جي عظيم محبوب سپوت وطن شهيد اعظم پير سيد محمد صبغت الله شاهه راشدي سورهيه بادشاهه جڏهن انگريزن خلاف سرعام بغاوت جو اعلان ڪيو ته ان وقت سندس جانثار حرمجاهدن محبوب ۽ مطلوب واري واٽ اختيار ڪندي پنهنجي جانين کي پيارو ڪرڻ بجاءِ پنهنجي محبوب مرشد جي نالي ڪري شهادتن کي ترجيح ڏني پر انگريزن جي غلامي کي قبول نه ڪيائون، اهو ئي ته سبب هو جو انگريزن اهو پئي چاهيو ته اسين آزادي جي امام پير سائين سورهيه بادشاهه کي حرن کان دور ڪري حرن جي مٿيان سختيون ڪري پنهنجي تابع ڪنداسين، شايد اهي يا ته ڪنهن گمراهي ۾ ٻڏل هئا يا ته وري يزيديت سان مهاڏو اٽڪائي اسلام کي هڪ ڀيرو ٻيهر قيامت تائين زنده رکڻ لاءِ يزيديت سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي غلامن جي مجموعي قرباني ڏئي دنيا ۾ قرباني جو هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو، انگريزن انهي تاريخي نصيحت ڀرئي واقعي مان ڪجهه به حاصل نه ڪيو هو، تڏهن ته ائين ٿيو هو جو پيرسائين پاڳارو انگلينڊ ۾ جلاوطن ٿيل هيو ۽ انگريزن پنهنجي پنهنجي وسان ڪو نه گهٽايو ته حرن کي اسين پنهنجي تابع ڪريون، هڪ حقيقي ڪهاڻي نه بلڪه عملي طور ۽ اها ڳالهه هئي ته انگريزن ظاهري طور ته پيرسائين پاڳاري سورهيه بادشاهه کي جلاوطن ڪري پنهنجي جانثارن کان دور ته ڪيو پر حرن جي دل، ايمان ۽ اعتقاد مطابق پير سائين سورهيه بادشاهه هر پل حرن جي رهنمائي ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ ته مريدن کي پير سائين روضي ڌڻي رهبر جو اهو قول زندگي ڏک ۽ سک جي موقعي تي ياد هو، جيڪو قول برصغير جي امام العارفين پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رهبر فرمايو هو ته منهنجو مريد ڪٿي به هجي، سچي دل ۽ نيڪ نيتي سان جڏهن به ڪا به تڪليف اچي ته مون کي پڪار ڪندءو ته آئون هر وقت توهان سان هر ڏک ۽ سک ۾ گڏ هوندس، کڻي اهو منهنجو مريد دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڇو نه ويٺل هجي، انهي ڪري ته انگريزن پير سائين سورهيه بادشاهه ۽ حر مجاهدن کي الڳ ڪري به ڪاميابي حاصل نه ڪئي. انگريزن پاڳارا خاندان ۽ حرن جو ڇا ڇا نه بگاڙيو، جيڪو نظر ٿي آيو سو سڀ ڪجهه چٽ ڪري ڇڏيائون، ايستائين جو انهن بهادر حرن جي معصوم ٻارڙن سان گڏ عورتن ۽ ضعيفن کي به قيد ڪري مٿن قهري ڪارروايون ڪري بي رحم سختيون ڪيائون. انگريز جيڪو پنهنجي پاڻ کي اڄ وانگر انهي وقت ۾ به سڄي دنيا جو سپر پاور آف دي ورلڊ چورائيندو هو، انهي سپر پاور طاقت هجڻ جي ڪري انهن پنهنجي سموري طاقت پاڳارا خاندان ۽ حرن جي مٿان استمعال ڪئي، ليڪن پوءِ به ناڪامي سندن مقدر بڻجي وئي، ظاهري طور تي مرشد مربي ۽ حر مجاهد شهادت جو تاج پائي هن دنيا کي الوداع ڪري ويا، ليڪن انهن هيروز جي ناڪامي نه ٿي هئي، بلڪه ڪاميابي ٿي هئي، ڇاڪاڻ ته جيڪو ماڻهو پنهنجي ضمير مطابق فيصلو ڪندي غلامي کي ترجيح ڏيڻ بجاءِ هن فاني دنيا کي الوداع ڪندي شهادت کي ترجيح ڏئي ته يقينن ان جي ناڪامي ناهي ٿيندي بلڪه ڪاميابي هوندي آهي ۽ ناڪامي ان جي هوندي آهي جيڪو هن جي مٿان پنهنجو فيصلو زوري مڙهيندي ان کي موت جو نشانو بڻائيندو آهي.اڄوڪي سج (جنهن جي عمر جو ته اسان کي اندازو ناهي، بهر حال هن سج (جنهن پنهنجي تاريخ ۾ ڪيترائي ڏکيا، اڻ وڻندڙ ۽ بي رحم موت ۽ قهري داستان ڏٺا هوندا) ليڪن مون کي چوڻ جو حق ڏنو وڃي ته آئون اهو چوڻ جي لائق آهيان ته هن سج جيڪڏهن سموري تاريخ ۾ جيڪڏهن وڏي ۾ وڏا انقلاب ڏ‎ٺا هوندا ته يقينن اهي ٻه انقلاب اهڙا آهن جن جي باري ۾ ٿورو سوچڻ کان پوءِ انسان جو دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو، اهي ٻه انقلاب جن مان هڪ انقلاب حضرت امام حسين عليه السلام جي ڪربلا جو انقلاب آهي ۽ ٻيو انقلاب ڪنگري ڪوٽ جي محبوب ۽ حضرت امام حسين عليه اسلام جي خاندان جو ئي چشم چراغ حضرت پير سائين سيد صبغت الله شاهه راشدي سورهيه بادشاهه جو انقلاب آهي، فرق صرف ايترو آهي ته اتي يزيديت قهري ڪاررواين ۾ مصروف عمل آهي، هتي وري يزيديت جا غلام حضرت امام حسين عليه اسلام جي ٻچڙي کي پنهنجي تابع ڪرڻ لاءِ سموريون طاقتون استعمال ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن، انهن واقعن کي بيان ڪرڻ لاءِ اهي لفظ گهرجن، جنهن مان اسان انهن شهيدن جي ڪردارن کي بيان ڪري سگهون، اهي ليکڪ ، اهي اديب ۽ اهي اسڪالر ڪٿان آڻينداسين جيڪي انهن عظيم سپهه سالارن جي زندگي ۽ شهادت متعلق هتان هتان ڳولهي دنيا کي اهو ٻڌائن ته اڄ اسان کان دنيا ايتري خوفناڪ ڇو آهي، اسين ڇا هئا سين ، ڇا آهيون ۽ ڇا هونداسين؟ اڄ سموري دنيا جي دهشتگردي اسان کي ناڪام ۽ ختم ڪرڻ جا هربا ڇو استعمال ڪندي اسان کي ميٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، يقينن انهن شهيدن جو شان ۽ مرتبو اڃا مٿي آهي، عالم جي زبان سڪي ويندي، سموري دنيا جي سمنڊن کي مس ۽ زمين کي ورقن جي طور تي ڪتب آڻيون ته اهي سڀ ڪتب ۾ ايندڙ وسيلا کٽي ويندا ليڪن ڪربلا ۽ ڪنگري ڪوٽ جي داستانن کي بيان ڪرڻ اڃا به اسان جي وس کان ٻاهر آهي، ان ڳالهه جو اندازو اسان ان مثال سان لڳائي سگهون ٿا ته اڄ اها ساڳي درگاهه اڳ کان اڳڀري ۽ سڀني درگاهن کان مٿي آهي، اڄ جتي اسان جي ولين جي درگاهن جي ميلن تي سازن آوازن جا ڌن ٻڌڻ ۾ اچن ٿا اتي هن درگاهه جي اڱڻ تي الله اڪبر، يارسول الله ۽ ڀيڄ پاڳارا جون صدائون هجن ٿيون، هر طرف درود سلام جا منظر هجن ٿا، اڄ جڏهن هر ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي باري ۾ ڳالهائڻ جو زمانو آهي اتي پيرسائين پاڳارو ۽ حرمجاهد ملڪ جي قانون، سٺي تعليم ۽ تربيت سان گڏ ٻين جي خيرخواهي ۽ پنهنجي مستقبل سڌارڻ توڙِ ملڪي قانون تي عمل جي ڳالهه ڪن ٿا، اڄ جتي سموريون سياسي ڌريون ٿوري گهڻي اشو جي ڪري روڊن جي مٿان اچي ڪري هن جديد ميڊيا جي دور ۾ ملڪ کي بدنام ڪرڻ جون سازشون ڪن ٿيون اتي پيرسائين پاڳارو ۽ سندن حرمجاهد خاموش ۽ گهرن تائين محدود رهڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا. اڄ اهي حر مجاهد نه صرف پڙهيل لکيل آهن بلڪه دنيا جي اعلى تعليم يا فته ادارن جون ڊگريون حاصل ڪري رهيا آهن، جن جي مٿان پڙهڻ ۽ لکڻ ته ٺهيو پر صرف پنهنجي مرشد جو نعرو لڳائڻ جي به آزادي نه هئي، اڄ اها جماعت پاڪستان جي خوشحال ترين جماعت آهي، جنهن جا ڪک، پن، ۽ گهر سڀ تباهه ڪيا ويا، اڄ اها سنڌ اسيمبلي حرن ۽ پاڳارا خاندان کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جا ٺهراءُ منظور ڪري رهي آهي جيڪا انگريز دور ۾ حرن کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جا ‎ٺهراءُ منظور ڪندي هئي.بهر حال اهي سڀ راه حق جا شهيد هئا جيڪي هن پاڪ وطن جي آزادي واري تحريڪ ۾ حصو وٺي پنهنجي اعلٰيٰ ظرفي ۽ پنهنجي ضمير مطابق زندگي گذارڻ جو درس ڏئي پاڻ شهادت جا تاج مٿي تي رکي هن فاني دنيا کي ته الوداع ڪري ويا پر هاڻي اسان اهو سوچڻو آهي ته هن وطن جي آزادي لاءِ اسان جي وڏن ڇا ڇا نه ڪيو ۽ هاڻي اسان کي ان وطن جي مضبوطي جي لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڪيئن هڪ مستحڪم قوم بڻجي پنهنجي ملڪ جي حفاظت ۽ سار سنڀال ڪيئن ٿا ڪري سگهون. اڄ سڄي دنيا جون نگاهون اسان تي آهن ته اجهو ختم ٿين ٿا، ليڪن اڃا اسان جي مٿان پير سائين پاڳاري جي رهنمائي ۽ شفقت ڀريو هٿ موجود آهي (۽ الله ڪندو تاقيامت تائين اها رهنمائي ۽ شفقت ڀريو هٿ قائم ۽ دائم رهندو) انهي ڪري اها دهشتگردي ۽ سڀ آزمائشون اسان جا حوصلا خطا نٿيون ڪري سگهن، چوڻ وارا چوندا رهندا، هلڻ وارا هلندا رهندا، اسين پنهنجي رستي تي هلندارهنداسين، چاهي کڻي ڪهڙي فيلڊ ۾ به ڇو نه هجون، ڇاڪاڻ ته اصل ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن قيادت هڪ مضبوط ۽ پختي ارادي جي مالڪ آهي ته اها ڪڏهن به پنهنجي غلامن کي اڪيلو ناهي ڇڏيندي، اسان کي فخر آهي جو اسان کي پنهنجي مقدر ۽ قسمت ۾ پير سائين پاڳاري جهڙو عظيم ۽ محبوب اڳواڻ مليو آهي، جن جي تاريخ جي باري ۾ اسان اڳ ئي بيان ڪري چڪا آهيون ته اسان بيان ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهيون، ڇو ته انهن عظيم هستين جي تاريخ ۽ آئون ادنا بيان ڪريان؟ ڇا اهو ممڪن آهي؟ يقينن جواب ايندو ته اها بي ادبي ٿيندي، بهرحال اسين نوجوان پڙهندڙن کي اهو يقين ٿا ڏياريون ته پير سائين پاڳاري جي مريد هجڻ جي ناتي اسان پنهنجي ملڪي سوچن ۽ پنهنجي ضمير جي باري ۾ ڪو به غلط فيصلو نه ڪنداسين، جيڪو ملڪي مفاد جي خلاف ۽ اسان جي مستقبل جو دشمن فيصلو ثابت ٿئي. آخر ۾ سمورن اقتدار ڌڻين کي اها گذارش ڪندس ته خدارا پاڪستان جي آزادي ۾ سڀ کان وڏو ڪردار پير سائين پاڳاري ۽ ان جي لکين جانثار حرن جو آهي، ان جي نالي تي اڄ اسان جي نوجوان نسل کي ڪا به ڄاڻ نه آهي، خير جيڪڏهن اوهان ڪجهه نه ڪيو ته تاريخ ضرور اسان کي ياد ڪندي، پر ڀلو انهي ۾ آهي ته مهرباني فرمائي پير سائين پاڳاري جي خاندان بابت نوجوان نسل تائين ڄاڻ پهچائڻ اگر مناسب سمجهو ته حوصلا افزائي ٿيندي. بهرحال وقت جي اجازت نه ڏيڻ سبب صرف چند لفظ لکي سگهيس، پڙهندڙ خصوصي طور حرجماعت جي نوجوانن کي گذارش آهي ته مهرباني فرمائي هن مضمون بابت ڄاڻايل ميل ايڊريس تي ضرور حوصلا افزائي يا غلطي جو احساس ڏياريندو ته مهرباني ٿيندي.
    (روزانه عبرت 20 مارچ 2011ع خصوصي ايڊيشن۔ آزادي جي علمبردار سورهيه بادشاه جي ورسي)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو