ڇا ڍڳي گاڏي موهن جي دڙي وارن کان اڳ جي ايجاد آهي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    عزيز ڪنگراڻي



    پٿر تي رنگن توڙي چِٽَن وسيلي آرٽ جي رواج جون تاريخي ثابتيون قديم پٿر جي زماني کان مليون آهن. غارن ۽ فطرت جي رحم ڪرم تي جھنگلي زندگي گُذاريندڙ ماڻهن جڏهن فطرت، فطرتي نظارن ۽ ڪارگذارين تي سوچڻ شروع ڪيو، تڏهن هن پنهنجي تصورن، سوچن ، مذهبي لاڙن ۽ منظرن کي پٿر تي تجريدي انداز ۾ ليڪڻ جو رجحان به حاصل ڪري ورتو ۽ پوءِ ارتقائي مرحلن مان گذرندي شاندار چٽسالي ۽ تصوير ڪشيءَ جي هُنر کي رسيو. دنيا سان گڏ سنڌو تهذيب جي تاريخ ۾ به هن نموني جي قديم آرٽ جي تاريخ جا مثال موجود آهن.

    هن سلسلي ۾ کيرٿر جابلو پٽي سنڌ جو نه رڳو قديم ترين حصو آهي، پر هيءُ پهاڙي سلسلو پنهنجي جھول ۾ صدين کان قديم تاريخي ۽ تهذيبي ورثو سانڍيندو پيو اچي. هن جابلو پٽيءَ ۾ قديم پٿر جي دور کان وٺي جديد پٿر جي دؤر ۽ ڪنجھي جي دؤر تائين جا آثار به آهن ته ڪنجھي جي دؤر کان انگريز دؤر تائين تاريخي ۽ تهذيبي ماڳن جا نشان به نمايان نظر اچن ٿا. سنڌ جي هن جابلو سلسلي ۾ موجود تاريخي ۽ تهذيبي ورثو سنڌ جو قيمتي ورثو آهي.

    کيرٿر جابلو سلسلي ۾ ٻين ماڳن کان علاوه جيڪي چٽسالي ۽ چٽن(Rock carvings) جا ماڳ آهن، سي نهايت قديم آهن. پٿر تي ڪنهن نوڪدار ۽ تيز ڌار واري اوزار سان جانورن، ماڻهن يا مذهبي علامتن جون تصويرون اُڪيرڻ يا قديم لکتن ۾ پنهنجن مذهبي تصورن يا علامتي اظهارن جي نقش ڪڍڻ واري ھُنر جون تاريخي شاهديون، تاريخ کان اڳ واري زماني جون مليون آهي. هونئن ته پٿر تي نقش نگاري يا چٽساليءَ واري آرٽ جي هن نموني کي 30 هزار کان 25 ھزار قبل مسيح پراڻو به ڄاڻايو ويو آهي پر پٿر تي هن قسم جي ھُنر جو دؤر 12 ھزار کان 6 ھزار قبل مسيح پراڻو ٻُڌايو ويو آهي، يعني هيءُ هُنر پٿر جي جديد دؤر (Neolithic) ۽ ڪنجھي جي دؤر ( Chalcolithic) جو ڄاڻايو ويو آهي.

    هونئن ته کيرٿر جابلو سلسلي ۾ ضلعي ڄامشوري کان قمبر- شھداد ڪوٽ ۽ جيڪب آباد تائين نقش نگاريءَ يا چٽن وارا اهڙا کوڙ ماڳ موجود آهن پر هتي دادوءَ جي سرحدن ۾ تعلقي جوهيءَ جي اولهه ۾ ڪافي اهڙا ماڳ آهن، جتي لاتعداد ۽ شاندار چِٽ موجود آهن. اهي اڪثر ماڳ قدرتي وهندڙ چشمن يا ڪُنبن جي آس پاس لَسن پهاڙن تي اُڪيريل آهن. اُنهن ۾ سدو مدو يا سبزو مزو ڊرهه (ٽڪري)، پِپُل ڪُنب يا ڀُورا دڙا، حُر ڍورو، نُنهن جھُڏڙو ڪنب، ڪلري يا ساروني ڍورو، کاشاني ۽ نڙاني گُڙاني اهم آهن. هنن سڀني ماڳن وٽ پهاڙين تي رائيٽ سِواستيڪا، ٻُڌ مت جا ٺُل، عورتن، گھوڙن، اُٺن، ٿُوهي وارن ڍڳن، بگھڙن، گھوڙي، سُوئرن ۽ هڪ سڱن جانورن ۽ انهن تي سُواري ڪندڙ ماڻهن، تير ڪمان سان شڪار ڪندڙ شڪارين، سرھ، گڊ ۽ شينهن جا چِٽ به ملن ٿا ته بگھڙ سان لڙندڙ ماڻهن، ستارن، گڊ کي داڻو ڏيندڙ ماڻهن جون تصويرون پڻ اُڪريل آهن. پراڻين لکتن ۾ ڪي عبارتون ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ علامتون به اڪريل نظر اچن ٿيون. هنن ماڳن تي سنڌ جي قديم راند نَؤٽڻ جا نقشا به چٽيل آهن. ساروني يا ڪلري ڍوري وٽ ڍڳي جون تمام گھڻيون تصويرون چٽيل آهن پر هتي هڪ تصوير، جنهن گھڻو ڌيان ڇڪايو آهي، سا آهي ڍڳي گاڏيءَ جي تصوير، جنهن ۾ ڦيٿن ساڻ سڄي ڏاند گاڏي اُڪريل آهي ۽ اُن ۾ ڏاند جوٽيل آهن. جنهن پٿر تي ڏاند گاڏي اُڪريل آهي، سو تمام سخت ۽ آئرن راڪ جو نمونو آهي. هُونئن به پِپُل ڪُنب، حُر ڍوري ۽ ساروني يا ڪلري ڍوري ماڳ وارا جبل، جن تي چِٽَ چِٽيا ويا آهن، سي تمام سخت آهن.

    هنن ماڳن تي اُڪريل تصويرن ۽ مختلف مذهبي علامتن جي روشنيءَ ۾ اهو واضح نظر اچي ٿو ته هتي سڀ چِٽ ساڳئي دؤر جا نه آهن، اهي چِٽ مختلف دؤرن ۾ چٽيا ويا آهن پر پِپُل ڪُنب يا ڀُورن ٽڪرن وارو ماڳ، حُر ڍوري وارو ماڳ ۽ ساروني يا ڪلري ڍوري وارر ماڳ ڪنهن به طرح 6 هزار سال قبل مسيح کان گھٽ قديم نه آهن. تنهن ڪري هنن چٽن ۾ اُڪريل ڍڳي گاڏي ڌيان ڇڪائيندي سوال اُٿاري ٿي ته ڇا ڍڳي گاڏي موهن جي دڙي جي دؤر کان به اڳ موجود ۽ استعمال ۾ هُئي؟ جيڪڏهن چٽن جا ماڳ ۽ پٿر تي هن ريت اُڪر جو ڪم 12 کان 6 ھزار سال قبل مسيح قديم آهي ته پوءِ يقين سان چئي سگھجي ٿو ته ڏاند گاڏي موهن جي دڙي وارن جي نه پر اُنهن کان اڳ سنڌ واسين جي ايجاد آهي.

    هن سلسلي ۾ تحقيق جو ڦيٿو چُرندڙ ڦرندڙ آهي. هنن ماڳن توڙي هنن جي قدامت تي ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي. جيڪڏهن هنن چِٽن ۽ انهن جي قدامت بابت تحقيقي ڪٿ جو ڪم ڪندي ثابت ڪيو وڃي ٿو ته چِٽن يا پٿر ٿي اُڪر جو هيءُ رواج ۽ ماڳ موهن جي دڙي جي تهذيبي دؤر کان قديم نه آهن ته ٺيڪ، نه ته مان ان راءِ تي قائم رهندس ته ڦيٿو يا ڍڳي گاڏي موهن جي دڙي جي تهذيبي دؤر کان اڳ اوائلي ھُنرمند سنڌين ايجاد ڪئي، جيڪا موهن جي دڙي واري تهذيبي دؤر ۾ به رائج رهي ته اُن کان پوءِ به ڍڳي گاڏي جڙندي ۽ استعمال ۾ ايندي رهي آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بهترين ليک سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو