ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو وڇوڙو: هڪ دور جي پڄاڻي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    ٽنڊي ڄام ۾ رهندو هئس، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر سان نيازمندي هئي، سو سويرو سويرو ڪامريڊ صاحب ماڻهو موڪليو ته جلدي اچ، اڄ مهمان ٿو اچي، ميزبانيءَ ۾ تون به شريڪ ٿي. آئون پهتس، ڇا ڏسان ڪامريڊ صاحب جي گهر جي اڳيان واري باغ ۾ ڪناتون لڳي ويون، گلم وڇايا ويا. خبر پئي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٿو اچي. ڊاڪٽر صاحب سان اها منهنجي پهرين ملاقات هئي. اتي سگهڙن جي ڪچهري، ڳجهارتن ۽ مولودن کان وٺي درگاهه محمد فقير کٽياڻ جي صوفي راڳين جي راڳ تائين سڀ شغل ٻڌاسين. ان کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ جتي به ڊاڪٽر صاحب ويندو هو، ڪوشش ڪري اتي پهچندو هئس. اهو ڪهڙو موضوع آهي، جنهن سان ڊاڪٽر بلوچ نڀايو ڪونه هو! مرحوم غلام رباني آگري ”جهڙا گل گلاب جا“ ۾ ٻيڙي فقير ڪنڀار واري خاڪي ۾ لکيو آهي ته، ڪيٽي بندر ۾ سيٺ نور محمد جي اوطاق ۾ ٽڪياسين، رات جو مانيءَ کان پوءِ واري محفل ۾ ٻڌايائون ته اسان وٽ اڳ صرف ٻه ماڻهو آيا، هڪ سياسي، ٻيو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جيڪو سگهڙن جا پيرا کڻي هت پهتو هو، پر رڳو ڪيٽي بندر نه، جتي به وياسين، اتي ٻڌايائون ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب هتي به دعا جا پير گهمائي ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب رڳو لوڪ ادب جو مواد ئي گڏ ڪونه ڪيو پر ڳوٺن ۾ ادبي سگهڙن کي اتساهيو ۽ همٿايو، ٻهراڙيءَ جي سطح تي ادبي سجاڳي آندائين. 1937ع ۾ علي گڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ پير صاحب پاڳاري ۽ سندس ڀاءُ نادر علي شاهه مرحوم سان گڏ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ايم اي ايجوڪيشن 1949ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان ڪيائين. آمريڪا مان پاڪستان اچي ملازمت ڪيائين، جيڪا 1951ع ۾ ملي هئي. 4 فيبروري 1952ع تي جڏهن پير صاحب پاڳاري جي لنڊن مان واپسي ٿي ۽ گادي بحال ٿي ته ڊاڪٽر صاحب اها سڄي ڪارروائي پاڻ هلائي هئي. 1973ع کان 1976ع تائين سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جو وائيس چانسلر به رهيو. 1980ع کان 1982ع تائين بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس چانسلر رهيو، جڏهن ته 1993ع ۾ نگران وزير تعليم ۽ زراعت به رهيو ۽ 1991ع کان وٺي 19993ع تائين سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو چيئرمين به رهيو. ان کانسواءِ ڪيترن ئي سرڪاري، غير سرڪاري ادارن جو ميمبر به رهيو هو، مثال طور: سينٽرل اردو بورڊ، لاهور، سينڊيڪيٽ ۽ سينيٽ ڪميٽي يونيورسٽي آف سنڌ، پاڪستان هسٽاريڪل ريڪارڊ ۽ آرڪيائيوز ڪميشن، انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان، گورننگ باڊي سر سيد يونيورسٽي، وغيره وغيره. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ڪيترائي ايوارڊ مليا. پرائيڊ آف پرفامنس 1979ع ۾، صدارتي ايوارڊ ستاره امتياز 2001ع ۾، صدارتي ايوارڊ اعزاز ڪمال 1991ع ۾ ۽ تازو 23- مارچ 2011ع تي به صدارتي ايوارڊ مليو. ڊاڪٽر صاحب طبيعت جي ناسازيءَ سبب اسلام آباد نه وڃي سگهيو. ڊاڪٽر صاحب جي علمي، ادبي، تحقيقي خدمتن ۾ جامع سنڌي لغات، لطيفيات، سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ، سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ قاضي قادن، ميان شاهه عنايت، شاهه شريف ڀاڏائي، رساله غلام محمد خانزئي، نواب ولي محمد لغاري، سيف الملوڪ، سيفل نامه ۽ عبدي جو رسالو، جيڪو لياقت جوڻيجي تحقيق ڪري ترتيب ڏنو آهي، ان جو عالمانه مهاڳ به ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي. سندس زندگيءَ جو آخري سنڌي ڪتاب به خليفي غلام نبي لغاريءَ جو ڪلام، ڪلاسيڪل شاعريءَ تي مبني آهي. ڊاڪٽر صاحب جي وڇوڙي تي سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي.سنڌ ثقافت کاتو، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ سميت سڀئي ادارا ڊاڪٽر صاحب جو رهيل ڪم، جيڪو مرحوم پنهنجن آخري ڏينهن ۾ ترتيب ڏيئي ويو آهي، انهن کي شايع ڪرائين ۽ ”مهراڻ“ جو ڊاڪٽر بلوچ نمبر ڪڍي ڊاڪٽر صاحب جي خدمتن کي روشناس ڪيو وڃي. ڪالهه جڏهن تڏي تي ويٺاهئاسين ته قلندر شاهه لڪياريءَ چيو پئي،

    حافظ مهراڻ/ واوڙي اولڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو