• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسافر

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
مسافر

راھ رباني ۾ پنهنجو پاڻ کي رک
حق جي حساب کان واندي ناھِ وِکَ
ڏاڏل جي اٿئي الله جي عدو سان ٻَک
سجدا ڪرين لک قادر نه قبوليندئي


اندر جي انڌيري کي ڇا ڪري چنڊ جي چانڊاڻ
تن کي ڳوليندو ڪير جن پنهنجو وڃايو پاڻ
ڏاڏل ڇڳي ڇير ويا گهنگهرو موتي ملي نه ماڻ
جنين سڃاتو پنهنجو پان‌سي وري آيا واٽ تي

کڏ کوٽي جڏهن ڪاريگر کڻندئي قبر
ڀاڪر ڀري ڀاء هڻندئي ، مٿان ڀاري وجهندئي ڀَر
اڪيلو ڪري، کالي کٽ کڻي واپس ورندو ولر
پوءِ ڏاڏل خالق جا خابرو لهندئي خاص خوب خبر
جهڙي نيت جي نظر تهڙو انجام تو اڳيان ايندو​
 
Back
Top