• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رخسانه پريت آئون اُڏان جي ڄار نه وجهجان (غزل) رُخسانه پريت

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو، ڪالهه فيس بُڪ تي نيٽ گردي ڪندي سانئڻ رُخسانه پريت صاحبه جي هِي انمول شاعري نظر اچي وئي، سمپل سادي ننڍي وزن واري هن غزل جي هر هڪ بند ۾ هڪڙو پيغام آهي جنهن کي نه صرف شاعر پر عام ماڻهو به آرام سان سمجهي سگهي ٿو ، غريباڻي چترڪاري هن ٽي درجي واري شاعر نثارناز جي آهي۔ توهان جي نذر ڪريان پيو۔

آئون اُڏان جي ڄار نه وجهجان (رُخسانه پريت)​

206755_10150163219713216_794048215_6663226_1645413_n.jpg
 
جواب: آئون اُڏان جي ڄار نه وجهجان (غزل) رُخسانه پريت

کوڙ جدائي دل جي دڳ تي
هاڻ وٿي تون يار نه وجهجان

سائين نثار ناز سلام

سنڌ جي چوٽيء جي شاعره محترمه رخسانه پريت جي خوبصورت شاعري جي لاجواب چونڊ ۽ وري ان کي سهڻي رنگن ۾ سجائي پيش ڪرڻ تي اوهان کي سلام۔ محترمه جي التجا ۽ عرض آهي انهن معشوقن لاء جيڪي پيار جي راهن ۾ رنڊڪون ٿا وجهن ۽ عاشقن کي رلائيندا ٿا وتن۔ بهترين لفظن جو سنگم ۽ دل ۾ لهندڙ شاعري آهي۔ محترمه رخسانه چئي ٿي :

رات ساري جي اک ٽمي ٿيندي،
سحر ڪيڏي نه شبنمي ٿيندي!

سوچيو سيني اندر پٿر رکجي،
دل جي رکبي ته دل لڳي ٿيندي.

شهر تنهنجي اچي رُلي وڃبو،
گهٽي تنهنجي نه پر پُڇي ٿيندي!

نه ئي اکڙين جون عادتون مٽبيون،
نه ئي دل دادلي جهلي ٿيندي.

ڳولين ساگر جو ٻيو ڪنارو پيو،
توکان منزل پو ڪيئن لڌي ٿيندي؟

پاڻُ جي پيار کان پلي وڃبو،
پيڙ لونءَ لونءَ ۾ لازمي ٿيندي.

رڳو هڪ شخص ڇو ڀلا تڙپي،
پياس سڀ لئه پَتي پَتي ٿيندي!
 
جواب: آئون اُڏان جي ڄار نه وجهجان (غزل) رُخسانه پريت

واهه سائين واهه تمام بهترين۔۔۔
مهربانيون۔۔۔
 
جواب: آئون اُڏان جي ڄار نه وجهجان (غزل) رُخسانه پريت

ادي رخسانه تمام سٺو غزل ۽ پختو خيال سٽاء به سٺو واه واه ٻئي غزل سٺا ۽ وڻندڙ
 
Back
Top