تبديلي جا سفير ۽ سنڌ

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تبديلي جا سفير ۽ سنڌ
    بئريسٽر ضمير گهمرو

    [JUSTIFY] سنڌ سياست جي حوالي سان ته نه، پر حڪمراني ۽ سماج جي حوالي کان هڪ جامع رياست توڙي سماج رهيو آهي. سنڌ جي آجپي ۽ ان ۾بهتر سماج قائم ڪرڻ لاءِ سياست قربانيون ته گهڻون ورتيون، پر ان جو ثمر اڄ ڏينهن تائين عام ماڻهو کي نه ملي سگهيو. جڏهن ڏيهن جا ڏيهه ان جمود مان نڪري انقلاب آڻي رهيا آهن ۽ پنهنجي سماج کي تبديل ڪري رهيا آهن، اتي سنڌ پڻ عوام کي ڪجهه آڇڻ لاءِ پر ساهي رهي آهي.
    هن ملڪ جي سٺ سالن جي تاريخ ۾ ووٽ جو تقدس ته هونئن به پائمال رهيو آهي، پر جڏهن اهي ڳالهيون هاڻي هلي رهيون آهن ته ايندڙ چونڊون هن ملڪ جي تقدير بدلائڻ لاءِ هونديون ته اتي هاڻي سنڌ به پر ساهي رهي آهي ته ڇو نه هتي ووٽ ذريعي حڪومت ۽ سماج ۾ تبديلي آڻجي. ظاهري طور تي سنڌ ۾ ووٽ ذريعي حڪمراني جو حق وٺڻ ڏاڍو اوکو ڪم لڳي ٿو، پر جيڪڏهن عملي طور تي ڏسجي ته هروڀرو ايڏو اوکو به نه آهي. جڏهن سماج ڪلچر ڊي ۽ سنڌو ڊي تي ايڏي وڏي پيماني تي منظم ٿي سگهي ٿو، جو حڪمران مجبور ٿي ڪري پنهنجو جدا ڏينهن ملهائن ٿا ته پنهنجو مقدر تبديل ڪرڻ لاءِ آخر منظم ڇو نٿو ٿي سگهجي؟

    ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته گذريل سٺ سالن کان وڌيڪ عرصي دوران عوام هڪ ئي طبقي کي ووٽ ڏنو آهي، جنهن جو نالو آهي ڀوتار. اهو ڀوتار ڀل ته ڪهڙي به پارٽي جو هجي، پر هن پنهنجي تڪ تي اجاره داري مسلسل قائم رکي آهي، ڀل هو مسلم ليگ يا پيپلز پارٽي ۾ هجي، اهو هن لاءِ ڪو به عيب نه آهي. ڀل راتو رات پارٽيون تبديل ڪري، اها ڳالهه هن لاءِ معيوب نه آهي، پر سنڌ جي اقتداري مسند تي ويهڻ لاءِ هن اسلام آباد کان وٺي تر جي ڌاڙيلن سان ٻٽ ياري رکڻ کان نه ڪيٻايو آهي. ڀوتار جو مشترڪه قدر هڪ ئي آهي ته بيلٽ يا ڏنڊي جي زور تي اقتدار ۾ رهجي. ڏنڊي سان ته عام ماڻهو ۽ خلق خدا جي کڻي معيوب به ٿيندي هجي، پر جڏهن کين ووٽ جي آزادي هجي ته ڇا هو پنهنجي ڪلاس مان پاڻ جهڙا نمائندا چونڊي اقتدار جي مسند تي پاڻ نٿا ويهي سگهن؟ ۽ سنڌ جي حڪمراني ۾ گذريل 63 سالن جي جمود کي ٽوڙي نٿا سگهن؟ سنڌ جي عوام کي جڏهن به موقعو مليو آهي ته هنن اسلام آباد ۽ ڀوتارن جي خواهشن جي ابتڙ به فيصلا ڏنا آهن، پر اهي فيصلا ساڻن کي نه ته تعليم ڏئي سگهيا آهن، نه صحت، نه روزگار ۽ نه وري امن امان. باوجود ان جي ته سنڌ جي هاڻوڪي بجيٽ به پنجاب صوبي کان في ماڻهو جي حساب سان تمام وڌيڪ آهي، پر ان باوجود پنجاب جي مقابلي ۾ اسان وٽ سرڪار ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ڪا به قانون جي حڪمراني نه آهي، جيڪو ڏاڍو آهي سو گابو. ايتري تائين جو آزاد ۽ صاف بيوروڪريسي ۽ پوليس ڏيڻ بجاءِ ڀوتارن ان کي پنهنجو ڪمدار بڻائي ڇڏيو آهي، نتيجي ۾ ماڻهن جا خون لڙهيو وڃن، ملڪيتون کسجيو وڃن، گهر محفوظ نه هجن، اغوا عام رواجي ڏوهه هجي ۽ ڀوتار پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي استعمال کان به ڪين ڪيٻائين، اهڙي ششدر سنڌ ۾ جتي يونيورسٽيون ۽ تعليمي درسگاهون يرغمال هجن، قانون ڀوتار جي هٿ جو کيل هجي ۽ رياست روزگار ڏيڻ بدران کسيندي هجي، ان صورتحال ۾ عام ماڻهو جو طرز حڪمراني ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ منظم ٿيڻ هڪ فطري ڳالهه آهي.

    سنڌ ۽ تبديلي:

    جڏهن ڏيهن ۾ انقلابن جي ڳالهه هلي ته اتي ڊڪٽيٽرن کي عوام اقتدار تان لاهي ڇڏيو ۽ سرڪار کي گهر موڪلي ڇڏيو. هيءَ هڪ تمام وڏي تبديلي آهي، جڏهن آمر کي اقتدار تان ئي لاهي ڇڏجي، پر جتي ڪنهن حد تائين جمهوري سرشتو قائم آهي، چونڊون ٿين ٿيون، اتي سنڌ جو عوام پنهنجي ووٽ وسيلي پنهنجي طرز حڪمراني ۾ تبديلي لاءِ ته منظم آساني سان ٿي سگهي ٿو ۽ پنهنجا اميدوار جيڪي روايتي هرگز نه هجن، چونڊي وڏيرڪي آمريتي حڪمراني مان ته جان ڇڏائي سگهي ٿو. آخر سڄي عمر ڀوتار اسان جي قسمت ۾ ڇو آهي، جڏهن ته ان کي اقتدار تائين رسائڻ جو ذريعو به اسان ئي آهيون. ڀوتار سنڌ جي سياست ۾ ڪهڙي نواڻ ۽ جدت آندي آهي. ڀل ته هو اسلام آباد سان به ڪڏهن ڪڏهن مهاڏو اٽڪائي، پر مهاڏو به هن جي پنهنجي مفادن لاءِ آهي. اهڙو مهاڏو اٽڪائي هو اسلام آباد کان سنڌ کي مالي حق نٿو وٺي ڏي، پر پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪري ٿو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسلام آباد سان سنڌ جو مهاڏو سياسي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ رهيو آهي ۽ پهريون سياسي حق صوبي ۾ سنڌي عوام جي سياسي حڪومت قائم ڪرڻ آهي. ان حق جي تسليم ٿيڻ کان پوءِ ٻيو وڏو سوال اهو آهي ته اها حڪومت ڪير ڪري ۽ ڪنهن جي هجي. عام ماڻهو ۽ وچولي طبقي جي سرت ڀريل ماڻهن جي يا روايتي ڀوتارن جي. جيڪڏهن روايتي ڀوتارن جي هوندي ته اوهان اڳيان سنڌ جا حال ساريا پيا آهن، پر جيڪڏهن عوام ان سياسي جمود کي ٽوڙي اڳتي وڌندو ته اهو هڪ نئون انقلاب هوندو، جنهن ۾ عام ماڻهو ۽ وچولو طبقو اسيمبلي ۾ ايندو ۽ سياست ڪاروبار بجاءِ خدمت به گهرندي، جيڪا هينئر ناپيد آهي. چون پيا ته حسني مبارڪ 30 سال اقتدار تي رهيو ۽ ان مان ماڻهو تنگ هئا ته ڇا ڀوتار هتي حسني مبارڪ کان وڌيڪ عرصو اقتدار ۾ نه رهيا آهن، انهن کي هٽائي نٿو سگهجي؟

    رياست جا وسيلا ۽ آفيسون:

    سنڌ آئين جي آرٽيڪل 7 هيٺ رياست آهي. ان جا وسيلا ۽ آفيسون، ان جي اقتدار اعلى جو استعمال اسيمبلي ميمبرن، پوليس ۽ سول بيوروڪريسي جي هٿن ۾ امانت آهي. ان جو تصور ئي نه ڪرڻ گهرجي ته اهي وسيلا ۽ اختيار عوامي نمائندن ۽ سرڪاري آفيسرن کي عوام هڪ امانت طور نه ڏنا آهن، جيڪي صرف عوام جي ڀلي لاءِ ئي استعمال ٿي سگهن ٿا. پر جڏهن عوامي نمائندا ۽ آفيسر ٻٽ ٿي ان امانت ۾ خيانت ڪري اهي اختيار ۽ وسيلا پنهنجي ذات، گهر ۽ خاندان لاءِ استعمال ڪن ته ان کان ٻي وڏي خيانت آهي ئي نه. پر ڇا سنڌ جا وسيلا ۽ اختيار سنڌ جي عوام جي خوشحالي، امن، آجپي، تعليم، صحت، روزگار ۽ معاشي بهبود لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن؟ هرڪو ڄاڻي ٿو ته سنڌ صوبي جي 427 ارب رپيا بجيٽ آهي ۽ پنجاب جي آبادي ٻيڻ کان وڌيڪ هوندي به ان جي بجيٽ صرف 583 ارب رپيا آهي، پر اها ايڏي وڏي رقم سرڪاري ڪامورا ۽ عوام جا چونڊيل نمائندا ٻٽ ٿي ڪري هڙپ ڪريو وڃن. اسلام آباد کي سنڌ جي معدني ۽ قدرتي وسيلن تي ڇوٽ ڏيو ڇڏين. اسلام آباد ۽ ڀوتارن جو پاڻ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته هي رقم اوهان جي ۽ هيءَ اسان جي. ٻنهي پاسن کان سنڌ ڦرجيو وڃي ۽ ڇا اسين هڪ سماج طور هاڻي ان ڳالهه کي برداشت ڪري سگهون ٿا ته مليل امانت ۾ خيانت جي باوجود پنهنجي ووٽ جو حق ساڳين ڀوتارن جي حوالي ڪريون ۽ اهي اسان مٿان بدترين سياسي آمريت مڙهين؟ هي گذريل 63 سالن جو جمود آهي، مصر ۾ 30 سالن جو جمود هو، ان ڪري سنڌ ۾ هن ڪلچر کي هاڻ تبديل ڪرڻ فطري عمل آهي. نامياري صحافي علي قاضي اهو نعرو هڻي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

    تبديلي جا سفير:

    علي قاضي ان ڪري سماج کي ڪلچر تي منظم ڪرڻ کان اڳتي به سوچيو آهي ته ڇو نه جڏهن اسين ڪروڙن جي تعداد ۾ ڪلچر ڊي تي گڏ ٿي سگهون ٿا ته ووٽ واري ڏينهن پنهنجي قسمت ڇو نٿا بدلائي سگهون؟ ووٽ ڏيڻ لاءِ چونڊن واري ڏينهن تي صرف 25 کان 30 سيڪڙو ماڻهو وڃن ٿا، 70 سيڪڙو ماڻهو اهو حق استعمال ڪن ئي ڪو نه ٿا. ان جا ڪيترائي سبب آهن، پر انهن سببن کي ختم ڪري جڏهن ستل ۽ خاموش اڪثريت ڪلچر ڊي وانگر هڪ آواز ٿي ميدان ۾ نڪرندي ته هوند سنڌ جي سياسي قسمت تبديل ٿيندي. 63 سالن کان اسيمبلين ۾ ويندڙ ساڳيا چهرا ۽ ڀوتار خلق خدا کي به ڏسندا ته آخر اها ناانصافين کان تنگ ٿي سياسي اقتدار اعلى جي به دعوا ڪري سگهي ٿي، صرف ان لاءِ ته سياسي نظام ۾ جمود کي ٽوڙي ۽ حڪمراني ۾ تبديلي لاءِ راهه هموار ڪجي، جيڪا وک سنڌ لاءِ انقلاب جي برابر هوندي، ڇو ته گذريل ٽيهٺ سالن ۾ اهو ڪنهن نه سوچيو آهي ته ڪو عام ماڻهو به اسيمبلي ۾ پهچي سگهي ٿو. هيءَ تبديلي ڪنهن کي مخالفت ۾ نه وٺڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ هڪ گهر آهي ۽ ان ۾ ڪيئي گلدستا سمائجي سگهن ٿا. تبديلي جي ڳالهه ڪرڻ هروڀرو سنڌين جي اسلام آباد کان سياسي حقن واري ويڙهه کي ڪمزور ڪرڻ نه، پر ان کي حقيقي عوامي بنائڻ آهي. ان جي واڳ عوام جي هٿن ۾ ڏيڻ آهي، ان ڪري تبديلي جا سفير پاڻ کي منظم ڪري هڪ هنڌ گڏ ڪن، جيڪو پهريون مرحلو آهي.

    تبديلي جا سفير ڪيئن منظم ٿين؟:

    سنڌ جي تبديلي جي پانڌيئڙن ۽ سفيرن کي پنهنجا نالا فوري طور هن نمبر 03012172489 تي لکرائڻ گهرجن ۽ ان کان علاوه Facebook تي تبديلي جا سفير جي نالي هڪ پيج/صفحو ٺاهيو ويو آهي، جتي ميمبر ٿي هن سفر ۾ شرڪت ڪري سگهجي ٿي. مون کي يقين آهي ته سنڌ ۾ تبديلي لاءِ جاکوڙيندڙ لکين ماڻهو سنڌ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ آتا آهن، ان ڪري انهن جي رجسٽريشن ضروري آهي، جنهن لاءِ مٿيون نمبر جنهن تي سڄو ڏينهن ماڻهو حاضر هوندو، ان تي رجسٽريشن ڪرائي، سياسي سفر ۾ اهم وک وڌائي سگهجي ٿي، جنهن کان پوءِ ڀٽ شاهه ڪانفرنس ۽ ٻيا پروگرام رٿيا ويندا. ظاهر آهي ته فيس بوڪ تي انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ دوست ئي رجسٽر ٿيندا ۽ اهو صفحو کولڻ لاءِ www.facebook.com تي وڃي سرچ انجڻ ۾ تبديلي جا سفير لفظ لکي ان صفحي کي کولي سگهجي ٿو. ظاهر آهي ته تبديلي پسندن کي جيستائين هڪ لڙهي ۾ نه پوئبو، تيستائين انهن کي منظم ڪرڻ، پروگرام ٺاهڻ، ضابطي ۾ رکڻ ڪو آسان ڪم نه هوندو. ان لاءِ ضروري آهي ته تبديلي لاءِ سنڌ ۾ جاکوڙيندڙ لکين ماڻهو جيڪي سنڌ جو خوشحال آئيندو ڏسڻ چاهين ٿا، اهي پاڻ کي رجسٽريشن ذريعي منظم ڪن. ان کان پوءِ پروگرام جاري ٿيندو ۽ مستقبل جو لائحه عمل پڻ تشڪيل ڏيڻ لاءِ انهن سان ئي مسلسل رابطو ڪري سگهجي ٿو. هي هڪ تمام انقلابي قدم آهي، جيڪو نه رڳو سنڌ جي سياست ۾ جدت ۽ تبديلي آڻڻ لاءِ ڪتب ايندو، پر سنڌ ۾ ورهين کان جمود جو شڪار سياسي نظام جنهن ۾ انتظامي ۽ سياسي بدحالي گهر ڪري ويا آهن، کي بدلائي عوام کي هڪ نئين جاڳرتا ۽ اميد ڏيندو. هيءُ هڪ منظم سياسي شڪل اختيار ڪندو ۽ سياست جي روايتي طريقن کي آزمائڻ کان سواءِ سنڌ جي نوجوانن، ٻارن، ٻڍن، عورتن، شاگردن، هارين، مزدورن، صحافين، وڪيلن ۽ سماج جي هر فرد کي سنڌ لاءِ نئون اتساهه ڏيندو.[/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
  2. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: تبديلي جا سفير ۽ سنڌ

    ادا سليمان وساڻ صاحب، اوهان جي مهرباني جو اهڙي مفيد ۽ وقتائتي ونڊ ڪيو، سائين بالڪل اسان مان هر هڪ کي قومي بيداري لاءِ جاکوڙ ڪرڻ ۽ پتوڙڻ جي ضرورت آهي۔ جنهن جو بنياد بهترين مواد ۽ علم جي توسيع ۽ پکيڙ آهي۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تبديلي جا سفير ۽ سنڌ

    سائين تسنيمي صاحب لک مهرباني

    ابتدا ٿيڻ گهرجي باقي رب پاڪ مدد ڪندو۔ پر اڃان تائين اسان ڪو صحيح رخ ڏانهن وڌي ناهيون سگهيا

    دعا ڪيو ته دوست گڏ ٿين ۽ پنهنجون انائون ڇڏين
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تبديلي جا سفير ۽ سنڌ

    ڪجهه عرصي کان علي قاضي صاحب پاڻ پتوڙي رهيو آهي، سندس وڏو ڪارنامو سنڌ ثقافتي ڏينهن وارو آهي جنهن جو نعرو هڻي سنڌين کي هڪ لڙهي ۾ سهيڙيو ويو ۽ سنڌين ان جي موٽ ڏني، ان موٽ کي ڏسي سندس ذهن ۾ اهو خيال آيو ته ڇونه سنڌين جي ان گڏ ٿيڻ واري سگهه کي سنڌ جي فائدي لا استعمال ڪجي ۔۔۔؟ پر هاڻ دوست جيڪي سنڌ ۾ رهنٿا اهي ئي سندس خيالن ۽ نيت کي ڀلي ڀت پروڙي سگهنٿا ته آخر هي سنڌ دوست سڏائيندڙ حقيقت ۾ سنڌ دوست آهي يا نه ۔۔۔؟

    دوستو! پنهنجن تي يقين ڪرڻ گهرجي انهن کي مان ڏيڻ گهرجي پر اها خبر به وٺڻ گهرجي ته ڪٿي اهو دوست ڪنهن هنڌ استعمال ته نٿو ٿئي ۔۔۔ انڪري سنڌ سڄڻن کي ڦًوڪي ڦوڪي ڪم ڪرڻو پوندو ۔۔۔ ڇاڪاڻ کير جو سڙيل ڇاڇ به ڦوڪي پيئندو آهي ۔۔۔

    باقي رهيو فيس بڪ تي رجسٽريشن وارو مامرو ته مون ڪافي ڳولها ڪئي پر اهڙو ڪو پيج هٿ ڪون آيو ۔۔۔؟؟؟؟

    اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ تبديلي جي ضرورت آهي ۽ پو ڇونه پاڪستان جي موجوده مرڪز سان ئي ڪجهه سنڌ سڄاڻ ۽ سچا انسان ڪم ڪرڻ لا هوندا ته گهڻو ته نه پر پو به ڪافي فائدو رسائي سگهندا ۔۔۔ اچو ت پاڻ کي هر ميدان تي تيار ڪريون ۽ سنڌ ۾ تبديلي جي اهڃاڻن کي سڃاڻي ساٿ ڏئي ڪا وڻندڙ تبديلي آڻيون ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: تبديلي جا سفير ۽ سنڌ

    سائين بهترين ونڊ آهي .
     
  6. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: تبديلي جا سفير ۽ سنڌ

    سڄاڳي لا وقت لڳندو پر شروعات ٿي چڪي آهي
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تبديلي جا سفير ۽ سنڌ

    ادا سليمان سٺي ڳالهه آهي، لڳي ٿو اوهان به سائين علي قاضي صاحب جي تبديلي جا سفير ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي۔
    فيس بوڪ تي اهو پيج آئون وزٽ ڪندو رهندو آهيان۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تبديلي جا سفير ۽ سنڌ

    سائين اهو پيج هت آهي اوهان وزٽ ڪري سگهو ٿا، پر ان کي ڊيلي ڏسڻ سان ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ڇو ته مخالفن جا دليل به مضبوط آهن، ان پيج تي سائين علي قاضي صاحب جي ڪافي مخالفت به آهي، پر انهن مخالفن جون ڳالهيون سوچڻ جوڳيون ضرور آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو