• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا جي عجيب ٻيڙي !!!

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو! دنيا جي ترقي ڪرڻ جي رفتار ڏسي ۽ سنڌين جي ترقي ڪرڻ جي رفتار ڏسي روئڻ ۽ حيرانگيءَ سان گڏ ذهن ۾ هڪ سوال اڀروند آهي ته ڇا هيءَ قوم اڃان ڪجهه ان حالت ۾ رهي ته تباهه ٿيندي يا وري الائجي قوم جا ڏاها هن ماضيءَ جي سوڀاري قوم کي جيئاري وٺندا ....؟؟؟؟؟

برطانيا جي ڪروڙ پتي ۽ جاکوڙي مڙس سر رچرڊ برانسنSir Richard Branson پنهنجي جاکوڙي دوست ڪرس ويلش Chris Welsh ، 5 ڪانفرنس ڪري چيو ته هنن هڪ سمنڊ جي غوطاخور Virgin Oceanic Expeditions submarine ٻيڙي ايجاد ڪئي آهي، جيڪا تمام وڏن اونهن سمنڊن جي تري تائين وڃڻ جي سگهه رکي ٿي، هن ٻيڙيءَ ذريعي هو دنيا جي پنجن سمنڊن ۾ موجود اونهي کان اونهي تري ۾ وڃي ڪائنات جي حسن کي انسانذات آڏو آڻيندا ...

اي گت غواصن جيئن سمنڊ سوجهيائون،
پيهي جـــا پاتال ۾ ماڻـــــڪ ميڙيـائـــــون،
آڻـــــي ڏنـــــائون، هيـــــرا لعـــل هٿن سيـن.

دوستو! قوم جي مفڪر حضرت عبدالطيف ڀٽائي رحمت الله عليه اسانکي سوين سال اڳ مٿئين قسم جا سبق ڏئي ويو آهي، پر پوءِ به قومي زندگي اڳ کان بدتر ٿيندي وڃي ته خدارا سوچيو ته اسين ڪٿي نه ڪٿي غلط آهيون، سڌارو پئدا ڪريو، ٻي صورت ۾ تباهي مقدر آهي ...

رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ... آمين

پاڻ ڏسو؛

http://www.youtube.com/watch?v=F-L0MBh_AnI


http://imageshack.us


http://imageshack.us
 
جواب: دنيا جي عجيب ٻيڙي !!!

سائين مهرباني

رب پاڪ جي ڏنل عقل سبب انسان تمام گهڻيون ايجادات ڪيون آهن ۽ پوء ان ذريعي دنيا جي گهڻين شين کي ڳولڻ ۽ انهن تي پهچڻ ۽ مشاهدو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي۔

الله پاڪ جو ڪتاب قرآن شريف به اهڙي قسم جي اشارن سان ڀريل آهي صرف اسان کي تحقيق جي ضرورت آهي۔

انسانن جي ڪيل ترقيء ۽ ايجادات تي کيس سلام آهي
 
جواب: دنيا جي عجيب ٻيڙي !!!

مان هتي سائين طاهر سنڌي صاحب جي را۽ سان متفق آهيان

باقي سائين توهان جيڪا معلومات ونڊ ڪئي آهي سا صفا اصل لاجواب آهي

جاري رکجو سائين

سدائين گڏ
 
Back
Top