محمدجوادعسڪري
سينيئر رڪن
ڀارتي جاسوس گوپال داس 27 سالن بعد آزاد، ڀارت حوالي
لاهور(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري جي حڪم تي آزاد ٿيل ڀارتي جاسوس گوپال داس کي 27 سالن بعد آزاد ڪري واگها بارڊر تي ڀارتي عملدارن جي حوالي ڪيو ويو آهي، رپورٽ موجب 1984ع ۾ سيالڪوٽ بارڊر جي خلاف ورزي ڪندي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندڙ ڀارتي جاسوس گوپالداس کي ميانوالي، ملتان ۽ لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ رکيو ويو، صدر آصف علي زرداري 28 مارچ 2010ع تي ڀارتي سپريم ڪورٽ جي اپيل جو احترام ڪندي وزيراعظم گيلاني جي مشوري تي گوپالداس جي سزا معاف ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، گوپالداس جي 9 مهينا سزا اڃا باقي هئي، گوپالداس کي ڪالهه ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ڪيو ويو، واگها بارڊر تي صحافين سان ڳالهائيندي گوپالداس اعتراف ڪيو ته آئون پاڪستان ۾ جاسوسي جي مشن لاءِ آيو هئس، مون کي جاسوسي جي الزام ۾گرفتار ڪيو ويو هو، هن چيو ته پاڪستاني جيلن ۾ سٺو سلوڪ ڪيو ويو، ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستاني قيدين کي جلد آزاد ڪرڻ گهرجي، هن صدر آصف پاران معافي ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جو ٿورو مڃيو
ڪاوش نيوز