سچي دوستي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ محمدجوادعسڪري طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2011۔

  1. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    ”تمنا تون رافعه جي برٿ ڊي تي ڪهڙا ڪپڙا پهري رهي آهين؟“ غزل تمنا کان پڇيو، ”مان.... مان جيڪو نصيب ۾ هوندو اهي ڪپڙا پهرينديس ۽ غزل سچ پچ پڇين ته منهنجي دل ئي ناهي رافعه جي برٿ ڊي تي هلڻ جي،“ تمنا گهٻراهٽ ۽ پريشانيءَ مان چيو، غزل: ”تمنا تون ڇا پئي چوين! تون ڄاڻين ٿي ته مان ۽ خوشبو به رافعه جي برٿ ڊي تي هلنداسين ۽ تون هلڻ لاءِ دليون ٿي هڻين،“ ايتري ۾ خوشبو به اچي وئي، ”ڇو ڇا ٿيو آهي ڪير ٿو دليون هڻي،“ خوشبو غزل ۽ تمنا کي کلندي چيو، ”ڏس نه خوشبو تمنا رافعه جي سالگرهه تي نه هلڻ جا بهانا ٻڌائي رهي آهي،“ غزل خوشبو کي چيو، ”نه خوشبو ۽ غزل اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي توهان کي ياد آهي نه ته مهڪ جي برٿ ڊي تي مان اڌ ۾ هلي آئي هئس ڇو ته مان پاڻ کي عجيب محسوس ڪري رهي هيس، ڇو ته توهان سڀ اسان جي سنڌ جي ثقافت ۾ مهڪيل هيون، سڀني کي ڀرت ڀريل وڳا انهن تي گج ۽ ٽڪون ۽ وري وارن ۾ سڳيون توهان سڀ ڪيتريون نه پياريون لڳي رهيون هيون،“ تمنا ڏاڍي معصوميت ۾ چيو ”پر تمنا تون ته مهڪ جي برٿ ڊي ۾ سڀ کان مهانگو ۽ ٻاهرين ملڪ مان گهرايل وڳو پاتو هو، غزل تمنا کي چيو،“ ها غزل تنهن ڪري مان پاڻ کي عجيب محسوس ڪري رهي هئس ۽ منهنجي دل آهي ته مان به پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪريان ۽ مان رافعه جي برٿ ڊي ۾ ٽڪن سان ڀريل ڪپڙا پهري هلان، تمنا، غزل ۽ خوشبو کي چيو، ”پوءِ چري اسان ڇا جي لاءِ آهيون اسان تنهنجون سهيليون آهيون، مان ۽ غزل تون کي ڀرت ڀرڻ ٽڪون ٽاڪڻ ۽ سڳيون ٺاهڻ سيکارينداسين،“ خوشبو تمنا کي چيو، ”سچي!!!“ تمنا خوشيءَ مان چيو، پوءِ شام جو ٽيئي سهيليون بازار مان سامان وٺي آيون ۽ تمنا کي ڀرت ڀرڻ سيکاريو ڪجهه ڏينهن ۾ تمنا پنهنجو خوبصورت وڳو ٺاهي ورتو ۽ هو گڏجي رافعه جي برٿ ڊي ۾ ويون ۽ ٽيئي ڏاڍو خوش ٿيون، ڪجهه ڏينهن گذريا، خوشبو اسڪول ۾ ڏاڍي پريشان نظر آئي، غزل ۽ تمنا خوشبو کي پريشان ڏسي پڇيائون ته ”ڪهڙي ڳالهه آهي خوشبو؟“ ”منهنجي امڙ بيمار آهي ۽ مون کي اسڪول جي فيس به ڀرڻي آهي ۽ بابا به نوڪري مان نڪري ويو آهي ۽ منهنجي ننڍي ڀيڻ عيد تي نوان ڪپڙا وٺي ڏيڻ جو ضد ڪري رهي آهي،“ خوشبو پريشانيءَ مان چيو، ايتري ۾ اسڪول جي موڪل ٿي وئي، شام جو غزل تمنا جي گهر وئي ۽ تمنا به خوشبو جي ڳالهه تي پريشان نظر آئي، آخر تمنا ۽ غزل فيصلو ڪيو ته اسان پنهنجي خرچي مان ڪجهه پئسا بچائي خوشبو جي امڙ جو علاج ڪرائينداسين ۽ خوشبو جي ڀيڻ کي عيد جا ڪپڙا وٺي ڏينداسين ۽ خوشبو جي اسڪول جي فيس ڀرينداسين ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ انهن خوشبو جي امڙ جو علاج به ڪرايو ۽ خوشبوءَ کي خوش ڏسي غزل ۽ تمنا به خوش ٿيون، وري ڪجهه ڏينهن گذريا، غزل تمنا جي گهر اچي رهي هئي ته رستي ۾ سندس ايڪسيڊنٽ ٿي پيو، غزل جو ڏاڍو رت وهيو ۽ هوءَ بيهوش ٿي وئي، خوشبو به ڪنهن ڪم جي لاءِ تمنا جي گهر ڏانهن وڃي رهي هئي، رستي تي ڏٺائين ته غزل جو ايڪسيڊنٽ ٿي ويو آهي، هوءَ جلدي غزل کي اسپتال کڻائي وئي ۽ پوءِ خوشبو تمنا ۽ غزل جي گهر وارن کي غزل جي ايڪسيڊنٽ بابت ٻڌايو، غزل جو رت گهڻو وهي چڪو هو ۽ غزل کي ڪنهن جو به رت نه لڳي رهيو هو، آخر تمنا جو رت غزل کي لڳو ۽ تمنا غزل کي رت ڏئي سندس حياتي بچائي ورتي ۽ جڏهن غزل کي هوش آيو ته هوءَ تمنا ۽ خوشبوءَ کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي ۽ سندن شڪر گذار ٿيڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته توهان ٻنهي منهنجي زندگي بچائي آهي، جيڪڏهن خوشبو مون کي اسپتال نه پهچائي ها ۽ تمنا مون کي رت نه ڏئي ها ته شايد مان اڄ نه هجان ها، تمنا ۽ خوشبو چيو ته اهو ته اسان جو فرض آهي ۽ سچي دوستي اها هوندي آهي، جنهن ۾ هڪ دوست ٻئي دوست جي ڏکئي وقت ۾ ڪم اچي ۽ سندس ساٿ ڏئي، ان کي ئي سچي دوستي چئبو آهي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سچي دوستي

    دوستي تي مختصر ۽ سهڻي آکاڻي ونڊ ڪرڻ تي ٿورا دوست عسڪري صاحب”

    بيشڪ دوستي هڪٻئي کي سمجهڻ، هڪٻئي جي ڪم اچڻ ۽ هڪٻئي جي ڏک ۽ خوشي جي ساٿ جو نالو آهي ۔۔۔ جنهنکي سهڻي لطيف هن طرح سان بيان ڪيو آهي ۔۔۔

    دوست سڏائي سڀ ڪو جاني زباني،
    ٿئي آساني، ڪم پوي ته ڪل پوي۔

    دوست عسڪري، ڇا هي آکاڻي اوهان پاڻ لکي آهي؟ ۽ جيڪڏهن اوهان پاڻ لکي آهي ته خوب لکي آهي ۔۔۔ منظر نگاري، مڪالمه ۽ ڪهاڻي جو متن وڻندڙ آهي صرف لکڻ ۽ جملن کي ٿوري وٿي ۽ نئين پيرائن کي استعمال ڪجي ته اڃان سونهن پئدا ٿيندي ۔۔۔۔

    پر جيڪڏهن آکاڻي اوهانجي ناهي لکيل ته اوهان پيش ڪندي انجو حوالو ضرور ڏيندا ڪريو ۔۔۔

    لک ٿورا، اوهانجا ليک سهڻا ۽ سنڌ سلامت جي سونهن آهن

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سچي دوستي

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي .
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سچي دوستي

    ڪاوش ۾ ڇپندڙ برکا سنيها جي لکيل هي آکاڻي سچي دوستي جو هڪ سٺو مثال آهي۔۔۔
    محترم محمد جواد عسڪري صاحب ۔۔ سنڌ سلامت تي ايندڙ نوان رڪن جڏهن سنڌي ۾ هڪ اهڙو پليٽ فارم ڏسندا آهن جتي هو پنهنجا سمورا خيال ۽ جذبا آساني سان ونڊي سگهن ته اڪثر لکڻ جي معاملي ۾ جوش ۾ ايندا آهن ۔۔۔۔ سندن اهڙي جذبي جي اسان سمورا ساٿي قدر جي نگاهه سان ڏسندا آهيون۔۔ پر ياد رکو ڪنهن ٻئي جو لکيل ليک جيئن جو تيئن ونڊڻ وقت ليکڪ ۽ جاتي لکيو ويو جو حوالو ڏيڻ هرگز وساريندا نه ڪريو۔۔۔ جو سندس محنت کي ڪجهه داد به ملي سگهي ۔۔۔۔
    ليک ونڊڻ جي مهرباني۔۔۔
     
  5. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: سچي دوستي

    ڀاءُ پيارا مهرباني اوهان جي رهنمائي جي thanks آئنده اوهان جي خواهشن مطابق عمل ڪبو ۽ اوهان هڪ سهڻي پوائنٽ طرف منهنجو ڌيان ڇڪرايو
     
  6. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: سچي دوستي

    نه پيارا ڀاءُ هي آکاڻي ڪاوش جي نازڪ پيج تان مون ڪاپي ڪئي حوالو نه ڏيڻ تي معافي جو طلبگار آهيان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو