ادا ٻروچ صاحب؛
حق موجود؛
ادا سائين! اوهانجا لک ٿورا جو اوهان پنهنجي پسند، اسان سان ونڊ ڪريو ٿا، هي اردو زبان جو انتهائي وڻندڙ بيت آهي ... سٺو لڳو ... پر تنهن هوندي به هڪ عرض ڪندس ۽ ممڪن آهي ته اوهان پاڻ منهنجي ان ڳالهه سان سهمت ٿيندا ته هي فورم سنڌي زبان جي ترقي ۽ واڌاري لئه ڪم ڪري رهيو آهي ...
ادا ٻروچ سائين! اسان سڀني دوستن وٽ اردو مواد ايترو آهي جو جيڪڏهن موڪلڻ شروع ڪيون ته سنڌ سلامت جو ميدان اردو ادب سان ڀرجي ويندو ... ها ڪنهن به ٻوليءَ جو حوالو ڏيڻ پنهنجي جاءِ ته پر پورا بيت، ڪهاڻيون يا مقالا موڪلينداسون ته نتيجو اهو مٿيون ٿيندو ته ميدان اردو ٿي ويندو ...
دوست! جي اوهان وٽ ڪو سنڌي مواد آهي ته هن سنڌ سلامت جي ڌرتيءَ تي پوکيندا ته ممڪن اسان دوست ان جو ڦل حاصل ڪري وٺون ... اها سنڌي ٻوليءَ جي خدمت به ٿيندي ۽ اسان دوست به لطف اندوز ٿينداسون ...
وڌيڪ اوهان پاڻ سياڻا آهيو ... اميد ته ڳالهه سمجهندا ۽ دل ۾ نه ڪندا ... اوهانجي دوستي اسان لاءِ باعث خوشي آهي ...
نثار ابڙو
مڪو پاڪ