• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيکو اڀريو آهي تنهن کي لهڻو آهي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
جيکو اڀريو آهي تنهن کي لهڻو آهي

جيکو اڀريو آهي تنهن کي لهڻو آهي
جيکو ڄائو آهي تنهن کي مرڻو آهي

ظلم اڳيان ڪنڌ جهڪائي ڇو بيٺو آهين
سورهيه ٿي مر ، جي تو کي جيئڻو آهي

خودي کي نه کپاءِ تو خلق هٿان نادان
ملھ نه هتي هن جو توکي ڪو ملڻو آهي

الاتوهار ڪري ، واڳ ڌڻي جي وس
منزل تي پهچڻ کان پهريان نه بيهڻو آهي

عجب آهي هتي آدمي جو ونهنوار
کيل خدا کي تنهنجو جو ڏسڻو آهي

عزت آبرو ڪانهي دنيا جي زيب و زينت ۾
هن ريت جي گهر کي گهڙي ۾ ڊهڻو آهي

هن زندگي کان بعد به آهي هڪڙي زندگي
ڏاڏل هار هن کي جي هُن کي کٽڻو آهي​
 
Back
Top