عرس پريو
سينيئر رڪن
منهنجي سپني جي هر جهونڪي کي، تنهنجو خوشبو خواب ڇُهيو ٿو وڃي،
ڄڻ منهنجي شوق جي شهر منجهان، تنهنجو شوخ شباب گهميو ٿو وڃي۔
هر ٽٻڪي ۾اک تُڙڳي ٿي، هر جملي ۾ دل جهولي ٿي،
تنهنجي سونهن جي سٽِ سٽِ بابُ وڏو، ڄڻ قرب ڪتاب کليو ٿووڃي۔
مان ڳوڙها ڳاڙي سڏڪان ٿو، تون مونتي مُرڪين، سوچان ٿو،
ڄڻ موتين تي ٿو موتي ڏين، ها هينئن به حساب چڪيو ٿو وڃي۔
ڇو پڄري پاڻ پگهارين ٿو، ڇو ڦوههُ وهي هِينئن هارين ٿو؟
ڏي ساقي مونکي مئي اوتي، شيشي مان شراب اُڙهو ٿو وڃي۔
جي عشق بخاري اٿندو آ، ٻئي پار وڪوڙي ويندو آ،
بيباڪ ٿي مان جي ڀڙڪان ٿو، هُن جوحجاب اُٿيو ٿو وڃي۔
(استاد بخاري)