سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي نه آهي

'مختلف موضوع' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2011۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    اسان جي ڀاء غلام مصطفي ميمڻ صاحب هڪ موضوع ونڊ ڪيو جنهن ۾ انهن چيف جسٽس آف سنڌ جناب محترم مشير عالم صاحب جي اها ڳاله نقل ڪئي جن لکانو صاحب جي ڳاله سان اختلاف ڪندي اهو چيو ته سنڌ ۾ رهندر 100 ماڻهون سنڌي آهين

    چيف صاحب جي ان ڳاله سان مون کي اختلاف ئي نه پر ان مان سنڌ ۽ سنڌين سان بغاوت جي بوء محسوس ٿي جي چيف صاحب مهنجي سامهون هجن ها ته مان انهن کان ضرور اهو پڇان ها ته جي سنڌ ۾ رهندڙ سو فيصد سنڌي آهين ته پوء سنڌ حڪومت هجي يا سنڌ ۾ سرڪاري ملازم اتي سنڌين جي تعداد گهٽ ڇو آهي ؟ سنڌ جي هر اها سٺي پوست جنهن تي سنڌي ٽوپي پاتل نوجوان کي هجڻ گهرجي ها اتي پينٽ پتلون ۾ مڇن ڪٽيل مهاجر ڇو ويٺل آهي ؟سنڌ جو اهي مين بازارون ۽ مين ڳوٺ اتي پٺاڻن ۽ پختونن جا گهر ۽ ونسديون ڇو آهين ۔۔۔؟؟؟؟؟هنن سڀن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ ۽ انهن کي سنڌي سڏڻ هي ته اها ئي ڳاله ٿي ته آيو ٽآنڊو کڻن ئي بورچي بڻجي ويو ۔۔۔۔۔ جيڪڏهن ڪنهن جاء تي مستقل رهڻ سان اتان جو مقامي بڻجي وڄي ٿو ته پوء سنڌ ۾ رهندڙ افغان، پٺآڻ ،مهاجر ، ۽ بنگالي سنڌي آهين پوء اسان کي انهن جي خلاف احتجاج نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته اهي به ڪيتري عرصي کان سنڌ ۾ رهي رهيا آهين نه دوست ائين نه آهي مهنجي خيال ۾ ته صرف سنڌي ڳالهائندڙ به سنڌي نه آهي جيڪڏنهن هو پهنجي قوم سان سچو نه آهي بلڪي غدار آهي ان کي به سنڌ ۾ رهڻ جو ڪو به حق نه آهي خير موضوع کان نه نڪري وڄجي بحرحال مان مسٽر لکاڻو بهراڻي جي ڳاله سان متفق آهيان ته افسوس جو سنڌ ۾ سنڌي جو تعداد صرف 60 فيصد آهي ۽ باقي سڀ ڌاريا آهين ان کان وڌيڪ سنڌ جي مظلوميت جو ڇا چئجي ته اتي هر ڪو اچي ويهي رهندو آهي ان کي ڪڍڻ لاء ڪو تيار ناهي هوندي ۽ سنڌي قوم جي حقن ۽ انهن جي حصي جي هر شي ۾ شريڪ ٿي ويندو آهي بلڪه ان کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي آهي افسوس افسوس۔۔۔۔۔۔ ڪاش ائين هجي ها ته سنڌ ۾ رهڻ وارا 100 سنڌي هجن ها ته اڃ اسان جي سنڌ جي هي حالت نه هجي ها اتي موت جا فرشتا نه گهمن ها اتي بد حالي نه هجي ها سنڌين کي پهنجا حق ملن ها سنڌي جيڪي پيار ۽ امن جي علامت آهين دهشتگردي جي فضا ۾ نه جيئن ها بلڪه مون کي افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته سنڌي سنڌ ۾ رهي ڪري سنڌي سڏرائڻ کان نه ڊڄن ها ڪراچي جو ئي مثال وٺو ته اتي سنڌي سنڌي سڏرائڻ کان ڪترائيندا آهين اتي کلي ڪري سنڌي پهنجي ٻولي پهنجي ثقافت ۽ پهنجي ڪلچر کي ظاهر ڪرڻ ۾ هٻڪندا آهين ۔ ڪٿي پٺاڻ ڪالوني آهي ته ڪٿي مهاجر ڪالوني ڪٿي پنجاب ڪالوني آهي ته ڪٿي اردو بازار ته ڪٿي بهار ڪالوني آهي ۔ ڪٿي سنڌي بازار سنڌي ڪالوني، يا سنڌي موڙ ٻڌو آهي جيڪو مشهور به هجي ۔۔ نه ڪراچي ڇا سنڌين جي نه آهي ڇا ؟ ڪيتريون سنڌي شخصيتون هيون ڪيترا روڊ ڪيترا رستا سنڌي شخصيتن جي نالن تي آهين ؟ جي آهين ته به آڱرينن تي ڳڻن برابر آهين ۔ ڇا اننهن سڀني حالتن کي ڏسي ڪري چئجي سگهجي ٿو ته سڌ ۾ رهندڙ سڀ سنڌي آهين ؟؟ جي سب سنڌي هجن ها ته ائين نه هجي ها هر جاء هر اسٽاپ هر موڙ هر مارڪيٽ جو نالو ڪنهن سنڌي شخصيت ڪنهن سنڌي ماڳ ڪنهن سنڌي زبان سان منسلڪ هجي ها پر ائين نه آهي ڇو ائين نه آهي اهو ان ڪري ئي ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀ سنڌي نه آهين بلڪه سنڌ ۾ رهي ڪري سنڌين جا دشمن سنڌ جا غدار ۽ سنڌ جا لٽيرا آهين سنڌي قوم جا دشمن آهين خدارا اسان کي ان غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀ سنڌي آهين ۽ سنڌ اسان جي هٿن ۾ آهي بلڪي اهو فڪر ڪرڻ گهرجي ته سنڌ کي ان غلامي ان ڌاري پن مان ڪڍڻو آهي مون کي افسوس سان اها ڳاله چوڻي پوي ٿي ته سائين جي ايم سيد جن اهو چئي چئي ويچارا هن دنيا مان هليا ويا ته سنڌ ۾ صرف سنڌين کي رهڻ جو حق آهي سنڌ صرف سنڌين جي آهي ليڪن اڃ محترم مشير عالم صاحب جي اها ڳاله ٻڌي ڪر تمام سنڌين ۽ خوش فهمي جي ننڊ ۾ سمهارڻ ۽ سائين جي ايم سيد جي محنتن ۽ جدوجهدن کي ضايع ٿيندي ڏٺم ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بحر حال هي هڪ جهوني جي سوچ آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي نه آهي

    ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ وڃڻ ٿيو مان ته حيران ٿي ويس۔جيڏانهن ڏس ته افغاني ئي افغاني۔
    اندر افغاني ڳوٺن جا ڳوٺ، ڪالونين جون ڪالونيون، اندر افغاني طرز جا گهر ڪوٺا، افغاني دڪان بازارون،ٽوٽل افغاني ماحول مرد عورتون ٻار، ڄڻ توهان ڪراچي ۾ نه ڪابل يا قندهار ۾ آهيو، يقين نه ڪندو گاڏيون ڪاريون موٽر سائيڪلون ننڍيون وڏيون گاڏيون به افغانستان مان آيل!!!
    آءُ ته حيران ٿي ويس۔۔۔
    هت هت اسپيڊ بريڪر لڳل اوهان موٽر سائيڪل به 30 يا 40 اسپيڊ کان مٿي نه هلائي سگهندو۔
    پنهنجي پارٽين جا جهنڊا به جت ڪت لڳل نظر آيا۔​
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي نه آهي

    جي بلڪل ادا اوهان کي ياد آهي نه ته جڏنهن مان ان رات 2 بجي اوهان کي اوها جي گهر ڊراپ ڪرڻ هليو هئس ته اوهان مون کي بار بار اهو چئي رهيا هئا ته خيال سان واپس وڃجو ٿورو ايڪسيليٽر تي زور ڏجو خاص ڪري ايئر پورٽ واري موڙ وٽ ڇو ته پٺاڻ موڙ ۾ بيهي ڪري سنڌين کي ڦريندا آهين ۔۔۔۔۔سو ادا جنهن سنڌ ۾ سنڌين جي عزت ۽ مال ملڪيت محفوظ نه هجي ۽ اهو به ڌارين جي هٿان ته ڇا ان سنڌ لاء اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ رهندڙ100 سنڌي آهين افسوس
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي نه آهي

    سائين اسان کي پنهنجي وڃايل وجود کي واپس وٺڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪرڻ ي پوندي ان ۾ شڪ ناهي ته اسان وٽ هن وقت مير جعفر جهڙن ڪردارن جي کوٽ ناهي ۔
    گهر گهر جاگرتا ڪرڻ جي شد ضرورت آهي اسان جو جتي جتي وس پڄي ته اسان ان وس جو ان وس کان گهڻو استعمال ڪري پنهنجي قوم کي بيدار ڪريون پوءِ اهو سفر ڳوٺن يا شهرن جو ڇو نه هجي اسان جي حالت ته هي آهي جو اسان مرزا کي مهاجرن جي چوڻ تي گهر ڀيڙو ڪري چڪا آهيون بحرحال
    سفر ڏوراهون ۽ کَٽَنَ به آهي
    ڏس دل کي تون سمجهائي
    ٽانڊا ٽمڪن ٿا جي منزل تي
    ڏاڏل نه جلدي وڃ گهٻرائي
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي نه آهي

    ادا ساري ڪراچي جو اهي وکريل آهن، هاڻ ته حيدرآباد ۽ سنڌ جي ننڍن شهرن تي به سندن گهيرو مضبوط ٿي ويو آهي۔
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي نه آهي

    جي ادا بالڪل اوهان سچ چيو ته اسان کي پهنجي قوم کي جاڳائڻ جي ضرورت آهي پر ڪجه ماڻهون جو اهو نظريو آهي جاڳائڻ به جرم آهي ۔۔۔۔ سو ادا اڄ مرزا صاحب کي ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ڪڍيو ويو آهي سڀاڻي سنڌي جي ڪنهن ٻي ليڊر کي پٺاڻن ۽ پختونن جي چئي تي ڪڍيو ويندو ۽ ائين اسان ڪجه ئي عرصي ۾ سنڌ تان پهنجو قبضو ختم ڪرائي ويهندا سي ۽ سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ ڌاريا هوندا جيئن انگريز هئا ۔۔۔۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي نه آهي

    بيشڪ آ علي علي جي ان ڳالهه سان سهمت آهيان ته قومن وٽ ماڻهون ايندا اهن ۽ ويندا آهن، قومون پنهنجن ڪمن ڪارن لا ماڻهون گهرائينديون آهن ۽ ڪم لهي وڃڻ کانپو ڪڍي ڇڏينديون آهن ۔۔۔ ڪنهن قوم وٽ ڪجهه عرصي رهڻ سان ماڻهون پنهنجي قوم بدلائيندو ناهي، ۽ نه ئي ترقي يافته قومون اهڙن ماڻهن کي قبول ڪنديون آهن ۔۔۔ انڪري سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي نه چورائبو ۽ نه انکي قبول ڪرڻو آهي ۔۔۔

    مڊل ايسٽ، يورپ، آمريڪا، آستريليا يا آفريڪا کنڊ جي سڀني ملڪن ۾ ڪروڙين ماڻهون مختلف قومن کان اچي ڪم ڪنٿا لڳ ڀڳ انهن ماڻهن کي 50 سالن جو عرصو ٿي ويو آهي پر اڄ تائين انهن کي نه ته شهريت ملي آهي ۽ نه ئي ڪي سياسي حق مليا آهن ۔۔۔ بلڪ ايترو ته مضبوط نظام آهي انهن قومن جو جڏهن چاهن انهن کي هڪ ئي ڌڪ سان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري سگهنٿا، بغير ڪنهن پريشاني جي ۔۔۔

    ٻيو ته ٺهيو سعودي عرب مسلمان ملڪن جو سردار ملڪ آهي، جنهن طرف اسانجو ڪعبو به آهي ته قبلو به پر پو به هت ٻاهران کان آيل ڪروڙين مسلمانن کي سعودي چوڻ يا سڏرائڻ جو نه ته حق آهي ۽ نه کين حق ڏنو ويو آهي، (ايتري حد تائين جو گترو جيڪو سعودي مٿي تي پائيندا آهن، اهو به غير سعودي کي پائڻ تي کين برو لڳندو آهي) هت رهندڙ مسلمان خاندانن کي 40 کان 50 سالن جو عرصو گذريو آهي، سندن نسل هت پئدا ٿيا آهن پر اڄ به کين هڪ ڪاغذ هٿ ۾ آهي جڏهن چاهي سعودي حڪومت انهن ڪاغذن کي ختم ڪري، ٻاهر ڪڍي ڇڏي ۔۔۔۔

    ڀٽي صاحب ۽ شاه فيصل جي وقت ۾ برمي مسلمانن کي سعودي عرب ۾ اسلامي جذبي جي تحت گهرايو ويو هو، ڀٽي صاحب انهن کي پاڪستاني پاسپورٽ ڏنا هئا ۽ شاه فيصل سعودي ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت پر اڄ تائين انهن کي ڪو شهري حق ناهي ۔۔ بلڪ هاڻ ته ڪيترن برمي خاندانن ڪراچي ۾ ملڪيتون وٺڻ شروع ڪيون آهن جو کين پاسپورٽ پاڪستاني آهن ۽ هو ڪڏهن به پاڪستان هليا وڃڻ جو سوچي رهيا آهن ۽ ايم ڪيو ايم انهن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرائڻ جون ڪوششون پئي ڪري ۔۔۔ ڇاڪاڻ مهاجر وڌندا ته سندن سگهه وڌندي ۔۔۔

    سنڌ خلاف هر طرف کان جيتريون سازشون ٿين ٿيون اهي اسان سنڌين جي جن نه ڪن آهن ۔۔۔ اسين عجيب قوم جا ماڻهون، (ٻين لفظن ۾ ڀاڙ جا تنمبا) ٻاهر جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا ۔۔۔ اسين پاڻ وڇائڻ ۾ دير ئي ناهيون ڪندا ۔۔۔ پاڙي وارو بک پيو مرندو ته انجي مدد ڪرڻ ۾ تپ چڙهندو ڪو ٻاهريون ماڻهون ڏسنداسون ته گهر ۾ اچي سڻڀو کاڌو کارائي سڪون حاصل ڪنداسون ۽ پاڻ کي مهمان نواز سڏائينداسون ۔۔۔ لک لعنت اهڙي مهمانوازي تي جو پاڙي وارو بکيو ڏکيو هجي ۽ اسين پنجابي، پٺاڻ ۽ هند يا وري ٻين قومن جي مسلمانن کي ويٺا دعوتون کارائي، آخر ۾ گهر ڏئي پاڻ ٽپڙ ٽيشن تي ڪري بيهنداسون ۔۔۔

    جيڪڏهن سنڌ ۾ رهندڙ سڀ سنڌي آهن ته پو هي آدمشماري ۾ واويلا ڇا جي؟ ته اسانکي ڳڻيو وڃي يا اسانجا گهر ڳڻيا وڃن؟ جي سڀ سنڌي آهن ته بسم الله جيترا به گهر ڳڻبا سنڌين جا ئي هوندا؟ روئڻ پٽڻ ڇاجو؟

    سنڌي ماڻهون ڪيترين ئي ڌرين ۾ ورهايل آهن ۽ سڀني ۾ ذهني اختلاف ايترو ته گهرو آهي جو الامان، پڙهيل لکيل جيڪو نوڪري تي آهي ۽ خوش آهي ته ان لا پاڪستان آمنه صدقنه آهي ۽ جيڪو ڏکيو ۽ بيروزگار آهي انلا ظلم آهي ۽ کيس پاڪستان مان ڪا اميد ناهي، اهڙن نوجوانن جو تعداد جهجهو آهي، پر اهو نوجوان جڏهن ڪنهن نوڪري تي چڙهي ٿو يا ڪٿان کيس مال هٿ ٿئي ٿو ته ڀاڙ ۾ وڃن سنڌي ۽ کڏ جي تري ۾ سنڌيت ۔۔۔

    ڳوٺن ۾ وڏيرو مزي ۾ آهي جنهن کي نه قومي فڪر آهي نه قوم سان ڪو لڳا ۽ هاري ناري کي خبر ئي ناهي ته پاڪستان ڇا آهي يا سنڌ ڇا آهي ۔۔۔؟

    سياست ۾ پڻ بي ايمانن جو ٽولو ڪاهي پيو آهي جيڪي سياست کي مال ٺاهڻ جو ڪاروبار سمجهنٿا انڪري سياست ( وفاقي هجي يا صوبائي يا وري هجي قومي) اهڙا ته ٺڳ اچي شامل ٿيا آهن جو سندن ڪارو منهن ڪري گڏهه تي ويهارجين ۔۔۔

    مطلب ته سنڌ ويچاري هر طرف کان سازشن ور چڙهيل آهي ۽ پنهنجا ڄنڊا پاڻ ئي ويٺي پٽي ۽ سنڌ جا پٽ جيڪي پاڻکي سنڌي چون ٿا سي ڀاڙ جا تنمبا، لالچي، لوڀي ۽ ٺوڳي ٿي پيا آهن ۔۔۔ نه اخلاق نه قومي جاڳرتا ۔۔۔

    الله پناه ڏي اهڙي قوم جو بچي وڃڻ ڪو معجزو ئي چئبو باقي حال پورا آهن ۔۔۔ رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
     
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي نه آهي

    سائين هميشه دنيا اسان سنڌين جي مهمان نوازي اسان جي سادي پن جو فايدو ورتو آهي ۔ جنهن کي اسان مهمان ڪري رکيو اهو ميزبان بڻجي ويو ۽ اسان کي ئي اسان جي ڌرتي تان ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ جا خواب ڏسڻ لڳا ۔۔۔۔۔۔۔سائين ۔تاريخ ان ڳاله جي گواه آهي ته اهو اسان جي خاموشي جو نتيجو آهي ته اسان جي ڌرتي تي اڄ ڌارايا قابض ٿيندا پيا وڄن ڪنهن دوست مهنجي ڳاله کي رد ڪندي اهو چيو ته پهريان اوهان ڪاڏي ويا هئا ادا جي اسان پهريان اها ڪوشش نه ڪري سگهيا سي يا دشمن جي ارادن کي سمجهڻ ۾ دير ٿي وئي ته ڇا هاڻي اهو آواز اٿارڻ ڇڏي ڏيون ؟؟؟ اها ڪٿان جي عقلمندي آهي جو اسان پراڻي غلطي کي سڌارڻ بجاء اسان خاموشي اختيار ڪيون ۽ جيتري قدر اسان ڪجه ڪري سگهون ٿا اوتر و به نه ڪريون۔۔۔۔۔۔ بحرحال اوهان جي تحرير پڙهي ڪري دل خوش ٿيو ته ڪو ته اهڙو آهي جنهن کي چيف صاحب جي ڳاله سان اتفاق نه آهي ۽ سنڌي جي مسقتبل جي ان کي فڪر آهي ۔۔۔۔۔۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي نه آهي

    مان سمجهان ٿو شايد اوهان جذباتي ٿيندا ٿا وڃو۔ سنڌ تي سنڌين جو حق آهي جنهن جي مان به سئو في صد حمايت ڪيان ٿو پر دوستو زميني حقيقتن کي سمجهڻ ۽ خيالي ڳالهيون ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي۔ 1973 جي آئين مطابق ڪو پٺاڻ يا پنجابي يا ڪو مهاجر ان کي پورو حق آهي ته هو پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ رهي ۽ ملڪيت خريد ڪري سگهي ٿو۔ 1947 ۾ ڪيل غلطي جو ازالو ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي۔

    هنن کي هتي آباد ڪرڻ وارا ڪير هئا ؟؟ اسان جا سنڌي ؟؟ مخالفن کي هتي آڻڻ وارا ڪير هئا ؟اسان جا سنڌي۔

    اوهان کان صرف هڪ سوال ڪندس ته سريلنڪا ۾ موجود تامل ڇا هاڻي سريلنڪن باشندا ناهن۔ ملائيشيا ۾ سيٽل ٿيندڙ چيني ڇا هاڻي ملئي ناهن۔ ڏکڻ آفريڪا ۾ آباد ٿيل گورا ڇا هاڻي آفريڪي نه ٿا سڏجن ؟؟

    منهنجا دوستو کوکلا نعرا هڻڻ ڇڏي ڏيو ۽ زميني حقيقتن کي سمجهي پلاننگ ڪيو ۔۔۔۔۔ ۽ ٻي ڳالھ اوهان مان اهي ڪيترا آهن جن حقيقتن کي سمجهيو آهي؟
     
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي نه آهي



    سائين اوهان جي ڳاله ته جي اسان جون گذشته غلطيون آهين انهن کي سڌارڻ جي ڪوشس نه ڪريون ؟ افوسو س جي ڳاله آهي غلطي مٿان غلطي ڪرڻ سٺي ڳاله آهي يا ان غلطي کي سڌارڻ عقلمندي جي ڳاله آهي؟ ادا اسان کوکلا نعرا نه پر اسان پهنجي طاقت آهي ڳاله ڪري رهيا آهيون ۔۔۔۔۔ جيترو اسان ڪري سگهون ٿا اهو به ڪرڻ ڇڏي ڏيون؟ جي اها ڳاله آهي ته ته پوء اسان جي سنڌي ٻولي جي لاء سنڌي قوم لاء ڇو پاڻ پتوڙيون ؟بس اسان ڪجه نٿا ڪري سگهون حڪومت نٿا هلائي سگهون حڪومت ۾ نٿا اچي سگهون ته پوء ڇا احتجاج ڪرڻ به ڇڏي يون اسان قنون بدلائي نٿا سگهون ته پا ان قانون خلاف احتاج ۽ ان جي مذمت به نه ڪيون ؟؟؟ افسوس ادا
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي نه آهي

    يار علي هاڻي افسوس ڪرڻ مان به ڪو فائدو ناهي ۽ ويجهي مستقبل ۾ مونکي سنڌ ۽ سنڌيت جي ڀلي لاء ڪابه تحريڪ نظر ڪونه ٿي اچي۔ اوهان عراق ۾ رهو ٿا ۽ ميڊيا ۽ اخبارن جي خبرن تي هلو ٿا ۔۔۔۔ اسان هتي موجود آهيون ۽ عملي طور ڪم ۾ آهيون۔۔ اهو اسان کان پڇو ته پنهنجن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ ڪهڙيون ڏکيائون آهن ؟؟ يار پنهنجي دوستن ، پنهنجي سنڌين جا سور نه پڇو ؟؟ اهو ٿورو گهڻو احساس سائين نثار ابڙي کي ضرور هوندو جو هن کي ويهاري ۽ ڏيکاريو هو ۽ پنهنجي ماڻهن جا رويا محسوس ڪرايا ها۔

    مونکي پنهنجي مانهن تي رحم ايندو آهي جيڪي تحريرون ته ڏاڍيون سٺيون لکندا آهن، جيڪي تقريرون ته ڏاڍيون سٺيون ڪندا آهن ، جيڪي صلاحون ته ڏاڍيون ڀليون ڏيندا آهن پر اهي ساڳيا ماڻهو عملي طور ميدان کان باهر هوندا آهن۔ منهنجا ڀاء ڪڏهن هڪ هفتو موڪل ڪري اچ ۽ سنڌ ۽ سنڌين کي ڏس پوء ٻڌائجان ته اسان ڪٿي آهيون۔

    مان قطعي مايوس ناهيان پر پنهنجن جي رويي ڪري جلدي ڪا اميد نظر ڪونه ٿي اچي، ۽ هڪ ڳالھ ته ڪيل غلطين جو ڪفارو ادا ڪرڻ لاء گهڻو ڪجھ ڀوڳڻو پوندو آهي۔
     
  12. اعجاز احمد قريشي

    اعجاز احمد قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2011
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    استينوگرافر ڊسترڪت ڪورت ٺتو
    ماڳ:
    ٺٽو
    جواب: سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي نه آهي

    سنگت کي سلام.........

    سڀ کان پهرين توهان کي اهو ٻڌائيدو هلان ته مان به اهو خوش نصيب آهيان جيڪو جج صاحبن وارن سان گڏ ان تقريب ۾ موجود هئس.. هن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته جج صاحب جي ڳالھ ۾ ڪا صداقت نه هئي. سنڌ ۾ رهڻ وارو هر ماڻهو سنڌي آهي هتي لفظ سنڌي زبان لاءِ نه ٿو استعمال ٿئي پر سنڌ ۾ رهڻ لاءِ ٿو استعمال ٿئي، اگر زبان لاٰءِ استعمال ٿئي ها ته پوءِ پنجابي پنهنجو پاڻ کي سنڌي ڪيئن سڏرائي ها. اگر ڪو پنهنجو پاڻ کي سنڌي نه ٿو سڏرائي اهو ان جو ضمير آهي جيڪواسان جي سنڌ جو کائي ٿو پوءِ به پنهنجو پاڻ کي سنڌ جو نه ٿو سڏرائي اها ان جي مرضي. منهنجي نظر ۾ هي اهڙو موضوع آهي جنهن تي وڌيڪ بحث ڪرڻ سان عزت جو سوال به پيدا ٿي سگهي ٿو . چوندا آهن ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون.. ان ڪري وڌيڪ هن موضوع کي ڇيڙڻ نه گهرجي... آخر ۾ جج صاحب جي ڳالھ کي اهميت ڏيندي اهو ئي چوندس ته مون کي به فخر آهي ته مان سنڌي آهيان......
    دعائن ۾ ياد...
    سدائين گڏ....
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو