ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
هاڻي ضمير جو بوج سهي نه ٿو سگهجي
هاڻي ضمير جو بوج سهي نه ٿو سگهجي
ان لاءِ ظلم تي چُپ رهي نه ٿو سگهجي
جهڙا آهيون تهڙا ئي رهنداسين اسان
ڪنهنجي ڪري ٺهي نه ٿو سگهجي
جي انا جو مسئلو هجي ها نه ڪُڇون ها
خودي کي خوار ڪري سک لهي نه ٿو سگهجي
ڪيڏو پُر آشوب آهي ماٍحول چارسو
ڪنهن وقت ڪجھ ٿيندو چئي نه ٿو سگهجي
ذلت جي سو سال کان بهتر آهي عزت جو هڪ ڏينهن
ذلت جي زندگي کي جهجهو جي نه ٿو سگهجي
موت تنهنجي همت کي ڇو محدود ڪيو آهي
اڀريل سج لهڻ کان رُڪجي نه ٿو سگهجي
تون خدائي مظهر جو پيڪر آهين اي نادان
سج بادلن کان ڪڏهن لڪائجي نه ٿو سگهجي
غيرت ۽ غلامي ٻه تلوارون آهن ڏاڏل
ٻنهي کي هڪ مياڻ ۾ سمائجي نه ٿو سگهجي
ان لاءِ ظلم تي چُپ رهي نه ٿو سگهجي
جهڙا آهيون تهڙا ئي رهنداسين اسان
ڪنهنجي ڪري ٺهي نه ٿو سگهجي
جي انا جو مسئلو هجي ها نه ڪُڇون ها
خودي کي خوار ڪري سک لهي نه ٿو سگهجي
ڪيڏو پُر آشوب آهي ماٍحول چارسو
ڪنهن وقت ڪجھ ٿيندو چئي نه ٿو سگهجي
ذلت جي سو سال کان بهتر آهي عزت جو هڪ ڏينهن
ذلت جي زندگي کي جهجهو جي نه ٿو سگهجي
موت تنهنجي همت کي ڇو محدود ڪيو آهي
اڀريل سج لهڻ کان رُڪجي نه ٿو سگهجي
تون خدائي مظهر جو پيڪر آهين اي نادان
سج بادلن کان ڪڏهن لڪائجي نه ٿو سگهجي
غيرت ۽ غلامي ٻه تلوارون آهن ڏاڏل
ٻنهي کي هڪ مياڻ ۾ سمائجي نه ٿو سگهجي