• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انهي لاءِ لڪي لڪي هي ڳوڙها لڪايون ٿا

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
انهي لاءِ لڪي لڪي هي ڳوڙها لڪايون ٿا

تون ڏاڍ ڪري ڏس اسان به پاڻ کي آزما يون ٿا
چپ به نه چوربا ڏسون ڪهڙي سزا کي پايون ٿا

تون ظلم به ڪرين ٿو ۽ ترس به تو تي اچي ٿو
گمراه نه ٿي وڃين ان گمراهي کان گهٻرايون ٿا

ظرفِ ڪبريائي جو مظهر آهي واحس هي انسان
منزل کان پهريان ناهي ڪرڻو پاڻ کي سمجهايون ٿا

هي اکيون چغلي نه کائن ۽ تون خوار نه ٿي پوين
انهي لاءِ لڪي لڪي هي ڳوڙها لڪايون ٿا

راڄ سانم ريڌل آهجي اسان سان الائي ڇو متل آهي
شايد هن جي غلطي تي جو هن کي غلط ٻڌايون ٿا

تنهنجو پيار منهنجي زندگي جي بقا آهي تون ڄاڻين ٿو
ان لاءِ ڏاڏل تو ڏي وري وري واجهايون ٿا​
 
جواب: انهي لاءِ لڪي لڪي هي ڳوڙها لڪايون ٿا

ڪوشش جاري رکو۔۔ منهنجي خيال ۾ ڪافيو (پايون، گهٻرايون، سمجهايون، سمجهايون، ٻڌايون ۽ واجهايون) تي توهان ڪجهه وڌيڪ ذهن لڳايو ٿا اهو ئي سبب آهي جو سٽون سوچ يا ڪهاڻي کي ترتيب ڏيڻ ۾ الجهي رهيو آهن۔۔۔
 
بلي!!!
سنڌ ۾ هڪ وڌيڪ عظيم سنڌي شاعر جو اضافو!!
سبحان الله!!!
ادا اوهان کي شاعري جي ميدان ۾ قدم پائڻ تي واڌايون۔هن ڪمري ۾ بس اوهان جي ئي کوٺ هئي سا الله جي مِهر سان پوري ٿي وئي!​
 
سائين الائي تنز آهي الائي ڇا اسان کي اهو لهجو سمجھ م نه اچي سگهيو جي اوهان تنز ڪيو آهي تڏهن به لک ٿورا جي همٿايو آهي تڏهن به واهان جا لک ٿورا

وسلام
 
ادا ڏاڏل مون قطعا اوهان سان ڀوڳ جي جرات ناهي ڪئي، مون صرف ادا رشيد سان چرچو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، وڌيڪ ان غلط فهمي لاءِ مون اوهان کي ڪال ڪري معافي گهري آهي، اميد آهي ته عاجز کي معافي ڏيندا۔​
 
سائين لفظ معافي چئي اوهان اسان کي شرمنده نه ڪيو توهان اسان لاءِ لائق عزت آهيو، اوهان اسان جا بزرگ آهيو
 
Back
Top