پيارا سنڌي دوستو السلام عليڪم آءُ آهيان عبدالغني مگسي هي آء ڊي پنهنجي پٽ جي نالي سان ٺاهي آهي مان شهداد ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو آهيان بي اي ڊگري ڪاليج شهداد ڪوٽ ۾ ڪيم ۽ ايم اي عربي الڪوثريونيورسٽي ۾ فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيم هينئر پنهنجي زمينن جي سنڀار ڪري رهيو آهيان اوهان جو ساٿ رهيو ته هن سلسلي سان ساٿ نڀائبو انشاالله سنڌ سلامت ساٿ سلامت سدائين گڏsindhsalamatsaathsal
جواب: آء آهيان اوهان جو تازو مهمان سنڌ جي سهڻي شهر شهدادڪوٽ جي ڀاءُ عبدالغني مگسيءَ کي پنهنجي پٽ جي آڊيءَ سميت ڀليڪار ۔۔۔ سهڻا سائين ماشاء الله بي اي ڪرڻ کانپوءِ پياري ٻولي عربيءَ ۾ ايم اي اها به پهرين پوزيشن ۾ حاصل ڪئي اٿوَ ۔۔۔۔ پر سائين هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته اوهان ايتري محنت ڪري عربي ٻوليءَ ۾ پوزيشن حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪٿي سکڻ سيکارڻ واري عمل ۾ هجو ها ته شايد اوهانجي علم مان ٻين کي فائدو ٿئي ها ۔۔۔ پر اوهان وڃي زمينون سنڀاليون آهن ۔۔۔ خئير ان اپائڻ به عبادت آهي پر علم جي ڏيئا روشن ڪيو ها ته اڃان سهڻو ڪم ٿئي ها ۔۔۔ (منهنجي خيال مطابق) دوست مگسي صاحب، سنڌ سلامت جي اوطاق سنڌي ۽ سنڌيت جي خدمت لاءِ ٺاهي وئي آهي ته جئين سنڌي ٻوليءَ کي پڻ جديد علمن سان سنوارجي ۽ سنڌين کي هڪ اهڙي اوطاق مهيا ڪجي جت اسين سڀ حالي احوالي ٿي هڪٻئي جي رهنمائي ۽ رهبري ڪري سگهون ۔۔۔ اوهان به اميد آهي ته سنڌ سلامت جي اوطاق جي دوستن سان دوستيءَ جي رشتي ۾ سلهاڙجي سنڌ ۽ سنڌيت جي عمل ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيندا ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ ڪو مسئلو يا ڪو مونجهارو هجي ته پڇڻا نه منجهڻا ۾ سوال جواب ٿي سگهنٿا ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: آء آهيان اوهان جو تازو مهمان وعليڪم اسلام ادا عبدالغني مگسي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار اوهان جهڙي علمي شخصيت جو ساٿ اسان لاءِ همت افزائي جو باعث ٿيندو سدائين گڏ sindhsalamatsaathsal
جواب: آء آهيان اوهان جو تازو مهمان سلام سنڌ امان جا سپوتو اوهان تمام دوستن جو بيحد ٿورائتو آهيان جو جلدي ۾ اوهان محبت جي موٽ ڏني خاص طور تي سائين محمد جواد عسڪري صاحب جو جن هن محبتي اڱڻ جو پتو ڏنو ۽ حوصله افزائي فرمائي اوهان جي جوابن جي اميد سان الله نگهبان
جواب: آء آهيان اوهان جو تازو مهمان ادا عبدالغني اوهان کي ڀليڪار سنڌ سلامت جي سهڻي فورم ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي ٿي۔ اميد ته اوهان پنهنجي خوبصورت لکڻين سان فورم کي سونهن بخشيندا رهندا۔ مهرباني جواد عسڪري صاحب جي به جن اوهان کي هن سنڌي فورم جو ڏس ڏنو
جواب: آء آهيان اوهان جو تازو مهمان سائين عبدالغني صاحب اوهان دلي ڀليڪار الله ڪندو اوهان سان ساٿ رهندو ۽ اوهانکن رهبري و رهنمائي وٺندا رهندا سين وسلام
جواب: آء آهيان اوهان جو تازو مهمان سائين عبدالغني صاحب! اوهان کي سنڌ سلامت تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿو چئجي۔۔۔