نثارابڙو
نائب منتظم
اسين پڙهائڻ واري شخص کي لڳ ڀڳ هيٺين نالن سان سڏيندا آهيون ….
ماستر ؛ انگريزيءَ جو تمام وسيع لفظ آهي، جنهنجيون کوڙ ساتريون معنائون آهن جن ۾، مالڪ، ماهر، يا معزز جي طور تي پڻ استعمال ٿئي ٿو. اسين سنڌي پڙهائڻ واري جي عزت ۽ مان کي ڏسندي اهو لفظ سندس شان ۾ استعمال ڪريونٿا ...
استاد؛ عربي لفظ آهي، هي لفظ پڻ گهڻيون معانائون رکي ٿو جنهن مان هڪ آهي معزز يا ماهر وغيره، انڪري اسين سنڌي پڻ انکي پڙهائڻ واري لاءِ استعمال ڪريونٿا ...
مدرس؛ هي لفظ پڻ عربي آهي جنهنجي معني آهي سبق ڏيڻ وارو يا پڙهائڻ وارو، اسانجا ديني حلقا هن لفظ کي گهڻو استعمال ڪندا آهن.
مطلب ته اسين پڙهائڻ واري کي تمام اعلا مقام ته ڏيونٿا پر سنڌ جي معاشري ۾ ماستر جي زندگي ۽ آمدنيءَ کي ايترو ته گهٽ رکيو آهي جو هو ويچارو بنيادي ضرورتون به مس مس پوريون ڪري سگهندو آهي ۽ سڄي عمر پنهنجي گهر کي بکن ۽ ڏکن جا سبق پڙهائيندو رهندو آهي؛
استاد معاشري کي ڇاٿو ڏئي؟ يا کيس معاشري کي ڇا ڏيڻ گهرجي؟ اچو ته هنن مڪالمن کي ڏسون.
هڪ پارٽيءَ ۾ کاڌي جي ميز تي ڪجهه معزز ماڻهن ويٺي زندگيءَ تي بحث ڪيو. هڪ ڪمپنيءَ جي مالڪ ۽ وڏي ماڻهونءَ تعليم جي مسئلن تي ڳالهائڻ شروع ڪيو،
” اڄڪلهه جو ٻار انهن استادن مان ڇاٿو پرائي، جيڪي ماڻهون پاڻکي معزز ۽ عقل ڪل سمجهن ٿا“
پنهنجي ڳالهه کي زور وٺائڻ لاءِ هن پريان ڀر ۾ ويٺل هڪ عورت سان مخاطب ٿيندي چيو؛ ”اوهين ماسترياڻي آهيو، اوهين ڇا ڪري سگهو ٿيون هڪ ٻار لاءِ؟“
پريان ويٺل اها عورت نه فقط ماسترياڻي پر معاشري ۾ عزت وارو مقام پڻ رکندي هئي، تنهن ٿڌو ساه ڀريندي چيو ته اوهين ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته آءُ ٻار لاءِ ڇا ڪري سگهانٿي؟ ته ٻڌو،
” آءُ ٻار کي سخت کان سخت ڪم ڪرڻ لاءِ اڀاريندي آهيان جنهنجو هُن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو آهي،
آءُ ٻار کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪلاس ۾ منظم طريقي سان ويهاري سگهندي آهيان، جڏهن ته ان ٻار کي گهر ۾ بغير ڪنهن لالچ جي چپ ويهارڻ مشڪل هوندو آهي، ڪلاس ۾ منظم ويهڻ سان هو زندگيءَ جي نظام تي غور ڪري سگهندو آهي،
اوهين ڄاڻڻ گهرو ٿا ته آءُ ٻار لاءِ ڇا ڪري سگهانٿو، ؟
آءُ ٻار کي حيرانگيءَ ۽ عبرت جي دنيا ۾ گهمائي سگهندي آهيان.
آءُ ٻار کي سوال ڪرڻ سيکاريندي آهيان.
آءُ ٻار کي سچي نيت سان معافي وٺڻ ۽ معاف ڪرڻ سيکاريندي آهيان.
آءُ ٻار کي عزت حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجن عملن جي ذميواريءَ جو احساس ۽ قبوليت ڪرائيندي آهيان.
آءُ ٻار کي لکڻ سيکاريندي آهيان ۽ پوءِ انهن کان لکرائيندي آهيان
آءُ انهن کي پڙهڻ، پڙهڻ ۽ پڙهڻ سيکاريندي آهيان.
آءُ هنن کي هرطرح سان حساب ڪرڻ سيکاريندي آهيان، ۽ حسابن جو زندگيءَ تي اثر انداز ٿيڻ ٻڌائيندي آهيان.
آءُ ٻارن کي قدرت پاران مليل دماغ استعمال ڪرڻ سيکاريندي آهيان.
آءُ ٻوليون سيکاريندي کين پنهنجي مادري ٻوليءَ ۽ ثقافت جي اهميت بيان ڪندي آهيان.
آءُ ڪلاس واري ڪمري ۾ هر طالبعلم کي حفاظت جو احساس ڏياريندي آهيان.
آءُ کين اهو احساس پئدا ڪندي آهيان ته محنت ڪرڻ ۽ دل جي جذبات جو قدر ڪرڻ سان هو ڪامياب انسان ٿي اڀرندا.
۽ آخر ۾ وڏو ساه ڀريندي چيائين ته؛ پوءِ به ماڻهون اهو ڏسندا آهن ته آءُ ڇا ڪندي آهيان ۽ منهنجي حيثيت کي پئسي سان توريندا آهن ... پر پوءِ به پنهنجي عزت ۽ مان مرتبي سبب ڪنڌ مٿي ڪري هلندي آهيان ۽ اهڙين ڳالهين تي بلڪل به توجهه نه ڏيندي پنهنجي ڪرت سان لڳل هوندي آهيان. جڏهن ته پئسي وارن جا ڪنڌ جهڪيل هوندا آهن.
ڪمپنيءَ جي مالڪ کي ٻڌائڻ ٿي گهران ته آءُ معاشري ۾ بدلاءُ آڻيندي آهيان، اونده کان روشنيءَ جي طرف پر اوهان ڪمپنيءَ جا مالڪ ڇا ڪندا آهيو؟

*****************************************************************

**************************
آکاڻيءَ جو حاصل مطلب؛
آکاڻيءَ جو حاصل مطلب؛
ماستري هڪ اهڙو هنر آهي جنهن مان ئي ٻيا هنر ۽ علم ڦٽي نڪرندا آهن .... انڪري پڙهائڻ سڀني علمن جي جڙ آهي ۽ سڀني کان مٿاهون پڻ