مون کي اهو ٻڌائيندي انتهائي سرهائي محسوس ٿي رهي آهي ته سنڌ سلامت پنهنجي سفر جا 2 سال مڪمل ڪرڻ وارو آهي۔۔۔ هن سفر ۾ ڪيترائي دوست آيا جن پنهنجو پنهنجو پاڻ مڃرايو۔۔۔ ڪجهه دوستن حالات جي فڪر ته ڪي وري مجبورين ڪري فورم کان پاسي رهيا پر مجموعي طور اڪثر دوستن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي۔۔۔
15 اپريل 2009 کان باقائدگي جي شروعات کي 2 سال مڪمل ٿي رهيا آهن ۔۔۔ آهستا آهستا سنڌ سلامت فورم هڪ مضبوط آرگنائيزيشن طور اڳتي وڌي رهيو آهي۔۔۔
وي بليٽن هڪ طاقتور ۽ پروفيشنل سڪرپٽ آهي ۔۔۔ ۽ هو پنهنجي پروفيشنل سائٽس تي مڪمل اپڊيٽ ڏيندا رهن ٿا۔۔۔ گذريل سال وي بليٽن پنهنجي سڪرپٽ کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي وي بليٽن 4 لانچ ڪيو ۔۔۔ جنهن کي پسند ڪيو ويو ۽ اهو سڪرپٽ ڪافي مقبول ٿي رهيو آهي۔۔۔ سنڌ سلامت هوئن ته پنهنجو آغاز وي بليٽن 8۔6۔3 کان ڪيو هو ۽ گذريل سال 6 اپڊيٽس ڪراس ڪندي وي بليٽن 4۔7۔3 تي منتقل ڪيو ويو هو۔۔ وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ تي ارادو ته موجود هو پر ان تي تڪڙو عمل ان ڪري مشڪل هيو جو هڪ ته وي بليٽن 4 هڪ مهانگو ۽ مشڪل اسڪرپٽ آهي جنهن کي سمجهڻ لاءِ پڻ مڪمل يڪسوئي جي ضرورت آهي۔۔ هوئن به وي بليٽن 4 تي منتقل ٿيڻ کان اڳ سنڌ سلامت اڳيان 13 اپڊيٽس موجد آهن ۔۔۔ پر تازو وي بليٽن اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي 3 ورجنس جي مينٽيننس ۽ اپڊيٽ ختم ڪري رهيا آهن ۽ سندن آخري ورجن 7۔8۔3 آهي۔۔۔
اهو ٻڌي گذريل مهيني موڪل جي دوران سنڌ سلامت کي 13 اپڊيٽس عبور ڪري وي بليٽن 4 تي منتقل ڪرڻ لاءِ ڪافي تجربا ڪيا آهن ۔۔۔ ساڄي کان کاٻي ۽ يڪسر مختلف ۽ وي بليٽن تي واحد زبان هجڻ ڪري ڪافي اشوز آيا جن کي آهستي آهستي فڪس ڪيو ويو ۔۔۔ ان طرح تجرباتي طور سنڌ سلامت آف لائين وي بليٽن 4 تي منتقل ڪيو ويو۔۔۔
هاڻي تجربي جي ڪاميابي کان پوءِ سنڌ سلامت فورم کي وي بليٽن 4 تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔۔۔ جنهن لاءِ انشاء الله ڇنڇر 16 اپريل 2011 تي فورم کي اپڊيٽ ڪيو ويندو۔۔۔ ان ڪري سموري ساٿ کي گذارش ڪجي ٿي 16 اپريل تي ڪنهن به وقت فورم کي بند ڪيو ويندو ان دوران پنهنجي قيمتي تحريرن جو بيڪ اپ پڻ گڏ رکن ۔۔۔
مون کي اميد آهي ته سنڌ سلامت فورم پنهنجي نئين ورجن ۾ اضافي خوبين ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جي مدد سان پهرين جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهترطور سامهون ايندو۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔