ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
خدا کان سوا نه ٻئي کان سوال ڪر
دشمن تي احسان ڪري ڪمال ڪر
خدا کان سوا نه ٻئي کان سوال ڪر
جي چڱائي جي بدلي ملي ڪا چُهنڊي
نه ڳاڙھ ڳوڙها نه ڪو حُزن و ملال ڪر
تو کي جا ملي آهي سواري ، سوار ٿي
بي لغام بدن جو نه استعمال ڪر
جڏهن خواهشون جي توکي ڪن خوار
انهن جي آزار کان بچڻ لاءِ موت کي ڍال ڪر
اسلام آهي مُرَوت وارو مذهب موروثي مسلمان
فساد کي جهاد چئي نه خومخواھ خوار ڪر
جي جنت ملي ماڻهون مارڻ کان پوءِ ڏاڏل
تنهن جنت جي خواهشن جو قتال ڪر
خدا کان سوا نه ٻئي کان سوال ڪر
جي چڱائي جي بدلي ملي ڪا چُهنڊي
نه ڳاڙھ ڳوڙها نه ڪو حُزن و ملال ڪر
تو کي جا ملي آهي سواري ، سوار ٿي
بي لغام بدن جو نه استعمال ڪر
جڏهن خواهشون جي توکي ڪن خوار
انهن جي آزار کان بچڻ لاءِ موت کي ڍال ڪر
اسلام آهي مُرَوت وارو مذهب موروثي مسلمان
فساد کي جهاد چئي نه خومخواھ خوار ڪر
جي جنت ملي ماڻهون مارڻ کان پوءِ ڏاڏل
تنهن جنت جي خواهشن جو قتال ڪر