ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
عشق جا امتحان
ظلم سان اک ۾ اک ملائي ڪير ٿو انکار کري
سر چاڙهي سولي تي ڪير عشق سان واپاي ڪري
عشق جا امتحان ڪونهن ايترا آسان اي دوستو
عاشق آهي جيڪو حق و باطل کي ڇني ڌار ڪري
ٻه صوررتون بخشيون آهن تن و من جيڪي خدا
تن کي سينگاري من کي ڇو ٿو پيو داغدار ڪري
جهڪائي جبل کي ٿو وري ڪُڏي ڪنڌ ڪپائي ( جبل مان مُراد نفس آهي )
ملاقات ڪاڻ محبو جي سَوَ سَوَ سينگار ڪري
ڪو ديوانوچوي ته ڪو پاڳل ته ڪو ديوانو چوي
زماني جي ڪهڙي پرواھ بس هڪ ديد دلبر يار ڪري
الئي ڪهڙي جنت ۾ ويندو اهو مُدرس سڳورو
جيڪو ماڻهون مارڻ لاءِ ٿو طالب تيار ڪري
ڪڏهن هو ڪونهي رهيو مونکان بيخبر ڄاڻان ٿو
نادان پوءِ به ويٺو ٿو انسان حسابن جا انبار ڪري
معشوق جي محبت ماڻڻ ڪونهي ڪم ايڏو آسان
تنهن لاءِ به دل ۾ دعاؤن جيڪو دل لاءِ آزار ڪري
هي بيوقوفي ناهي ته ٻيو ڇاهي دنيا جي نظر ۾
ڏاڏل ڏڪار جي موسم ويٺو ٿو اُڌار ڪري