• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل

جاويد نواز

سينيئر رڪن

غزل

دل جو ٽوڙيندين دل ٽٽي پوندي
ڪهاڻي پيار جي کُٽي پوندي

پنهنجي قسمن جي آ پڪي ڀتڙي
گر جي ڊاهيندين جهٽ ڊهي پوندي

گهل گهوڙا ڪندي جدائي گهڻو
ننڊ مان تڪڙو جي اُٿي پوندي

سڪ پنهنجي پو مختصر لڳندي
ٿورڙي ان ۾ گر وٿي پوندي

لڳي جي وئي جُدائي جي اُڏهي
پيار جي ڪاٺي ٿي بُٿي پوندي

باغ ۾ ڏي رهڻ تون گل ۽ ڪلي
پٽيندين تون ته هي سُڪي پوندي

ڇڏ ته اُڏري وڃي اهيا بلبل
نه صياد جهٽ مري پوندي

جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
 
جواب: دل

دل جو ٽوڙيندين دل ٽٽي پوندي
ڪهاڻي پيار جي کُٽي پوندي

معشوقن کي صدائون ڪندي عاشق ڪڏهن ڪونه ٿڪبا آهن۔ اسان جي دعا ته اها پيار جي ڪهاڻي سلامت رهي۔ اوهان جون مهربانيون سهڻي شاعري ونڊ ڪرڻ جون
 
جواب: دل

سائين وساڻ صاحب اسان جون جيڪي آسون ۽ اميدون هيون سي ته يار اڌوريون رهجي ويون باقي الله سائين جيڪي به عاشق آهن انهن جون سڀئي آسون اميدون پوريون ڪندو (آمين)
 
Back
Top