• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حق جي حڪمت

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
حق جي حڪمت

[color="red"]
حق لاءِ زبان کوليندين ته کولي ڪندئي خوار
جن آذان ڏني عشق جي وڌي ويا تن لاءِ آزار
پچاءِ پاڻ کي ڏاڏل هت ماڻهون رهن ٿا مڪار
ڌرين کان ٿي ڌار نه ته گڏيندئي گند ۾


حق لاءِ زبان کولين ته اُٻهرو ٿي نه اُٿي
شيطان شقي لاءِ ڇڏ نه وار جي وٿي
وحدهُ لاشريڪ لهُ دل جو لهج راز لڪي
جي جِيءُ پوي جهُڪي، سمجھ عمل اگهامجي ويا

جيڪو آزارن کان ٿيو آجو تنهن وٽ ڪانهي تڪبر جي تلوار
هيٺاؤن ٿي هلي، اوڏانهن مڙي جيڏاهن مالڪ موڙي مهار
الم عهد اليڪم يا بني آدم آيت جو ورد ڪري وار وار
جن جانب تان ڪئي جانثار سي سوڀارا اڳتي اگهاميا

جانب جي جلوي جو اهڙو ٿيو اثر
رت وهيو اتي جاتي وهي ها پگهر
حق جي هاڪ جي کُلي وئي خبر
زير کي ڪيائين زبر اهڙي حڪمت حق جي​
[/color] زير؛ هيٺاؤن گهٽ ڪريل

زير کي زبر ڪيو الله جي احسان
جن جِي ڏنو مٿاهون تن جو مان
ڪهف جي قراءت سان جاري فرمان
اسين آهيو آسمان واحد جي وحدت جا
 
جواب: حق جي حڪمت

ڏاڏل جي شاعري پڙهڻ ۽ سمجهڻ لا گهٽ ۾ گهٽ ٻن شين جو علم هجڻ ضروري آهي ۔۔۔ هڪ ته ڪلام الاهي ٻِيو آهي معاشرتي علم صوفياڻي رنگ ۾ ۔۔۔ پو وڃي ڪا خبر پوندي ته ڏاڏل چوڻ ڇاٿو چاهي ۔۔۔

ٻي ڳالهه ته مونکي ڏاڏل جي شاعري گهٽ لڳندي آهي، سگهڙن جا ٻول وڌيڪ لڳندا آهن، جيئن پراڻي زماني ۾ اوطاقن تي سگهڙ ويهندا ۽ ميلو مچائيندا هئا ۽ پنهنجن گفتن سان ويهي حاضرين ۽ ناظرين کي لاجواب ڪندا هئا ۔۔۔ ڏاڏل جو ڪلام پڻ اهڙي ئي قسم جي ڪلام سان ٺهڪي ٿو ۔۔۔

سگهڙن وارا نظم پڙهڻ ۾ ايترو مزو نه ڪندا اهن جيترو اهي نظم ٻڌڻ ۾ مزو ڪندا هئا ۽ اهي به ان سگهڙ جي پياري لئه ۾۔

مٿين سگهڙائپ واري ڪلام ۾ آفاقي پيغام ڏنل آهي ۽ حق جو پرچار ٿيل آهي ۔۔۔ لک ٿورا دوست ڏاڏل،
 
جواب: حق جي حڪمت

سائين نثار صاحب اوهان هنن الفاظن کي جيڪو ناءُ ڏيندو اسان کي قبول آهي مهرباني ادا
 
Back
Top