هي سر هڪڙو، آڇيندي لڄ مران! تون، جيڪا سنڌ آهين، منهنجي جند آهين، تنهنجا ڪروڙين وارث آهن پر انهن هوندي به تون ڄڻ ته لاوارث آهين. تنهنجي سونهن ۽ ساوڪ ختم ڪري تنهنجي ازلي ويرين توکي مقتل گاهه بنائڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي. تنهنجيون مارويون ڪوٽن ۾ قيد آهن، تنهنجيون سهڻيون ڪاريون ڪري ماريون پيون وڃن، تنهنجين ليلائن کي هار تي هرکائي کانئن سندن سهاڳ کسي کين دربدر ڪيو ويو آهي. تنهنجيون سَسئيون پنهنجي پنهونءَ يعني پنهنجي منزل، عوام جي خدمت کي وساري ويٺيون آهن. سو منهنجي سنڌ امڙ! تنهنجي سورن جي اذيت آئون پنهنجي سيني ۾ محسوس ٿي ڪريان. صرف اهو ئي نه، پر تاريخ جي تهه خاني مان ايندڙ دودي جا سڏ ڪو به نٿو ورنائي، ڪوبه ”جاڳو جاڙيجا، سما سک مَ سمهو!“ واري بيداريءَ واري هڪل نٿو ڪري. منهنجي جيجل سنڌ! تنهنجي وجود ۾ نفرتن جا ٿوهر ڪيئن ڦٽا؟ انهن کي سازگار ماحول ڪنهن ميسر ڪيو؟ برادرين جي وچ ۾ تڪرارن سڄي قومي وحدت کي وکيري ڇڏيو آهي. نفرتن جا نانگ پالڻ وارا ڪير آهن؟ هي قومي وجود کي هاڃو رسائڻ وارا ڪير آهن؟ يقينن اهي ڌارين جي ايجنڊا تي عمل ڪندڙ تنهنجا پنهنجا آهن. تون سنڌ آهين ۽ آئون سنڌو، اچو ته پاڻ ۾ سور اوريون. تنهنجي لاءِ منهنجو سر حاضر آهي، هي سر هڪڙو، آڇيندي لڄ مران، هجن سر گهڻا، ته واري واري وڍيان. ڊاڪٽر سنڌو اشرف عباسي/ڪراچي ڊيلي ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: هي سر هڪڙو، آڇيندي لڄ مران! بلڪل سچ لکيل آهي ۽ ان ۾ ڪو وڌاء به ڪونهي۔ ابراهيم منشيء جون سٽون پيو ياد اچن: مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا هو ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾