سنڌ جي بهترين اداڪار عبدالحسين ساريو جو لاڏاڻو تحرير: حميد ڀٽو [JUSTIFY]عبدالحسين ساريو به هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، جڏهن به سندس ڪو ناٽڪ ڪنهن ٽيليويزن چينل تان هلندو هو ته سندس اداڪاري ڏسڻ لاءِ ماڻهو هوٽلن ۽ رستن تي بيهي ويندا هئا. جنهن جو ڪارڻ سندس اداڪاري جو پنهنجو انداز هو. قدآور مڙس يارن جو يار سدائين چهري تي مرڪ. ڪنهن مخالف لاءِ به برو نه سوچيندڙ. سدائين ٻين جو ڀلو پيو سوچيندو هو. ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ گذريل ٻن سالن کان مبتلا هو. ٻه سال اڳ انڪشاف ٿيو ته کيس ڪينسر آهي. انهيءَ کان اڳ ٿر ۾ هڪ ڊرامي جي شوٽنگ دوران ڪردار ۾ حقيقت جو روپ ڀرڻ لاءِ نانگ جي ويجهو ويو هو. نانگ ته نانگ هوندو آهي جنهن جي ڏنگڻ سبب سندس جسم تي زهر جو اثر ٿي پيو هو، جنهن جو هُن علاج ته ڪرايو پر سندس جسم ساڻو رهڻ لڳو. ڊاڪٽرن کيس سائي ٻڌائي ۽ اُن جو علاج ڪيو پئي. هي مڙس ڏينهون ڏينهن ويتر بيمار ٿيندو ويو. ٻه سال پهريان مون وٽ ڪراچي آيو، اچي چيائين ته ڀاءُ مون کي ڊاڪٽرن طرفان ڪينسر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، هاڻي ڇا ڪجي؟ مون کيس دلجاءِ ڏني. ڇاڪاڻ ته منهنجو ساڻس فنڪاراڻو رشتو گهٽ ڀائرن وارو رشتو وڌيڪ هو. اڄ کان 20 سال پهريان جڏهن مان سنڌ فنڪار تنظيم لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جو صدر هيس ته انهيءَ دوران 1990ع ۾ هن باڊهه ۾ پيش ٿيندڙ سندس هڪ اسٽيج ناٽڪ ”سوڍا پٽ سنڌ جا“ ۾ خاص مهمان طور مون کي دعوت ڏني هئي. جڏهن سندس دعوت تي شرڪت ڪئي هئي ته سندس محبت جي انتها هئي. ڊرامي ۾ هيرو به پاڻ هو ته پروڊيوسر به. سندس ناٽڪ جو هدايتڪار ۽ ليکڪ انور شاد هو، جڏهن سندس شاندار ڪارڪردگي تي مجبور ٿي مون انهيءَ وقت ايوارڊ ڏنو ته سندس جو احترام ۽ قدر ڏسي انهيءَ وقت مون کي ويساهه ٿي ويو ته سنڌي ناٽڪ جو وڏو اداڪار ٿيندو. ائين 1990ع کان ساڻس دوستي جو رشتو ويو وڌندو. انهيءَ وقت قومپرست سياست سان سلهاڙيل هو. سندس وفاداريون جيئي سنڌ قومپرست پارٽي سان هيون. هو بعد ۾ قومپرست سياست سان گڏ فنڪار سرگرمين ۾ به تيزي سان اڳتي وڌندو ويو. انهيءَ دوران کيس فنڪار تنظيم باڊهه جو صدر ڪيو ويو، اتي به دل سان ڪم ڪيائين. کيس سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ٺهڻ بعد لاڙڪاڻي ۽ پوءِ سنڌ جي اهم ذميوارين تي آندو ويو، جتي به هن فنڪارن جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪيون. جڏهن سندس جذبي جي واکاڻ دوست ڪندا هئا ته چوندو هو، هي ڏينهن ڪنهن تي به اچي سگهي ٿو. کيس اداڪاري جو شوق ننڍپڻ کان 1983ع کان هو. اسٽيج ناٽڪن ۾ اداڪاري ڪري رهيو هو. هن کي پهريون ڀيرو اداڪاري جو موقعو اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران باڊهه ۾ ملهايل جشن لطيف کان مليو، جنهن بعد باقاعدي اداڪاري جو آغاز اسٽيج ناٽڪ منزل ۽ تڪرار کان ٿيو. سندس ناٽڪ ۾ استاد شهنشاهه عباس هو، جنهن جي وفات بعد شهنشاهه جو خطاب عبدالحسين کي مليو ۽ ڪجهه دوستن کيس لالا جو خطاب به ڏنو. جنهن جو سبب قد جو ڊگهو سهڻو بت ۾ ڀريل جوان مڙس هو ۽ شهنشاهي زندگي گذاريندو هو. ڪڏهن به ڪنهن شيءِ جو فڪر نه ڪندو هو. هن 17 سيپٽمبر 1968ع ڌاري موئن جي دڙي واري مٽيءَ ڀرسان باڊهه شهر جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ عبدالغفور ساريو جي گهر ۾ اکيون کوليون. ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪري ميٽرڪ هاءِ اسڪول باڊهه مان پاس ڪيائين. ايم اي اڪنامڪس ۾ ڪيائين. تعليم حاصل ڪرڻ بعد سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ سوين وس وارن جي درن تي سنڌ جي هزارين نوجوانن وانگر ڌڪا کاڌائين پر کيس سرڪاري نوڪري نه ملي. جڏهن ڪنهن هنڌ انٽرويو ڏئي ايندو ۽ بعد ۾ اها نوڪري نه ملندي هئس ته ڏاڍو پريشان ٿيندو هو ۽ باڊهه کان سڌو اچي لاڙڪاڻي مون وٽ افسوس جو اظهار ڪندي چوندو هو ته ادا هاڻي مان وڏو ٿي ويو آهيان، نوڪري ناهي اڃا ڀائرن تي ڪيترو وزن وجهان. انهيءَ وقت به سندس اکين ۾ لڙڪ هوندا هئا ته وري جڏهن بيماري جي بستري تي پيو هو تڏهن به سندس اکين ۾ لڙڪ هئا. سندس خيال هوندو هو ته ڪنهن جي به مٿان منهنجو وزن نه ٿئي. سندس علاج لاءِ حڪومت جي طرفان سهائتا نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو فنڪارن احتجاجي مظاهرو ڪيو هو، اُن دوران جڏهن پريس ڪلب آيو هو ته چيو هئائين ادا منهنجي ڪري سوين فنڪار روڊن تي نڪري آيا آهن، تن کي هيڏي تڪليف آئي آهي، مان نٿو چاهيان ته منهنجي ڪري ڪنهن کي تڪليف اچي ۽ اُن وقت سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا هئا. انهيءَ وقت به کيس آسرو ڏنو هو ته تون فڪر نه ڪر ساريا توکي ڪجهه نه ٿيندو. فنڪارن جي سخت احتجاج بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سرڪاري فنڊن مان عبدالحسين ساريو جي علاج لاءِ ثقافت کاتي جي موڪليل 5 لکن جي سمري تي صحيح ڪئي هئي. عبدالحسين ساريو کي علاج لاءِ سنگاپور موڪليو ويو، جنهن جي علاج ۾ مدد لاءِ تمام گهڻن وس وارن جو ڪردار به نٿو وساري سگهجي. اُهي اهڙا ڪردار آهن جن پنهنجي وس آهر خاموشي سان سندس مدد ڪئي آهي. تازو جڏهن سندس بيماري وڌي وئي ته آغا خان اسپتال ۾ داخل ٿيو، جنهن کان اڳ پرڏيهه مان علاج ڪرائي آيو ته پنهنجي ٿوري گهڻي زمين کپائڻ سان گڏ پنهنجي گهر واري جا زيور به وڪڻي ڇڏيا هئائين. سندس ڀاءُ علي شير ساريو ۽ ٻين مائٽن سندس علاج ڪرائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي. مسلسل ٻن سالن تائين علاج تي ٿيندڙ خرچ هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ٿي ويو هو، جڏهن ته تازو اسپتال ۾ ڪيميوٿراپي ٿيڻ سبب سندس طبيعت ويتر خراب ٿي وئي. ڪيموٿراپي ٿيڻ بعد سندس ميسيج آيو ته مان زندگي ۽ موت سان جنگ وڙهي رهيو آهيان. سندس ڪراچي واري رهائشگاهه تي ويس، جتي هو بستري تي پيو هو اٿڻ کان لاچار هو. اسان کي ڏسي اٿڻ جي ڪيائين پر ائين نه ڪري سگهيو. انهيءَ وقت ساڻس کوڙ ڪچهري ٿي پر بار بار اهو چوندو رهيو ته ادا مان هاڻي بچي نه سگهندس، منهنجو وقت پورو ٿي ويو آهي. 5 اپريل 2011ع تي منجهند جو سندس گهران اطلاع مليو ته ساريو جي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي رت جون الٽيون پيو ڪري کيس آغا خان اسپتال کڻائي پيا اچون. انهيءَ وقت به فوري طور اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهچي ويس انهيءَ دوران ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جو فون به آيو جنهن کي پڻ ٻڌايم ته هو به اسپتال پهچي ويو. جڏهن عبدالحسين ساريو سان اسپتال جي بيڊ تي وڃي مليس ته هڪدم چيائين ته ادا حميد هاڻي بيماري کان گهڻو تنگ اچي ويو آهيان. 5 اپريل کان 6 اپريل تائين ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل هو. 6 اپريل تي شام جو کيس سي-2 وارڊ جي بستري تي نمبر 221 تي داخل ڪيو ويو، جتي وڌيڪ طبيعت خراب ٿي ويس. 8 اپريل جمعي ڏينهن اطلاع مليو ته عبدالحسين ساريو گذاري ويو آهي، انهيءَ وقت ويساهه نه پئي آيو. فنڪار دوستن ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل سوين دوستن جي فون ڪال اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ فنڪار اسپتال اچڻ شروع ٿي ويا، جيڪي روئيندا پئي آيا. عبدالحسين ساريو جهڙي انسان دوست ۽ سنڌ جي بهترين اداڪار کي سنڌ واسي ڪڏهن به وساري نه سگهندا، ڇاڪاڻ ته سندس فن ڪڏهن به مرڻو ناهي هو اسان کان جسماني طور اهڙي پار ويو آهي، جتان اڄ تائين ڪو به واپس ناهي وريو پر روحاني طور سنڌ واسين سان هميشه گڏ رهندو.[/JUSTIFY] روزانه عبرت تان ورتل
جواب: عبدالحسين ساريو - سنڌ جي بهترين اداڪار جو لاڏاڻو انا لله وانا عليه راجعون ۔۔۔ آ پڻ جڏهن ڪجه ڊراما ڏٺا هئا ته سندس اداڪاري کان متاثر ٿيو هيس، اصل مڙس ماڻهون لڳندو هو ۔۔۔ پر موت سان ڪير مقابلو ڪري؟ اداڪاري جا لوازامات پورا ڪندي نانگ کان پاڻ کي ڏنگائي وڌائين ۽ اهو ئي موت جو ڪارڻ ٿيس ۔۔“؟ زهر ته زهر آهي ۽ اهو به نانگ جو ۔۔۔ رب العالمين کيس بخشش فرمائي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين