هائر ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) ڇا هڪ سياسي مسئلو آهي ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    تازو هر ٽي وي چينل ۽ پرنٽ ميديا تي هائر ايجوڪيشن ڪميشن ڇانيل آهي۔ پارليامينت جي 18 هين ترميم ۾ ڪيل فيصلن جي روشني ۾ تعليم کي صوبن حوالي ڪيو ويو آهي پر سياسي دڪانداري چمڪائيندڙ شايد ان جي بجيٽ کي ٻيهر وفاق حوالي ڪرڻ گهرن ٿا۔ هيڪ جنهن هن وقت تائين 10 هزار کان مٿي اسڪالرشپس ڏنيو آهن انهن مان سنڌ کي صرف 800 اسڪالرشپس ڏنيون آهن۔ سنڌ سان ڪيل اهڙي سلوڪ سبب سنڌ جي سڀني يونيورسٽين بشمول ڪراچي يونيورسٽيڀ جي وائيس چانسلر سميت سنڌ جي موقف جي حمايت ڪئي آهي ته هيڪ کي ختم ڪري تعليم صوبن حوالي ڪئي وڃي۔

    اوهان جي سامهون اڄوڪي اخبارن جون سرخيون ۽ ڪالم پيش ڪجن ٿا۔

    هيڪ تڪرار:سنڌ جي وي سيز پاران سنڌ سرڪار جي حمايت

    ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي صوبن ڏانهن منتقلي واري معاملي تي سنڌ سرڪارجي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبي جي سرڪاري شعبي تحت قائم ٿيل يونيورسٽيز جي وائيس چانسلرن جو اجلاس ٿيو، وڏي وزير چيو ته 18هين ترميم کان به گهڻو اڳ فيڊرل لسٽ نمبر-1 ۽ ڪنڪرنٽ لسٽ ۾ به تعليم صوبائي معاملو هو ۽ يونيورسٽين جي خودمختياري ۽ اختيار صوبائي حڪومت جي ماتحت ٿيا هئا، فنڊ ۽ بجيٽ جي منتقلي جي باري ۾ وڏي وزير چيو ته ان حوالي سان وفاقي حڪومت صوبن سان مشورو ڪيو آهي ۽ بجيٽ ۾ اهو مسئلو به حل ڪيو ويندو، هن واضح ڪيو ته هيڪ جي منتقلي جو مرحلو مڪمل ٿيڻ تائين وفاقي حڪومت ٻن سالن تائين فنڊ مهيا ڪرڻ جي ذميوار هوندي، وڏي وزير وائيس چانسلرن تي زور ڀريو ته فنڊن جي منتقلي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته وڏي وزير جي حيثيت ۾ مان ان ڳالهه جي ذميواري ٿو کڻان ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت فنڊ فراهم نٿي ڪري ته صوبائي حڪومت فنڊن جي فراهمي کي يقيني بڻائيندي، اجلاس ۾ تعليم واري صوبائي وزير پير مظهرالحق، قانون واري وزير اياز سومري، سيڪريٽري قانون سيد غلام نبي شاهه، سيڪريٽري تعليم ناهيد شاهه دراني ۽ ٻين بريفنگ ڏني، ان موقعي تي سمورن وي سيز وڏي وزير جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تعليم جي بهتري لاءِ اهي پنهنجن تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ سخت محنت ڪندا، اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وي سي ڊاڪٽر نذير مغل، مهراڻ يونيورسٽي جو وي سي ڊاڪٽر قدير راجپوت، لمس جو وي سي نوشاد شيخ، ڪراچي يونيورسٽي جو وي سي پيرزاده قاسم، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جو وي سي آر اي شاهه ۽ ٻيا شريڪ هئا، هوڏانهن تعليم واري صوبائي وزير پير مظهرالحق چيو آهي ته هيڪ جا ڪجهه ڪامورا پنهنجون نوڪريون بچائڻ خاطر غلط فهميون پيدا پيا ڪن، تعليم واري وزارت صوبن حوالي ٿيڻ کانپوءِ ان سان لاڳاپيل سمورا ادارا به صوبن جي ماتحت آهن، صوبائي حڪومت پنهنجي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جوڙيندي ۽ اُهو ادارو هر لحاظ کان بااختيار هوندو. هيڪ هن وقت تائين 10 هزار 623 ملڪي توڙي پرڏيهي اسڪالرشپن مان سنڌ کي رڳو 891 اسڪالرشپس ڏنيون آهن، ان مان هيڪ جي سڄي پت وائکي ٿي وڃي ٿي، اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. پير مظهر الحق وڌيڪ چيو ته هيڪ جا ڪامورا جيڪي بيان ڏئي رهيا آهن، انهن مان مونجهارا پيدا ٿي رهيا آهن جنهن ڪري اسان خاموش نه پئي ويهي سگهياسين، هيڪ جو ڊي جي ڊاڪٽر سهيل نقوي سياست بند ڪري، ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پيرزاده قاسم چيو ته اسان کي ڳڻتي هئي ته تعليم صوبن جي حوالي ٿيڻ کانپوءِ يونيورسٽين جي خودمختياري متاثر نه ٿئي پر وڏي وزير خاطري ڪرائي آهي ته يونيورسٽين جي نه رڳو حيثيت کي برقرار رکيو ويندو پر فنڊن جي حوالي سان به يونيورسٽين سان ڪو معاملو نه ٿيندو۔

    مرڪزي ڪامورا ”هيڪ“ کي يرغمال رکڻ ڇو ٿا چاهين؟
    جاويد لانگاهه

    [JUSTIFY]جڳ مشهور هندستاني فلم ”شعلي“ جي هڪ منظر ۾ رام ڳڙهه جي ڳوٺڙي ۾ ”گبر سنگهه“ جي ساٿين هٿان مارجي ويل نوجوان جو لاش اڇي چادر ۾ ويڙهيل پيو هوندو آهي، نوجوان جو پوڙهو پيءُ جيڪو ڳوٺ جي مسيت جو پيش امام ۽ اکين کان وڏو هوندو آهي، کيس ٻه ماڻهو سهارو ڏيئي ماڻهن جي ميڙ کي چيريندا لاش طرف وڌندا آهن. توڙي جو لاش جي آس پاس سوين ماڻهو بيٺل هوندا آهن، پر سمورا پنڊپهڻ ٿيل هوندا آهن. ان منظر ۾ پوڙهي پيش امام جو هي ڊائلاگ انتهائي معصوميت سان گونجندو آهي، ”اتنا سناٽا ڪيون هي بهائي، کوئي بتائي تو سهي.“ تازو هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي 18 هين آئيني ترميم کان پوءِ صوبن حوالي ڪرڻ تي ٿيندڙ واويلا تي، جيڪا خاموشي ۽ لاتعلقي ٽن ننڍن صوبن ۽ خاص طرح سنڌ ۾ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آئي آهي، ان تي شعلي فلم جي انڌڙي پيش امام جو مٿيون ڊائيلاگ ٺهڪي اچي ٿو.

    اصولي طور 18 آئيني ترميم پاس ٿيڻ بعد جتي ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ٿيڻ سان تعليم سميت ٻيا ڪيترائي وفاقي کاتا (جيڪي وفاق 60 سالن کان دٻايو ويٺو آهي) صوبن حوالي ٿيڻا آهن، اتي هائير ايجوڪيشن ڪميشن پڻ صوبن حوالي ٿيڻي آهي. حڪومت ۽ خاص طرح آئيني سڌارن ۽ ڊي ووليوشن ڪاميٽي جي سربراهه سينيٽر رضا رباني طرفان ايڇ اي سي کي صوبن حوالي ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ ڪيترن ڏهاڪن تائين يو جي سي ۽ هاڻ ايڇ اي سي تي حڪمراني ڪندڙ وفاقي طرز جي آٽوڪريسيءَ جا مزا ماڻيندڙ همراهه گبر سنگهه جي ساٿين جيان هاهاڪار ڪري رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ان واويلا تي سانت ڇانيل آهي، جتان رکي رکي رام ڳڙهه جي معذور ٺاڪر جيان ڪو هڪ اڌ آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي. ايڇ اي سي جو صوبن حوالي ٿيڻ خلاف سڀ کان پهريون آواز هائير ايجوڪيشن جي اڳوڻي چيئرمين عطاءُ الرحمٰن جو ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن صاحب ته هڻي هنڌ ڪري ڇڏيو. پاڻ صاحبن ملڪ جي آرمي چيف ۽ چيف جسٽس پاڪستان کي اپيل ڪري ڇڏي آهي ته اهي ٻئي وس وارا مداخلت ڪري ايڇ اي سي کي اسلام آباد جي قبضي هيٺ رهڻ ۾ مدد ڏين، ٻي صورت ۾ بقول ڊاڪٽر عطاءُ الرحمٰن ۽ ايڇ اي سي جي هاڻوڪي چيئرمين جاويد لغاري پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جو نالو نشان ئي مٽجي ويندو.

    ڊاڪٽرن عطاءُ الرحمٰن ۽ ان جهڙن ٻين اڪابرن طرفان آرمي چيف ۽ چيف جسٽس کي مداخلت جي اپيل بلڪل سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهه آهي. ڊاڪٽر صاحب پاڻ مشرف جي مارشلائي ۽ نيم مارشلائي ڏهاڪي جو فيضيات ٿيل شخص آهي. مشرف سرڪار جڏهن يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ٽوڙي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جوڙي ان جون واڳون ڊاڪٽر عطاءُ الرحمٰن حوالي ڪيون ته کيس شروعاتي سالن کان 40 ارب روپين جي ڳري رقم جاري ڪئي ويئي، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ مشرف سرڪار وٽ آمريڪا جا اڻ ميا ڏوڪڙ هئا. اهڙي طرح ڊاڪٽر عطاءُ الرحمٰن 10 سالن ۾ ڪيئي کرب روپيا بنا ڪنهن آڊٽ ۽ حساب ڪتاب جي خرچ ڪندو رهيو. ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جي اعليٰ تعليم ڪهڙي معراج تي پهتي، سا سنڌ واسين کي ته ڏسڻ ۾ ڪونه آئي آهي، باقي ڊاڪٽر عطاءُ الرحمٰن جو جادو جيڪڏهن ڪنهن ڏٺو آهي ته کربين روپين عيوض ٿيل ترقيءَ جو اهو ڪرشمو اسان کي به ڏيکاري، جيڪڏهن ڊاڪٽر عطاءُ الرحمٰن ۽ جاويد لغاري مها ڏاها ۽ ننڍن صوبن ۾ ويٺل اجتماعي ڏاهپ ۽ ناليوارن عالمن کان مٿڀرا آهن ته پنهنجي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي ڏاهپ تي مليل ”نوبل انعام“ عوام اڳيان کڻي اچن. مان يقين سان چوان ٿو جيترا کرب روپيا ايڇ اي سي کي ڏنا ويا آهن، انهن ڏوڪڙن جو اڌ به جيڪڏهن سنڌ ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ قلندر شاهه جهڙن فقير منشن ۽ بلوچستان ۾ ماما عبدالله جمالديني ۽ ڊاڪٽر شاهه محمد مري کي ڏنو وڃي ها ته هوند ان کان بهتر ادارا سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موجود هجن ها.
    جهڙي طرح 18 هين آئيني ترميم بعد وفاق طرفان مختلف کاتا صوبن حوالي ڪرڻ ۾ ارهائي ۽ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن، اهڙي طرح هائيرايجوڪيشن ڪميشن جي صوبن کي حوالي واري سوال تي پڻ اسلام آباد ۾ ويٺل ڪامورا شاهي اختيار پنهنجي هٿان ويندي ڏسي چونڊيل حڪومت جي فيصلن کي بي اثر ڪرڻ لاءِ طاقت جي ٻين ”محلن“ ڏانهن واجهائي رهي آهي. وفاق هڪ ”علامت“ ۽ صوبا هڪ ”حقيقت“ آهن. اسلام آباد ۾ ويٺل ڪامورا شاهي ۽ مخصوص سوچ ان حقيقت کي مڃڻ کان انڪاري آهن.

    حقيقت هيءَ آهي ته هي رڳو 18 هين آئيني ترميم يا صوبن جي حقن کان انڪار جي ڳالهه نه آهي، پر هي ان مائينڊ سيٽ ۽ ”اجاره داري“ جي ڳالهه آهي، جيڪا 60 سالن کان قائم آهي. ان ڪري ايڇ اي سي جي صوبن ڏانهن منتقلي واري نقطي تي احسن اقبال جهڙا اڳواڻ اڳيان نڪري آيا آهن. سڀ ڄاڻن ٿا ته احسن اقبال صاحب جنهن ”سرچشمي“ مان ڦٽي نڪتو آهي، ان 6 ڏهاڪن تائين ملڪ جي نظرياتي سرحدن جي حفاظت جي نالي ۾ جيڪا ”نظرياتي آمريت، مڙهي رکي آهي، ان پاڪستان اندر رهندڙ فطري قومن جي تاريخ ۽ تعليمي نصاب سان وڏيون جٺيون ڪيون آهن. انهي قومي تعليمي پاليسي ۽ سوچ تحت سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان سميت سرائيڪي پرڳڻن ۾ حقيقي هيروز ۽ عوامي تاريخون مسخ ڪيون ويون آهن ۽ نتيجي ۾ انيڪ حملا آورن کي نصابن مٿان مڙهي، ريسرچ ۽ ڏاهپ جو سرچشمو فاتخن ۽ قبضاگيرن جي تاريخ کي بڻايو ويو. احسن اقبال ڊاڪٽر عطاءُ الرحمٰن، 71 سرڪاري ۽ 62 خانگي يونيورسٽين سميت ايڇ اي سي جي صوبن ڏانهن منتقلي جي مخالفت ڪندڙ صاحبن کي اهو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي صوبن ڏانهن وڃڻ سان هموار تعليمي پاليسي ۽ ”قومي سوچ“ جو انت اچي ويندو.

    سچ پڇ ته هي اهڙا ڪمزور دليل آهن، جن سان 18 هين آئيني ترميم ۽ صوبن جي فطري آئيني حق جي رستا روڪ نٿي ڪري سگهجي، پر هنن همراهن جي حوصلي کي شاباس آهي. آخر هي دانهن ڪوڪ ڇو نه ڪن، پورا 6 ڏاهاڪا هنن وفاق جي نالي تي ادارن مٿان غلبو ڄمائي پنهنجون ننڍڙيون بادشاهيون قائم رکيون آهن. حيرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته پرائيوٽ يونيورسٽين سان گڏ 71 سرڪاري شعبي جي يونيورسٽيز جا وائيس چانسلر به ايڇ اي سي کي صوبن حوالي ڪرڻ خلاف ميدان ۾ لهي آيا آهن. (ڪالهه سنڌ جي اهم يونيورسٽيز جي وي سيز سنڌ سرڪار جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.) هڪ اجلاس بعد پشاور يونيورسٽي جي وي سي جي اڳواڻي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وي سيز وڏي معصوميت سان چيو آهي ته ”هو آهن ته سرڪار جا ماڻهو، پر ان فيصلي جي مخالفت ڪندا.“ اصل ۾ جهڙي طرح هائير ايجوڪيشن ڪميشن پنهنجي اندر هڪ ”مونو پولي“ رهي آهي، تهڙي طرح هر يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به پنهنجي ننڍڙي ڪائنات جو ”ڌڻي“ آهي. يونيورسٽيز صوبن اندر هوندي هڪ الڳ دنيا وانگر رهيون آهن ۽ انهن جا وائيس چانسلر صوبن جي چونڊيل حڪومت ۽ اسيمبلين کي ڪڏهن به خاطر ۾ نه آڻيندا آهن. سندن پوسٽنگز، ٽرانسفر ۽ فنڊن لاءِ وي سي گورنر ۽ ايڇ اي سي وچ ۾ هڪ جدا چئنل جڙيل هوندو آهي، جنهن ۾ صوبائي سرڪار جو ڪوبه عمل دخل نه هوندو آهي. هاڻ وي سي صاحبان جڏهن اها دنيا اجڙندي ڏسي رهيا آهن ته کين هموار تعليمي پاليسي، ايڇ اي سي جا ڪارناما ۽ ملڪ جو تعليمي مستقبل ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. ضرور کين ڪا پٺڀرائي حاصل آهي، نه ته وي سي سرڪاري ملازم آهن ۽ چونڊيل اسيمبلي طرفان گڏيل راءِ سان پاس ڪيل آئيني ترميم ۽ چونڊيل حڪومت جي فيصلي جي مخالفت ڪرڻ آئين کان انڪار ۽ سول نافرماني آهي، جيڪا گهٽ ۾گهٽ وي سيز ڪنهن وڏي پٺڀرائي يا مها مفاد خطري ۾ پوندي ڏسڻ کان سواءِ نٿا ڪري سگهن. هاڻ اچون ٿا ايڇ اي سي جي ان ڪارڪردگي تي، جيڪا گذريل تيرهن، چوڏهن سالن کان هن ايترا ڪيئي کرب روپيا خرچ ڪري ڏيکاري آهي.

    چون ٿا ته ايڇ اي سي جي پاليسين سان ملڪ ۾ 10 کان 14 هزار پي ايڇ ڊيز اسڪالرز پئدا ٿيا آهن ۽ 50 کان 60 هزار ريسرچ پيپر تيار ٿيا آهن، جيڪو هڪ انقلاب آهي، ۽ ايڇ اي سي صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ سان اهو ”رد انقلاب“ ۾ تبديل ٿي ويندو. انهيءَ نظرئي جي حامين جي نظر ۾ پاڪستان جي يونيورسٽين طرفان ڏنل ڊگرين جي اهميت ايڇ اي سي جي ٺپي سبب آهي، ٻي صورت ۾ دنيا ۾ انهن ڊگرين ۾ ڪير پڪوڙا ۽ چپس ويهي کائڻ به پسند نه ڪندو. اول ته ايڇ اي سي طرفان ايترا پئسا ۽ وسيلا خرچ ڪرڻ کان پوءِ جيڪي پي ايڇ ڊي ڊگريون ۽ ريسرچ پيپر حاصل ڪيا ويا آهن، تن جي ڪوالٽي تي ڪيترائي سوال اٿندا رهيا آهن. خاص ڪري ملڪ اندر ٿيندڙ پي ايڇ ڊيز ۽ ريسرچ پيپز مٿان. تعداد ۾ ته 10-5 هزار پي ايڇ ڊي ڊگريون وڏي ڳالهه آهي پر اصل ۾ انهن ڊگرين جي ڪوالٽي ڪڏهن به بين الاقوامي معيار جي نه رهي آهي. پاڪستان ۾ ريسرچ پيپرز جي شعبي ۾ Plagiarism جڳ مشهور آهي، جنهن ۾ پرائي ريسرچ پيپر کي ”اتاري“ ان جي پنهنجي نالي سان جلد بندي ڪرائڻ جو رواج عام آهي ۽ سڄو ڪم ايڇ اي سي جي مهرباني ۽ مهربانن جي سهائتا سان ٿيندو رهيو آهي. چيو پيو وڃي ته پرڏيهه مان هيل تائين جيڪا 6 سئو کان 7 سئو ملين ڊالر مليا آهن، سي ايڇ اي سي جي ڪارڪردگي ڪري مليا آهن. حقيقت ۾ ورلڊ بئنڪ، يو ايس ايڊ ۽ يورپي ملڪن طرفان جيڪا امداد ڏني پئي وڃي، سا هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ نه پر اعليٰ تعليم واسطي ڏني پئي وڃي ۽ اها امداد پاڪستان ۾ وڌندڙ انتهاپسنديءَ کي نظر ۾ رکي ترجيحي بنيادن تي ڏني پئي وڃي ته جيئن وڌيڪ عالم ماڻهو پئدا ڪري اعتدال ۽ علم کي هٿي ڏني وڃي. سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ڇا ايڇ اي سي صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ سان پرڏيهي ملڪ ۽ ادارا اها امداد بند ڪري ڇڏيندا؟ ان جو جواب آهي، ”بنهه نه” ڇاڪاڻ ته اهي پئسا يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن لاءِ آهن ۽ يونيورسٽين جو وجود خلا ۾ نه، پر صوبن ۾ آهي. جيڪڏهن اها امداد ملڪ ۾ سهپ ۽ علم جي واڌاري لاءِ آهي ته سنڌ کي مستقبل ۾ جڙندڙ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي وڌيڪ امداد ملڻ جا واضع امڪان آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ سهپ ۽ رواداري ۽ صوفي فلسفي جو پرچارڪ واحد صوبو آهي.

    سچائي هيءَ آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن صوبن حوالي ڪرڻ سان پاڪستان جي تعليم کي ڪنهن به قسم جو خطرو درپيش نه آهي، پر اصل خطرو اختيار ڦٻائي رکندڙ سوچ کي آهي، جيڪا چونڊيل حڪومت ۽ اسيمبلي جي قانوسازي باوجود کاتا، ادارا ۽ حق صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ نٿي چاهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين، دانشورن ۽ اعليٰ تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ فردن ۽ تنظيمن کي سنڌ حڪومت طرفان ايڇ اي سي جي منتقلي واري مطالبي ۾ پنهنجو آواز شامل ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير پير مظهر الحق ايڇ اي سي جي سنڌ ۽ ننڍن صوبن ڏانهن روش واضح ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته 10 هزار کان وڌيڪ اسڪالرشپس مان سنڌ کي فقط 8 سئو جي لڳ ڀڳ اسڪالرشپس ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ انهن اسڪالرشپس جو تعداد ساڍا پنج هزار تائين آهي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي مالڪي واري ڳالهه رڳو اڄ جي حڪومت جي اختيار جي ڳالهه نه آهي، پر ان سان سنڌ جي اعليٰ تعليم لاءِ آئيندي جو ادارو جوڙڻ جي خواهش ۽ فطري آئيني حق شامل آهن. نقاد ته اهو به چئي سگهن ٿا ته سنڌ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي، مٿان وري ان عمل سان يونيورسٽين جو ٻيڙو به ٻڏي ويندو. سوال اهو آهي ته پهريان اعليٰ تعليم جو ٻيڙو هٿ ته ڪريو، ٻوڙڻ ۽ تارڻ جي ڳالهه بعد ۾ طئي ڪبي. صلاحيتون نه هجڻ ۽ ادارا نه سنڀالي سگهڻ وارو دليل ته عطاءُ الرحمٰن، احسن اقبال ۽ جاويد لغاري جهڙا اڪابر به ڏيئي رهيا آهن. ڇا ان ڊپ کان سنڌ ۽ ٻيا ننڍا صوبا ادارن جي آئيني مالڪي تان هميشه لاءِ هٿ کڻي وڃن. اهڙي طرح ته ايندڙ سئو سالن ۾ به صوبن وٽ صلاحيت پئدا ٿي نه سگهندي. حقيقت ۾ جيستائين اختيار ۽ وسيلا صوبن ڏانهن منتقل نه ٿيندا، تيستائين ادارا ٺاهڻ ۽ هلائڻ جي شروعات به نه ٿي سگهندي. ان لاءِ سڀ کان پهريون قدم اختيارن ۽ ادارن جي منتقلي آهي. ان لاءِ سنڌ جي سمورين ڌرين کي پنهنجي وسيلن، حقن ۽ ادارن جي مالڪي لاءِ سنڌ سرڪار جي اصولي قدمن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. ايڇ اي سي واري مامري تي سنڌ جي اڪثريت جي خاموشي حيرت انگيز آهي. سنڌ کي ادارا گهرجن، جي ايم سيد ۽ ٻين وڏڙن هٿان جوڙيل سنڌ يونيورسٽي، ادبي بورڊ ۽ ٻيا ادارا سنڌ کي باشعور بڻائي ويا، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جهڙي اداري جي مالڪي سان نئين سنڌ اڏي سگهجي ٿي، جيڪا ضرور تبديل ٿيل سنڌ هوندي.
    [/JUSTIFY]javedlangah@yahoo.com

    هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي منتقلي تي اعتراض ڇو؟
    سهيل ميمڻ

    [JUSTIFY] ملڪ ۾ يونيورسٽين تي ڪنٽرول واري اداري هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي صوبن حوالي ڪرڻ وارو فيصلو آئيني ترميم تي عمل ڪندي صوبن حوالي ڪرڻ وارو عمل ڇا شروع ٿيو آهي، اصل ممڻ مچي ويو آهي. تعليم نج صوبائي مسئلو هئڻ ڪري، صوبن کي ڪجهه کاتا ڏيڻ واري موجوده حڪومت جي ساراهه جوڳي فيصلي هيٺ هائر ايجوڪيشن ڪميشن، جيڪو ملڪ جي يونيورسٽين جو اڇي ڪاري جو مالڪ رهيو آهي، صوبن حوالي ڪرڻ واري اعلان بعد هر اهو ماڻهو، هر اهو ادارو ۽ هر اهو آفيسر ان جي مخالفت ۾ ڪاهي پيو آهي، جيڪو نٿو چاهي ته هو ملڪ جي آئيني يونٽن يعني صوبن جي اصل رهواسين کي ڪو حق ملي. حيرت ان ڳالهه تي آهي ته،HEC جيڪو سالن کان سنڌ ۽ سنڌين لاءِ شجرِ ممنوع بڻيل رهيو، خاص ڪري جنرل مشرف واري دور ۾ ان اداري تي ڊاڪٽر عطا الرحمٰن کي اٺن سالن کان وڌيڪ اڇي ڪاري جو مالڪ ڪيو ويو، ان دور ۾ ڏهه هزار کان وڌيڪ پرڏيهي اسڪالرشپس ۾ سنڌ جي کاتي ۾ صرف ساڍا اٺ سئو وڌيون ويون ۽ انهن مان به سنڌي ڳالهائيندڙ اڌ تعداد ۾ به نه هو. مشرف جي دور بعد پ پ حڪومت عطاالرحمٰن کي هٽائي جاويد لغاري کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ته، سنڌ جي ماڻهن کي اميد ٿي ته، شايد سنڌ جا شاگرد هاڻي هائير ايجوڪيشن ڪميشن مان پنهنجو جائز حصو وٺي سگهندا، پر جاويد لغاري ڪو ٻوٽو نه ٻاريو. پر هاڻي هائير ايجوڪيشن ڪميشن صوبن کي حوالي ڪرڻ جي ڇتي مخالفت ڪري نه صرف سڀني صوبن جي مظلوم عوام جو حق مارڻ وارن جي پهرين صف ۾ بيٺل نظر اچي ٿو، بلڪه ملڪ جي آئين جي به مخالفت جي ذمري ۾ اچي ٿو.
    هائير ايجوڪيشن ڪميشنHEC سيپٽمبر 2002ع ۾ جنرل مشرفPCO قانون تحت ٺاهيو هو. اهو ادارو سڌي ريت وزير اعظم جي اختيار هيٺ خزاني واري وزارت مان پنهنجو حصو سڌو وصول ڪندو رهيو آهي. ان اداري ۾ هر آفيسر ايم پي گريڊ جون لکن ۾ پگهارون کڻندو رهيو آهي. ٻيون موجون، سندن اولادن، مٽن مائٽن جون پسند وارن ملڪن ۾ اسڪالر شپس جدا آهن. هائير ايجوڪيشن ڪميشن، ٽينوئر ٽريڪ سسٽم ۽ فارين فئڪلٽي پاليسي هيٺ ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان سان ديده دليري سان ناانصافي ڪندو آيو آهي. ان اداري تعليم کي واپار ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ ماڊل يونيورسٽي آرڊيننس هيٺ ڪارپوريٽ سيڪٽر کي پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيز سان متعارف ڪرائي، غريبن جي پهچ کان تعليم کي دور ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.

    هائير ايجوڪيشن يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ۾ وڌيڪ سڌارا آڻڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر جيئن مشرف جو هر ادارو سنڌ لاءِ شجرِ ممنوع هو، ائين ئي هيڪ ۾ به ٿيو. ڊاڪٽر عطاءُالرحمٰن مشرف جو سمورو دور ان اداري جو اڇي ڪاري جو مالڪ رهيو. اهو سمورو دور بشمول پيپلز پارٽي موجوده حڪومتي دور ۾جاويد لغاري جي ان اداري جي چيئرمين ٿيڻ تائين سنڌ 71 اداري مان ڪو به لاڀ نه ورتو آهي. سنڌ جي حصي جون نوڪريون، استادن توڙي شاگردن جون اسڪالرشپس، سيمينار، ڪانفرنسز وغيره ۾ شرڪت سنڌ جي شاگردن کي خبر ئي نه هوندي آهي. مٿان ئي مٿان، اسلام آباد مان اهو ادارو گذريل ڏهه سالن کان سنڌ جو حق ماريندي پنهنجي من پسند اهڙين اسڪالرشپس وغيره لاءِ موڪليندو رهيو آهي.

    جاويد لغاري يا ميڊيا جا اهي گروپ جيڪي نٿا چاهين ته صوبن جي اصل وارثن وٽ تعليم سان لاڳاپيل اهو کاتو وڃي، اهي سڀ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي خاتمي کي سياستدانن جي ڊگرين جي چڪاسن سان ڳنڍين پيا. اهڙو ڪو معاملو ناهي، سڌي ڳالهه آهي ته تعليم جو کاتو صوبائي معاملو آهي ۽ اعليٰ تعليم به صوبن جو ئي معاملو آهي ۽ اهو سڀ هڪ ڏينهن ۾ نه ٿيو آهي، بلڪه آئيني ترميم ۾ ٿيو آهي، جيڪو پارليامينٽ پاس ڪيو آهي. جاويد لغاري ته پنهنجي ڊي سي او ڀاءُ جي ڪنهن مسئلي ۾ گرفتاري کي به سياستدانن جي ڊگرين جي چڪاس سان ڳنڍي ڇڏيو هو، نه ته ڳالهه ايتري سڌي ناهي جيئن، اردو ميڊيا جا چينل ۽ جاويد لغاري هڪ آواز ٿي چئي رهيا آهن ته، ملڪ ۾ تعليم تباهه ٿي ويندي. ان اداري جي ختم ٿيڻ سانHEC کي ته ڏهه سال ٿيا آهن. ڇا ان کان اڳ ۾ تعليم تباهه هئي ۽ ان اداري اچي، تعليم کي بلندين تي پهچايو آهي. سواءِ صوبن جي استادن ۽ شاگردن جا حق غصب ڪرڻ جي ان اداري ٻيو ڪجهه به نه ڪيو آهي. ائين به ڳالهه ايتري سادي ناهي، صوبا 62 سالن کان پنهنجا حق ۽ اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندا آيا آهن. هاڻي جڏهن تعليم جوکاتو مالڪن حوالي ٿي رهيو آهي ته اهي سڀ قوتون، جن جي دڪانداري هلي رهي آهي، ان اداري جي بند ٿيڻ کي تعليم جي تباهي سان ڳنڍي رهيون آهن. هيڪ جو چيئرمين آمريڪا پاران پئسا بند ڪرڻ جو مثال ڏئي ٿو. ظاهر آهي، هڪ ادارو جيڪو صوبن ڏانهن وڃي رهيو آهي، ۽ آئيني طور سندس ڪابه حيثيت نه بچي آهي، ان کي آمريڪا امداد ڇو ڏيندو، هاڻي اها امداد سڌي يا اڻ سڌي طرح صوبن کي ملندي.

    دنيا ۾ اعليٰ تعليم، شاگردن کي ويجهي کان ويجهي علائقي ۾ مهيا ڪري ڏيڻ جو اصول رائج آهي. هتي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ هر ضلعي ۾ يونيورسٽي يا ان جي ڪميشن آهي، پر صرف سنڌ ۾ ميرپورخاص جهڙا شهر به اڃا اها سهولت حاصل ناهن ڪري سگهيا ۽ اهو سڀ ان اداري هيڪ جي مهرباني آهي. جيئن مشرف سرڪار ڏهه سالن ۾ بجلي جو هڪ يونٽ پيدا نه ڪيو، تيئن ان اداري سنڌين جو پرڏيهي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ تي غير اعلانيه بندش وجهي ڇڏي ۽ ان عمل کي جاويد لغاري پڻ ٻن سالن کان جاري رکيو پيو اچي. اسلام آباد ۾ شاگرد ان اداري جو صوبن حوالي ٿيڻ خلاف مظاهرا ڪري رهيا آهن. سنڌ ۽ بلوچستان جي شاگردن ۽ استادن کي، اهو ادارو صوبن حوالي ڪرڻ جي حق ۾ ميدان ۾ اچڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف جي سنڌ جي صرف پروفيسر بدر سومرو جو چوڻ آهي ته، صوبن کي ان حق کان محروم ڪيو ويو ته احتجاج ڪنداسين ڇاڪاڻ جو، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، ننڍن صوبن جي استادن ۽ شاگردن جو ڏهه سال رت چوسيو آهي.

    سنڌ جي قومپرست ڌرين کي پڻ اڳتي اچي حڪومت جي ان قدم جي حمايت ڪرڻ گهرجي ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارن جي صوبن ۽ آئين دشمن قدمن جي مذمت ڪرڻ گهرجي. ان معاملي ۾ وفاقي وزير رضا رباني جي موقف جي ساراهه نه ڪبي ته غلط ٿيندو، جنهن واضح ڪيو آهي ته، اهو ادارو صوبن جو حق آهي، ۽ صوبن کي ضرور ملندو[/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هائر ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) ڇا هڪ سياسي مسئلو آهي ؟

    وفاق ۽ فوج جا پليل ۽ صوبن جي خودمختياريءَ جا دشمن، جڏهن به ڪو صوبن کي فائدي رسائڻ وارو عمل ٿئي ٿو ته انکي سياسي رنگ ڏئي اهڙو ته خطرناڪ ڪري پيش ٿا ڪن جو بس قيامت ويجهي نظر ٿي اچي جئين جيئو ٽي ويءَ وارن اصل ڳالهه کي اهڙو کنيو آهي جو ڄڻ هاڻ تعليم جي تباهي يقيني ٿي وئي آهي ۔۔۔ لعنت آهي اهڙن ڪوڙن ۽ ٺڳن کي جيڪي مظلوم کي ٿورڙي حق ملڻ تي به واويلا ڪري معاملي کي ڪيڏانهن کان ڪيڏانهن کڻي وڃن ٿا ۔۔۔

    اسين حڪومت جي ان عمل جي ڀرپور تاعيد ڪريون ٿا ۽ سنڌ جي قومپرست ڌرين کي پڻ اپيل ٿا ڪريون ته تعليم صوبن جو حق آهي ۽ انهنکي ان جا پورا حق هجڻ کپن ۔۔۔

    هندستان ۾ سڀني صوبن وٽ پنهنجو تعليمي نظام آهي ۽ پنهنجا ادارا، ۽ هن وقت دنيا ڀر ۾ هندستان تعليمي ميدان ۾ اڳ کان اڳرو ٿي رهيو آهي ۔۔۔ انڪري اسانکي پنهنجن پاڙيسرين جي سٺين شين کان سبق سکڻ گهرجي ۽ صوبن کي خودمختياريءَ جا حق ڏجن ۔۔۔

    سٺو ليک آهي
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هائر ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) ڇا هڪ سياسي مسئلو آهي ؟

    ادا ! هيڪ جو صوبن جي طرف منتقل ٿيڻ‌ بلڪل صوبن جي لاءِ فائدي مند آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا اُهي وزير جيڪي اسان جي لاءِ ٻين شعبن ۾ ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه نه ڪري سگهيا آهن ڇا اهي صوبائي ليول تي مليل هيڪ جي فنڊن ۾ ڪرپشن نه ڪندا۔۔۔۔
    هيڪ جيڪڏهن صوبائي ليول تي آئي ته فائدو سنڌ ۽ بلوچستان کي ٿيندو۔۔ ڇو ته انهن صوبن جي شاگردن کي پنجاب جي 10 شاگردن جي مقابلي ۾ هڪڙي اسڪالرشپ به نه ٿي ملي۔۔۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هائر ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) ڇا هڪ سياسي مسئلو آهي ؟

    اسان جو خيال هي آهي ته وفاق وٽ مين کاتا ئي هئڻ گهرجن جهڙوڪ ڪرنسي، دفاع، خارجه پاليسي، باقي سڀ اختيار هر صوبي وٽ پاڻ وٽ هئڻ گهرجن، آءُ ابڙي صاحب جي رائي سان متفق آهيان۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هائر ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) ڇا هڪ سياسي مسئلو آهي ؟

    سپريم ڪورٽ ايڇ اي سي کي ڪم جي اجازت ڏئي ڇڏي
    پارليامينٽ کي ڪم کان روڪڻ بدترين مثال هوندو: رضا رباني


    [justify] اسلام آباد (بيورو /اي پي پي) سپريم ڪورٽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي ختم ڪرڻ خلاف درخواستن کي اڪلائيندي هدايت ڪئي آهي ته سان نئين قانون سازي ٿيڻ تائين ڪميشن کي بدستور ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. اڱاري ڏينهن چيف /جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ جسٽس سائر علي ۽ جسٽس غلام رباني تي ٻڌل بينچ ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان موقعي تي درخواست گذار پروفيسر جي اي صابري جي وڪيل انور منصور چيو ته حڪومت کي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ختم ڪرڻ جو اختيار ناهي. ڄاڻايل معاملي کي پارليامينٽ ۾ طئي ڪرڻ گهرجي، اٽارني جنرل مولوي انوارالحق عدالت کي ٻڌايو ته هائير ايجوڪيشن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڪو حڪم نامو جاري ناهي ٿيو، جڏهن ته اعليٰ تعليم جي ڪميشن جي قيام لاءِ هيڪ جي نمائندن ۽ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن سان صلاح مشورو جاري آهي ۽ ان حوالي سان مسودو تيار ڪيو پيو وڃي جنهن تي چيف جسٽس کانئس پڇيو ته ان صورت ۾ اهو سمجهيو وڃي ته ڪميشن ختم نه ڪئي ويندي. اٽارني جنرل يقين ڏياريو ته نئين قانون سازي ٿيڻ تائين ڪميشن ڪم ڪندي رهندي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ڪوبه فيصلو آئين ۽ قانون مطابق ڪيو ويندو. ان هائير ايجوڪيشن ڪميشن بابت 31 مارچ 2011 جو جاري ٿيل نوٽيفڪيشن جو حوالو ڏيندي چيو ته نوٽيفڪيشن بابت اسٽي آرڊر ان لاءِ نه ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته ان سان ڪميشن جي سلسلي ۾ نئين قانون سازي ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته درخواست گذار جي وڪيل انور منصور ۽ ٻين سان گڏجي اهڙو رستو ڪڍيو وڃي جنهن سان ڪميشن جو ڪردار متاثر ٿيڻ بنا نئين آئين سازي جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ٿئي. بعد ۾ عدالت درخواستن کي عبوري طور تي اڪلائيندي قرار ڏنو ته نئين قانون سازي ٿيڻ تائين هائير ايجوڪيشن ڪميشن پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي جنهن تي 31 مارچ جو جاري ٿيل نوٽيفڪيشن لاڳو نه ٿيندو ۽ ڪميشن 2002ع جي آرڊيننس تحت موجوده ذميواريون ادا ڪندي رهندي. ارڙهين ترميم تي عملدرآمد ڪميشن جي سربراهه سينيٽر رضارباني چيو آهي ته هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري، پارليامينٽ ۾ کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي حوالي سان جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ڪو اسٽي آرڊر جاري ڪيو ته اهو بدترين مثال تاريخ ۾ نه ملندو، ارڙهين ترميم پارليامينٽ جي امانت آهي. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي سطح تي اعليٰ تعليم جي معيار لاءِ خودمختيار ادارو قائم ڪنداسين. جنهن کي چيئرمين جي تصديق ۽ يونيورسٽين جي درجه بندي جو اختيار هوندو، هن چيو ته ايڇ اي سي وارا هاڻي سياست ڪري رهيا آهن، هيڪ پهرين يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن هئي، جنهن کي اڳوڻي صدر مشرف ايڇ اي سي جو نالو ڏنو. ڪجهه عنصر اختيارن جي صوبن کي منتقلي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهي رهيا آهن. رضارباني وڌيڪ چيو ته عملدرآمدي ڪميشن ايڇ اي سي چيئرمين ۽ 12 يونيورسٽين جي وائس چانسلرز کي به گهرايو ۽ ايڇ اي سي جي حوالي سان انهن جي راءِ حاصل ڪئي ۽ کين ٻڌايو ويو ته ايڇ اي سي جو نالو تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ ڪجهه اختيار صوبن کي منتقل ڪيا ويندا. رضارباني چيو ته ڊگرين کي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو گڏيل ڪميشن ڪندي ۽ ان ڪميشن کي مڪمل اختيار هوندو ته هو غيرقانوني يونيورسٽين خلاف ڪارروائي ڪندي[/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو