زينب کي سخت بخار ٿي پيو هو ۽ سندس مٿي ۾ به ڏاڍو سور هو ۽ وري هڪ درجن جيترا ٻارڙا به کيس ڏاڍو تنگ ڪري رهيا هئا، وٽس کين پرچائڻ لاءِ ڪجهه هڙ ۾ پئسا هئا ئي ڪونه ته آخر هو ڇا ٿي ڪري سگهي، مٿان اچي منجهند جي ماني جو وقت ٿيو ته سندس مڙس به اچي ڪڙڪيو ۽ ايندي شرط ئي پڇيائين ته ماني ڇو تيار ڪونه ڪئي اٿئي، بس ڪوبه سبب ٻڌڻ کانسواءِ ئي هن ڀر ۾ پيل لٺ کڻي زينب جي مٿي ۾ وهائي ڪڍي، جيڪا اتي ئي فوت ٿي وئي، ٻارڙن روئڻ شروع ڪيو پر سندن پيءُ کين دڙڪا ڏئي رهيو هو، اهڙا واقعا اسان جي معاشري ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ٿيندا رهن ٿا، عورتن کي ائين معمولي ڳالهين تي بيدردي سان ماريو وڃي ٿو ۽ اهڙي قتل جهڙي گناهه تي به مردن کي ڪا سزا نٿي اچي ۽ اهي وري به آزاد گهمندا وتن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو مرد عورت تي تشدد ڪرڻ کان نٿا ڪيٻائين. ڪجهه علائقن ۾ اهو ٽرينڊ بڻجي ويو آهي ته پنهنجي زال، ڀيڻ يا ماءُ کي قتل ڪيو ۽ مخالف تي ان سان ڪارنهن جو الزام هڻي کانئس زمين جو حصو يا ڏوڪڙ ورتا وڃن، عورت کي ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو ۽ اها ستم ظريفي رهي آهي جو عورت به پاڻ کي واقعي ڪمزور سمجهندي رهي ٿي، سڌريل معاشرن ۾ قانون اهڙو آهي جو عورت ته ڇا پر ڪنهن معصوم ٻار تي به ڪير تشدد نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن اهڙو واقعو ٿئي ٿو تڏهن به ذميوار خلاف قانون حرڪت ۾اچي ٿو ۽ ان کي سزا اچي وڃي ٿي، اهڙي صورتحال ۾ وري ڪو ٻيو اهڙي حرڪت ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿو، اسان جي معاشري ۾ جتي قانون نالي ڪا به شيءِ ناهي اتي ڪنهن به واقعي جي صورت ۾ عورت کي قانوني طور رليف يا مدد ملڻ جو عورتون صرف خواب ڏسي سگهن ٿيون، هتي ته عورتن کي پاڻ ئي بهادري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن عورتون مظلوم ٿي صرف ظلم برداشت ڪنديون رهنديون ته پوءِ ڪڏهن به اهي اهڙي ظلم مان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگهنديون، ٻهراڙي ۾ ته نياڻين کي تعليم به نٿي ڏني وڃي ۽ شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڪيترائي ماڻهو نياڻين کي بار سمجهن ٿا ۽ نياڻين جي شادي ڪرائڻ لاءِ هو ”بار لاهڻ“ جو لفظ استعمال ڪن ٿا، يعني اهي واقعي به اهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ڪا نياڻي سندن گهر ۾ آهي ته ان جي شادي ڪرائڻ سان بار لهي پوي ٿو. ترقي يافته معاشري کان اڃا تمام گهڻو پري بيٺل اسان جي معاشري ۾ عورت جي حقيقي آزادي جو ته تصور نٿو ڪري سگهجي پر ان کي جيئڻ جو حق به وڏي مهرباني سان ڏنو وڃي ٿو يا وري ڏنو ئي نٿو وڃي. جڏهن نما شام ٿئي ٿي تڏهن ٻهراڙي جون عورتون هيسيل هرڻي جيان ويٺل هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي ڊپ هوندو آهي سندن مرد گهر اچڻ سان اڄ الائي ڪهڙي نه ڪيل ڏوهه جي سزا ڏيندو، آخر عورتون ائين ڪيستائين ظلم سهنديون رهنديون. قرت العين لغاري ڪاوش نازڪ