چانھ دنيا ۾ پاڻي کانپوء سڀ کان وڌيڪ پيئندڙ مشروب آهي جنهن جو استعمال وزن جي گهٽائڻ، ڪوليسٽرول جي گهٽائڻ، جسماني قوت مدافعت جي نظام کي بهتر ڪرڻ بدن مان زهريلا مادا خارج ڪرڻ، مٿي جي سور ۽ ذهني فڪرن جي نجات لاء تمام گهڻو فائديمند آهي۔
جيڪڏهن اوهان جو وزن وڌي رهيو آهي ته اوهان کاڌي کي گهٽايو، ڊگهي ڊوڙ لڳايو ، وزن گهٽائڻ واريون دوائون استعمال ڪيو پر هاڻي ان جي ضرورت نه آهي روزانه چانھ جا ٻه يا ٽي ڪوپ پيئو ان ۾ کير ۽ کنڊ نه ملايو ڇو ته کير چانھ جي فائديمند اثرن کي ختم ڪندو آهي ۽ کنڊ وزن م واڌ جو هڪ سبب آهي۔
هڪ نئين تحقيق موجب چانھ ۾ ڪجھ اهڙا قدرتي مرڪب مليا آهن جيڪي چرٻي کي پگهرائڻ جي سگھ رکن ٿا ۽ رت ۾ موجود ڪولسٽرول جي سطح کي گهٽائن ٿا جنهن ڪري ماڻهو بلڊ پريشر ۽ دل جي بيمارين کان محفوظ رهن ٿا۔ چانھ ۾ موجود antioxidants سبب اسان جي قوت مدافعت جي نظام کي مضبوط ڪري انفيڪشن کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي۔

چانھ دنيا جو سڀ کان پراڻو مشروب آهي ۽ لڳ ڀڳ 5000 سالن کان پيتو وڃي ٿو۔ جيڪڏهن ڪنهن پاڪستاني کان پڇيو وڃي ته چانھ جا گهڻا قسم آهن ته هو هڪدم جواب ڏيندو : کير واري چانھ، سائي چانھ ۽ ڪشميري چانھ ۔ ڪشميري چانھ ۾ ايترا ته پسته، بادام ۽ سڪل ميوو هوندو آهي جو اها چانھ نه پر ڪو مٺو ڊش لڳندو آهي۔ پر سائنسي لحاظ سان چانھ جا چار قسم آهن، سفيد، ڪاري، ولانگ ۽ سائي پر دلچسپ ڳالھ اها آهي ته اهي سڀ قسم هڪ ئي ٻوٽي مان حاصل ٿيندا آهن۔ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪاري چانھ جو ٿيندو آهي جيڪا گرما گرم چسڪين سان گڏ برف وجھي به پي سگهجي ٿي۔ ڪاري چانھ ۾ ڪيفين وڌيڪ جنهن ڪري هو هلڪو نشو به پيدا ڪندي آهي۔
وڌيڪ معلومات لاء وائيس آف آمريڪا جي اردو لنڪ تي ڪلڪ ڪري تفصيل پڙهي سگهجن ٿا۔
http://www.youtube.com/watch?v=TbAXgxq5yrA