هڪرُ ننڊڙو عرض کڻي آيو آهيان۔

فقير محسن

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم ڀائرو
منهنجو هڪڙو ننڊڙو عرض اهو آهي ته هن ويب ۾ هڪ وڌيڪ موضوع هئڻ کپي جنهن ۾ اسان بريوزگار ڀائرن لا روزگار جا موقعا يا انهن جي ڪا ايڊورٽائيز هجي جنهن جي ذريعي اسان انهن تائين پهچي سگهون ۔۔۽ اسان انهن مان ڪجهه فائدو وٺي سگهون۔ اگر جي اهڙو ڪو موضوع هن ويب ۾ آهي ته مهرباني ڪري مونکي ٻڌائيندا۔۔
مهرباني
 
جواب: هڪرُ ننڊڙو عرض کڻي آيو آهيان۔

محترم دوست، اسانجون همدرديون ۽ دعائون سڀني سنڌي نوجوانن سان گڏ آهن جيڪي بيروزگاريءَ جهڙي بر بلا سان منهن ڏين ٿا ۔۔۔ هن اڱڻ تي هڪ سيڪشن آهي ” اکر پڙه الف جو“ انجو سب سيڪشن آهي ” سنڌ سلامت روزگار“، اوهين ان ۾ وڃي ڏسو متان ڪو اوهانجي مطلب جو ليک موجود هجي، دوست فقير ڦلپوٽو ۽ ادو مست ان کي وڌائيندا رهندا آهن يا ڪا اهڙي خبر هوندي آهي ته ان سيڪشن ۾ اطلاع ڏيندا آهن ۔۔۔

سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي عرض آهي ته هو به ڪا اهڙي ڄاڻ هجي ته هن سيڪشن ۾ ضرور ونڊ ڪن ته جيئن ضرورتمند دوستن کي ان مان فائدو ٿئي ۔۔۔

سائين دوست فقير حسين، الله ۾ اميد آهي ته هو فقيرن جو صدائون ضرور ٻڌندو ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top