دوستو اڄ ڪنهن ميگزين ۾ گوهر گهانگهرو جا ڪجھ بيت پڙهڻ لاء مليا، جيڪي اوهان سان ونڊ ڪري رهيا آهيون :
تــنهـنـجي ٽهڪن ۾ ڀنل ، ڪـيڏ ا هن گلاب
منهنجا سڀئي خواب، خوشبو خوشبو ٿي ويا
تنهنجي ٽهڪن بعد ، ناھي ضروري ساز
ٻـيا سڀـئي آواز ، بي سُـــــرا ٿـا ڀاسـجن
ڇــو ٿــو کـــڻي چـــريــا ، عمر ڀـــر جــو روڳ
مون ته ڪيو هو ڀوڳ، توسان ڪيان پيار ٿي
