تون، جيڪا سنڌ آهين، منهنجي جند آهين، تنهنجا ڪروڙين وارث آهن پر انهن هوندي به تون ڄڻ ته لاوارث آهين. تنهنجي سونهن ۽ ساوڪ ختم ڪري تنهنجي ازلي ويرين توکي مقتل گاهه بنائڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي. تنهنجيون مارويون ڪوٽن ۾ قيد آهن، تنهنجيون سهڻيون ڪاريون ڪري ماريون پيون وڃن، تنهنجين ليلائن کي هار تي هرکائي کانئن سندن سهاڳ کسي کين دربدر ڪيو ويو آهي. تنهنجيون سَسئيون پنهنجي پنهونءَ يعني پنهنجي منزل، عوام جي خدمت کي وساري ويٺيون آهن. سو منهنجي سنڌ امڙ! تنهنجي سورن جي اذيت آئون پنهنجي سيني ۾ محسوس ٿي ڪريان. صرف اهو ئي نه، پر تاريخ جي تهه خاني مان ايندڙ دودي جا سڏ ڪو به نٿو ورنائي، ڪوبه ”جاڳو جاڙيجا، سما سک مَ سمهو!“ واري بيداريءَ واري هڪل نٿو ڪري. منهنجي جيجل سنڌ! تنهنجي وجود ۾ نفرتن جا ٿوهر ڪيئن ڦٽا؟ انهن کي سازگار ماحول ڪنهن ميسر ڪيو؟ برادرين جي وچ ۾ تڪرارن سڄي قومي وحدت کي وکيري ڇڏيو آهي. نفرتن جا نانگ پالڻ وارا ڪير آهن؟ هي قومي وجود کي هاڃو رسائڻ وارا ڪير آهن؟ يقينن اهي ڌارين جي ايجنڊا تي عمل ڪندڙ تنهنجا پنهنجا آهن. تون سنڌ آهين ۽ آئون سنڌو، اچو ته پاڻ ۾ سور اوريون. تنهنجي لاءِ منهنجو سر حاضر آهي، هي سر هڪڙو، آڇيندي لڄ مران، هجن سر گهڻا، ته واري واري وڍيان. ڊاڪٽر سنڌو اشرف عباسي/ڪراچي The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
جواب: هي سر هڪڙو، آڇيندي لڄ مران! [justify] ماشاء الله، ڊاڪٽر صاحبه ڪيتري نه ڏک منجهاران اندر جي باهه کي لفظ ڏنا آهن، هون ته اهو ڏان شاعرن جو آهي ته هو مختصر لفظن ۾ وڏيون وڏيون روئداد ٿورن لفظن ۾ بيان ڪندا آهن، پر ڊاڪٽر صاحبه سنڌ جي سورن جي روئداد ڪجهه لفظن ۾ ڇا خوب بيان ڪئي آهي ۔۔۔ بيشڪ اسين پاڻ ئي سنڌ کي تباهه ويٺا ڪريون، بيشڪ اسين ئي ٽولن ٽولن ۾ ورهائجي سنڌ جي سگهه کي ختم ڪري رهيا آهيون، بيشڪ اسين پنهنجن کي لٽي ڦري پنهنجا گهر ڀرڻ ۾ شامل آهيون، بيشڪ گهر جو ڪتو چورن سان ملي ويو آهي ۽ بجا سڀني کي خبردار ڪرڻ جي ٿورڙن هڏن تي سنڌ جي موت جو سبب ٿي رهيو آهي ۔۔۔ هاڻ ته اسانجا پنهنجا دلبر سنڌي ۽ سڄاڻ سنڌي ئي همٿ هاريندا وڃن ۔۔۔ ممڪن ڪو معجزو ٿئي ۽ سنڌي سڄاڻ هڪ ٿي وڃن ۽ سنڌ جي مالڪي ڪري سگهن ۔۔۔ ڪاش ڪاش ڪاش ائين ٿي سگهي ۔۔۔؟؟؟؟؟؟ تمام سٺو ليک[/justify]