• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دولتپور ۾باردانو پرچين ذريعي بااثرن کي ڏيڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ mohdesa
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

mohdesa

سينيئر رڪن
دولتپور صفن(رپورٽ: محبوب جوکيو) دولتپور فوڊ گدام جي انچارج پاران باردانو نه ملڻ ۽ وڪرو نه ڪرڻ جو ڀانڊو کلي پيو، هزارين ٻوريون رات جي اودانهي ۾ پرچين ذريعي سفارشي ۽ پئسن عيوض وڪرو ڪيون ويون، دولتپور فوڊ گدام جي انچارج پاران 2 ڏينهن پهريائين مختلف سفارشي ماڻهن ۽ واپارين کي هڪ مزدا ۽ 2 سوزوڪين ۾ علي آباد گدام تي دولتپور جي سينٽرن لاءِ رکيل باردانو وڪرو ڪيو ويو، جنهن جا فوٽو پڻ ملي ويا، جڏهن ته هن مهل تائين فوڊ انسپيڪٽر ان ڳالهه تي بضد آهي ته نه اسان کي باردانو مليو آهي ۽ نه ئي مون ڪنهن کي ڏنو آهي، هن چيو ته هاڻي باردانو ڊي سي او ۽ مختيارڪار ذريعي ورهائجندو سو جڏهن اها پاليسي واضح ٿيندي ته پوءِ ورهائينداسين، جڏهن ته هزارين آبادگار ضلعي بينظير آباد ۾ فوڊ کاتي پاران سياسي نمائندن کي سفارش عيوض ۽ واپارين کي پئسن عيوض وڪرو ڪيل بارداني جا معاملا ظاهر ٿيڻ بعد پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن، هوڏانهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڊسٽرڪٽ فوڊ آفيسر بينظير آباد تي سياسي ڌرين جو زور آهي ته سندن پاران بارداني لاءِ لکيل خط ۽ انهن جي معرفت ڏنل بارداني جون لکيل پرچيون ظاهر نه ڪيون وڃن ته سندس مدد ڪئي ويندي، اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ڊسٽرڪٽ فوڊ آفيسر بينظير آباد رفيق احمد قاضي پاران سياسي ماڻهن جا نالا کڻڻ ۽ ڪنهن هڪ کي ناراض ڪرڻ جي سزا ڀوڳي رهيو آهي. The Kawish Group of Publication
 
جواب: دولتپور ۾باردانو پرچين ذريعي بااثرن کي ڏيڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي۔
 
Back
Top