رخسانه پريت شناسايون ڏنگينديون هن ( رخسانه پريت )

عرس پريو

سينيئر رڪن
( رخسانه پريت )

شناسايون ڏنگينديون هن
ڪي تنهايون ڏنگينديون هن

پڄڻ جي ماڳ تي چاهن
تنين ساهِيون ڏنگينديون هن

هليا پيارا آهن ويندا
پٺيان جايون ڏنگينديون هن

محبت جي ٿي هارائي
پو رسوايون ڏنگينديون هن

جي ڳالهيون خود ڀُلايون سين
سي ورجايون، ڏنگينديون هن

پريت جي آس کي ڇڏبو
نراسايون ڏنگينديون هن
 
جواب: شناسايون ڏنگينديون هن ( رخسانه پريت )

پريت جي آس کي ڇڏبو
نراسايون ڏنگينديون هن

مهرباني ادا عرس

اڄ ئي ڪنهن ميگزين ۾ اها شاعري پڙهي هئي ۽ تمام گهڻو وني هئي۔

محترمه رخسانه پريت سنڌ جي ڀلوڙ ۽ پخته شاعره آهي
 
Back
Top