اياز علي رند
سينيئر رڪن
”اسڪولن ۾ جڏهن استاد ڪلاس ۾ داخل ٿيندو آهي ته شاگرد اٿي ڇو بيهندا آهن؟“ پروفيسر چشتي
”احترام ۾ سر! استاد جي ادب ۾.“ اسحاق وراڻيو
”۽ اوهان جي باري ۾ڇا خيال آهي؟ اوهان کي استادن جو ادب ڪونهي!؟ ڪاليج ۾ اچڻ کان پوءِ ڇا احترام ختم ٿي ويندو آهي.!!؟؟“
”نه سر! ڪاليج جو شاگرد ٻار ته ڪونهي..!!“ اسحاق جي جملن ۾ ڄڻ روانگي نه رهي هئي
”منهنجو مطلب آهي سر! ته ....“
”تنهنجو مطلب آهي ته وڏي ٿيڻ کان پوءِ استادن جو احترام نه ڪرڻ گهرجي.!!؟“ پروفيسر طنزيه مسڪراهٽ سان ڀريل لهجي ۾ پڇيو.
”نه سر! منهنجو اهو مطلب هرگز ناهي!“ اسحاق ڊفينسو پوزيشن اختيار ڪندي چيو
”هن جو مطلب آهي ته ڪاليج جي شاگردن جو استادن سان دوستي وارو رشتو هئڻ گهرجي سر! ننڍپڻ واري ڳالهه ٻي هوندي آهي، استادن جو احترام ته هميشه رهڻ گهرجي پر هاڻي اسان کي استاد جو خوف نه هجڻ گهرجي ۽ دوستانه....“
“here you are.!”
پروفيسر ڄڻ تاڪ ۾ ويٺل هو ته ڪنهن جي واتان خوف واري ڳالهه نڪري ته هو حملو ڪري وجهي ”خوف!....خوف ئي ته اصل مسئلو آهي... جنهن تي مون کي اعتراض آهي. منهنجي خيال ۾ خوف اسڪول واري دور ۾ به نه هئڻ گهرجي، جيئن اڄ ڪلهه ڪجهه پرائيويٽ اسڪولن ۾ اهڙو ماحول ڏسڻ ۾ به ايندو آهي. فرينڊلي ماحول ۾ انسان وڌيڪ سمجهي سگهندو آهي هڪ ٻئي کي.
چڱو ڀلا اهو ٻڌايو ته هلندي ڪچهري ۾ جڏهن ڪو شخص الله سائين جي ڳالهه شروع ڪري ڏيندو آهي، آيتن جا حوالا ڏيڻ لڳندو آهي ته خاموشي ڇو ڇانئجي ويندي آهي ؟ اتي موجود ٻيا ماڻهو پنهنجا ذاتي رايا يا خدشا ڇو نه بحث ۾ شامل ڪرڻ لڳندا آهن، انسان ايترو هوشيارباش ڇو بڻجي ويهي رهندو آهي، بت ڇو بڻجي پوندو آهي... فقط هن جي ذڪر سان ئي ايترو خوف ڇو طاري ٿي پوندو آهي..؟ ۽ جي هو اچانڪ سامهون اچي وڃي ته پوءِ ..!؟
پوءِ ڇا ٿيندو؟
ڪهڙي حالت هوندي اسان جي..! اسان جو ته هنياءُ ئي ڦاٽي پوندو...!! هارٽ اٽيڪ ٿي پوندو!!! اسان ته ڪڇي به نه سگهنداسين ۽ مري پونداسين...“
پروفيسر جو آواز خاموشي جي عالم ۾ ڪنهن الهامي سدا وانگر گونجندو رهيو ۽ دلين ۾ لهندو پئي ويو. هن ڳالهائڻ جاري رکيو
”ڇا اهو به احترام آهي ؟ ادب آهي؟؟
نه! هرگز نه....
خوف!!!
فقط خوف آهي... ڀلا جي اوهان ڪنهن ريسٽورانٽ ۾، ڪنهن گهٽي ۾ يا پنهنجي گهر ۾ئي دوستن سان ڪچهري ۾ مشغول هجو ۽ اچانڪ اتي والد صاحب اچي وڃي ته ڇا ري ايڪشن هوندو!؟؟ ڇانئجي ويندي نه اتي به خاموشي ...!! ٿي ويندئو نه هوشيارباش...! ڇا ان جو سبب به احترام ئي آهي ..!!؟
ڀلا جي والد صاحب جي جاءِ تي جيڪڏهن ماءُ يا ڀاءَ يا وري ڪو ٻيو دوست اچي وڃي ته ري ايڪشن ۾ فرق هوندو يا نه..!!؟
ڇا ماءُ لاءِ، ڀاءَ لاءِ يا دوستن لاءِ احترام ڪونهي ..!؟“
هو ڳالهائيندو رهيو ۽ سڀئي کيس غور سان ٻڌندا رهيا، هو پاڻ ئي سوال ڪندو ۽ پاڻ ئي جواب ڏيندو رهيو.
”دراصل اسان وٽ انسانن جي ترغيب ۽ تبليغ جو صدين پراڻو اهو ئي روايتي طريقو آهي ته اسان ماڻهن جي دلين ۾ خدا جو خوف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، دوزخ جي ذڪر سان ۽ خدا جي عذابن جي دهشت ۾ مبتلا ڪري اسان ماڻهن کي الله طرف سڏيندا آهيون کين عبادتن لاءِ مجبور ڪندا آهيون...“
”مگر سر ... قرآن پاڪ ۾ به ته اهڙي قسم جو ئي ذڪر اچي ٿو ته پيغمبرن ۽ نبين کي ڊيڄاريندڙ بڻائي موڪليو ويو آهي، الله جو خوف پيدا ڪندڙ بڻائي موڪليو ويو آهي. “ جميل پروفيسر صاحب جي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
”ماءُ به ته ڊيڄاريندي آهي پنهنجي ٻارن کي!
ڪڏهن پنهنجي مار جو خوف ڏياريندي آهي ته ڪڏهن پيءُ جي مار جو خوف، ڪڏهن ڊاڪٽر جي سئي ۽ ڪڏهن ڪنهن جانور جو خوف!!! پر اهو وقتي طور تي هوندو آهي ... ٻار جي اصلاح خاطر فقط چند گھڙين لاءِ .!
هر گهڙي نه!!
بار بار نه!!!
سڄو ڏينهن نه!!!
هر روز نه!!!
باقي سموري وقتن ۾ ته هن جي شفقت جو هن جي محبت جو پهلو حاوي رهندو آهي يا نه!!!؟؟
باقي هر ويلهي هو پئي نڇاور ٿيندي آهي، مٿس گهور پئي ويندي آهي، آٿتون پئي ڏيندي آهي، وارن تي هٿ پئي ڦيريندي آهي، پيار پئي ڪندي آهي...
۽ خدا!!!
خدا کي ته ستر هزار مائرن جي ممتا کان به وڌيڪ محبت آهي انسان سان...! ان جو تصور ڇو ناهي اسان جي ذهنن ۾ اسان جي ذهنن ۾ خدا جو جيڪوخاڪو فيڊ ڪيو ويو آهي ان ۾ هن جو اهو پهلو جيڪو حاوي هجڻ گهرجي نه هجڻ جي برابر آهي....ڇو..!!؟؟
توهان سوچيو جيڪڏهن ماءُ جو رويو ٻار سان هميشه خوف ڏياريندڙ شخص وارو ئي رهي، هر وقت هر گهڙي هو ٻار کي ڊيڄاريندي رهي، اٿندي، ويهندي، کائيندي، پيئندي هو ٻار کي ڪڏهن پاڻ کان ڪڏهن پيءُ کان، ڊاڪٽر کان جنن کان يا جانورن کان ئي ڊيڄاريندي رهي ته ڇا ٿيندو!؟؟؟
ٻار جي دل ۾ هن جي لاءِ عزت ۽ احترام وڌندو يا گهٽبو!!؟؟؟
ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ فاصلا وڌندا يا گهٽبا.!!!؟؟؟
اهڙي صورت ۾ ٻار يا ته ذهني پريض بڻجي پوندو يا وري بغاوت ڪندو ... فرار حاصل ڪندو ...!!! بلڪل ايئن ئي انسانن جي ذهنن ۾ جيڪو خدا جو خوف پيدا ڪيو ويو آهي جهڙو خوفناڪ خاڪو ٺاهيو ويو آهي ان اهڙي قسم جو ري ايڪشن ئي ته پيدا ڪيو آهي.... ماڻهو يا ته خوف ۾ مبتلا ٿي بي دلي سان عبادتون ڪندي نظر ايندا آهن يا وري اسلام کان باغي ملندا آهن.“
”پوءِ ان جو حل ڇاهي سر! “ صفدر پڇيو
”حل اهو آهي ته خدا سان دوستي ڪجي..!
ان جي نالي کان خوف کائي خاموشي اختيار ڪرڻ يا هوشيار باش ٿي وڃڻ بجاءِ هن سان ڪچهريون ڪجن،
محفلون چائجن هن سان...
۽ پنهنجا مسئلا، پنهنجا خيالات شيئر ڪجن،
شڪرگزار ضرور رهڻ گهرجي مگر خوف ۾ هرگز مبتلا رهڻ نه گهرجي...
خوف جي پهلو کي حاوي نه رکجي بلڪه محبت جي پهلو کي حاوي رکجي، دوستي واري پهلو کي حاوي رکجي، دوستن سان ملڻ ۾ خوشي ملندي آهي. جنهن کان خوف هجي ان وٽ هميشه بيدلي سان ئي وڃبو آهي ان سان يا ته ملبو ئي ڪو نه ۽ پيو نٽائبو يا وري ملبو ته ڀڄڻ جو وجهه وٺبو، کسڪڻ جي ڪبي... جيئن اڪثر اسان جي حالت نمازن ۾ هوندي آهي.