پيارا سنڌ واسيو السلام عليڪم سنڌ جي بهترين ليکڪه عرفانه ملاح ڪنهن تعارف جي محتاج ڪانهي، مان ڀيڻ عرفانه جو تقريبن ڪوشش ڪري هر مضمون پڙهندو آهيان۔ هن مضمون ۾ عرفانه ملاح سنڌ سان هم ڪلام ٿي آهي، گُذريل ڏينهن سنڌ جي اخبار ڪاوش ۾ هي مضمون پڙهيم اصل ڇا ٻُڌايان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڳيان توهان پڙهي ڏسو، ته عرفانه ملاح سنڌ سان هم ڪلام ٿي آهي يا سون ورني سنڌڙي سمورن ڌرتي ڌڻين سان هم ڪلام ٿي آهي سنڌ سان هم ڪلامي! عرفانه ملاح مون ٻڌو آهي ته ڪيترائي سال پهرين منهنجي هم نفس ۽ هم جنس اٽليءَ ڄائي اوريانا فلاچي هڪ طويل ڊائلاگ لکيو هيو، پنهنجي پيٽ اندر پلجندڙ ان پٽ جي نالي، جنهن کي پيدا ڪرڻ سندس وس ۾ نه هيو. ”A letter to never born child“ (هڪ چٺي ڪڏهن به نه پيدا ٿيندڙ ٻار جي نالي) واري ڊگهي ڊائيلاگ ۾ فلاچي پنهنجي ماءُ هجڻ واري ڪيفيت ۾ ”رت جي هڪ ڦڙي“ جيتري آدم کي ٻڌايو هيو ته ان جي جنم ڏيڻ لاءِ هن کي ڪيئن پنهنجي پوري ذهن ۽ جسم سميت هر گهڙي، هر لمحي ان ”رت ڦڙي“ ۾ جيئڻو ٿو پوي ۽ هوءَ ڄاڻي پئي ته هوءَ پنهنجي ساهه، ويساهه، رت ۽ ست سان جنهن ڦڙي کي پنهنجي پيٽ اندر پالي رهي آهي، اهو سڀاڻي کيس ئي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريندو. سندس وانگر ڪنهن ٻيءَ سندس ئي هم جنس (عورت) کي هڪ ٻيو ”ڦڙو“ ڏئي دغا ڏئي ويندو، جيئن فلاچيءَ کي ان جو بواءِ فرينڊ ڇڏي ويو هيو. اهو ڊگهو ڊائيلاگ مون کي خبر ناهي ته منهنجي سنڌ جي ڪنهن امڙ پڙهيو به آهي الاءِ نه، پر سنڌ سان اڄ هڪ اهڙي نياڻي هم ڪلام آهي، جيڪا سنڌ ۾ عورتن جي حالت ڏسي جنم وٺڻ نٿي چاهي. اچو ته اهو ڊائلاگ اسان به ٻڌون. اڄ مان جيڪا سنڌ جي هڪ ڳرڀ وتي ماءُ جي پيٽ ۾ هڪ ڌيءَ وانگر پلجي رهي آهيان، هڪ مختصر ڊائلاگ ان ”نئين سنڌ“ سان ڪرڻ چاهيان، جنهن جي جنم جي نويد منهنجي پنهنجي ئي ڌرتي ڄائي ڀيڻ هڪ ”نئين سنڌ جو خواب“ نالي سان ڏئي چڪي آهي. مان اڃا ڪک کان ٻاهر ناهيان نڪتي، مان هڪ ڊائلاگ ڪرڻ چاهيان ٿي ان سنڌ سان جيڪا منهنجي جنم ڀومي ٿيڻي آهي. مان ڪنهن سنڌ ڄائي ماءُ سان ڪو به بحث ڪرڻ نٿي چاهيان، پر مان اوريانا جي ٻار جي مقدر کي پنهنجو مقدر ڪرڻ چاهيان ٿي. هڪ فيصلو ماءُ جو هيو ته هو ان ٻار کي ڄمڻ کان انڪاري ٿي هئي ۽ هڪ فيصلو مان پاڻ ڪرڻ چاهيان ٿي ته ”اي ڪاش منهنجي ماءُ مون کي جنم نه ڏئي.“ مان يقينن پنهنجي مستقبل جو فيصلو پنهنجي مجبور ۽ لاچار ماءُ جي هٿن ۾ ڏيڻ نٿي چاهيان، جو منهنجي امڙ کي ته خبر به نه آهي ته ڪيترائي سال پهرين هن ڌرتيءَ جي گولي تي ڪنهن ماءُ پنهنجي سموري Guilt سميت پنهنجي ٻار کي اهو چئي ڄڻڻ کان انڪار ڪيو هيو ته سندس ذات هن جي جنسن جي نفي آهي. مان يقينن هن جي ان فيصلي سان متفق نه هيس، ڇاڪاڻ ته هوءَ جتي رهي پئي، مغرب جي ان معاشري ۾ ماءُ جي ڪک جي اهڙي تذليل نه ٿيندي آهي، جهڙي مشرق جي هن خطي ۾ ٿئي ٿي. مون کي ڄاڻ نه آهي ته منهنجي ماءُ مون کي پنهنجي ڳرڀ ۾ پالڻ جو عذاب ڇو ڀوڳي رهي آهي. منهنجا ڪن ٻڌن پيا ته کيس چيو پيو وڃي ته ”ڌيءَ ته گئون پيٽان به چڱي نه آهي“ جنهن تي منهنجي ماءُ تپي ٽامون ٿئي ٿي. هوءَ الاءِ ته ڪهڙا خواب ڏسي رهي آهي، مون کي ته اهڙيون ڳالهيون ٻڌي خوابن بجاءِ هاڻي ئي ڊيڄارا اچن ٿا. منهنجي ماءُ جڏهن لاشن جون تصويرون ڏسي ٿي ۽ جڏهن پڙهي ٿي ته ڌرتيءَ جي گولي تي ڪنهن ٽٻڪي جهڙي سنڌ جي ڪنهن شهر ۾ ڪا ڊاڪٽر، ڪا هارياڻي ڪاري ٿي آهي ته هوءَ پنهنجي پيٽ جي گولائين تي هٿ ڦيري ٿڌا شوڪارا ٿي ڀري ته هن جي ڌيءَ محفوظ آهي، شڪر هوءَ اڃا ڄائي ناهي. هن کي الاءِ ته ڪهڙو ڀروسو آهي ته هن جي ڌيءَ جي جوان ٿيڻ تائين هيءَ سنڌ بدلجي ويندي، جڏهن ته هوءَ اهو به ٻڌي ٿي ته ڇوڪريون وڻ ويڙهيءَ وانگر آهن، ”اڄ ننڍيون سڀاڻي وڏيون.“ اڄ يا سڀاڻي ۾ ڀلا ڇا بدلجي ويندو؟ پر هوءَ ماءُ آهي ۽ شازيه ابڙو جي ماءُ وانگر کيس ڀروسو آهي ته هوءَ واڳن جي وات مان به پنهنجي ڌيءَ کي بچائي وٺندي. مائرون هميشه Optimist (پراميد) ٿينديون آهن. شازيه، ببلي يا تسليم سولنگي ۽ ٻين ڪيترين ئي ڪاريون ٿي مرندڙ منهنجي ڀينرن جي مائرن وانگر منهنجي امڙ جا به خواب آهن، هوءَ چاهي ٿي ته مان سندس ڌرتي ڄائن وانگر مظلوم نه ٿيان. هن کي پڪو ويساهه آهي ته پنهنجي ڪک وانگر هن ”سنڌ امڙ“ کي به منهنجي لاءِ جنت ٺاهيندي، تنهن ڪري هوءَ خواب ڏسڻ ۽ مون کي ڄڻڻ جي جرئت ڪري رهي آهي. هوءَ ايتري ته معصوم آهي جو سمجهي ٿي ته مون کي پڙهائي لکائي جيڪڏهن ڊاڪٽر، انجنيئر يا استاد ٺاهيندي ته مان پنهنجي قسمت جي مالڪ پاڻ ٿينديس؟ شايد هوءَ اخبارون نه پڙهندي آهي، تڏهن ئي ائين سوچي ٿي. ڪجهه ڏينهن پهرين ئي سکر جي ناديا ڊاڪٽري پڙهندڙ ڇوڪري گم ٿي وئي ۽ خيرپور جي ماسترياڻي جو ڇا ٿيو، جنهن جي وارثن سندس ڪيس به رپورٽ ڪرڻ نه ڏنو. منهنجي ڌرتي ڄائين انهن نياڻين کي ڪنهن ايف بي آءِ يا ڳجهي ايجنسين جي ماڻهن ”گم“ نه ڪيو آهي، هو ته ”Missing Persons“ واري لسٽ ۾ نالو به لکرايو نه ٿيون سگهن، کين Missing Person ٺاهيندڙ سندس ئي ڪک شريڪ ۽ ٿڃ شريڪ ڀائر آهن. منهنجي مٺڙي امڙ جي ڪک ڪنهن ڌرتيءَ جي زرخيز زمين وانگر سنڌ ۾ استعمال ٿي رهي آهي. ببلي لاشاري هجي يا حليمان چانڊيو هجي هر طرف خون جي قيمت لڳي رهي آهي. منهنجي هم جنس ڄڻ ته ڪو هاٿي هجي جو جيئري ته ”لک جي هجي، مري ته سوا لک.“ ڪيترن ئي سردارن جون اوطاقون سندس قسمت جي فيصلن مان کنيل پئسن سان آباد آهن ته ڪيترين ئي ڪونڌرن جي ڪپڙن جو ڪلف به منهنجي خون بها مان لڳل آهي. پوري سنڌ سڪي پئي آهي، هر طرف پاڻي پاڻي جي صدا لڳي پئي آهي. ٻئي طرف منهنجي ڌرتي ڄائين جو رت هن ڌرتي جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ کي آلو ڪندو رهي ٿو. پر هن ڌرتيءَ جون سياست ڪندڙ ڌريون ان رت کي وساري پاڻي پاڻي ڪري رهيون آهن. مان هنن کي يقين ٿي ڏياران ته ايندڙ ڪيترن ئي سالن ۾ سنڌ ۾ سوڪهڙو ڪونه ٿيندو، منهنجي ماءُ وانگر سنڌ جون بيوقوف ۽ معصوم مائرون ڌيئر ڄڻڻ ڇڏي ٿورئي ڏينديون. منهنجي ماءُ وانگر هو مون کي ڄڻڻ تي بضد آهن. هوءَ چوي ٿي ته ڪنهن ٻڌايو آهي ته ”نئين سنڌ جو خواب“ نظر اچي ويو آهي. هن کي شايد خبر ناهي ته ڪيئن نه انصاف لاءِ واجهائيندڙ ماءُ ۽ پيءُ کي حراسان ڪري ٺاهه ڪرايو ٿو وڃي، انهيءَ قاتلن کي آزاد ڇڏڻ ۾ جيترو هٿ ادارن جو آهي، اوترو ئي انهن کي معاف ڪرڻ ۾ هن معاشري جا شريف زاده شريڪ آهن. ماءُ دانهين ٿي ته کيس ٻنهي طريقن سان ڌاڙيلن لٽيو آهي. هڪ ڌاڙيل سندس ڪک ڪٽي آهي ته ٻيا وري يونيورسٽين جا اڇي سونهاري وارا ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون رکندڙ اهي پڙهيل لکيل ”ڌاڙيل“ آهن، جيڪي کين ڊيڄاري، ڌمڪائي قاتلن کي معاف ڪرڻ لاءِ زور وجهي رهيا آهن. هوءَ ماءُ اوطاق ۾ ويٺل انهن همدردن کي دروازي جي ڪنجي واري سوراخ مان ڏسي اهو سوچي رهي هئي ته جنهن ڌيءَ کي مون پنهنجي رت ۽ ست پيدا ڪيو، ارمانن سان پالي پڙهائي وڏو ڪيو، ان جي ڪک ۽ روح جي قاتلن کي معافي ڏيڻ جو فيصلو وري اهي ست ڌاريا ڪري رهيا آهن. هوءَ پنهنجي دانهن خدا تائين پهچائڻ چاهي ٿي، پر مان پنهنجي ڄمڻ کان پهرين اها دانهن پنهنجي ڌرتي ڄائن کي ڏيڻ چاهيان ٿي. ڇا هن سنڌ ۾ حڪمرانن کان وٺي سنڌ جي حقن جي جدوجهد ڪندڙ ڌرين تائين سڀ بي خبر آهن، اڻ ڄاڻ آهن؟ جو ڪنهن به هن ”خواب“ کي چڪنا چور ٿيڻ کان نه بچايو! سنڌ سنڌ ڪري جن جون نڙيون ويهي ويون آهن ۽ پير پٿون ٿيا آهن، انهن کي سنڌ جي پٿرن، ڪوئلن ۽ روڊن رستن جو ته اونو آهي، پر سنڌ جي ماءُ جي ڪک جو قتل سندن سياست جي Foot note ۾ به شامل نه آهي. هنن کي به شايد ملٽري جنرلن وانگر مڪان، مڪينن کان وڌيڪ عزيز آهي. هو به صرف ڌرتيءَ جي مالڪي چاهين ٿا، ڌرتي ڄائي جي دانهن هنن جي سياسي ايجنڊا ۾ ايندڙ ويهن سالن تائين داخل ٿيندي نظر نٿي اچي. ڀل ته هر آئي ڏينهن جي ڪفن ۽ بغير جنازي جي نماز دفن ٿيل نياڻين جي قبر ڪشائي ٿيندي رهي. مان هن سنڌ ۾ جنم وٺي ڇا ڪنديس، جيڪا مون کي ”ڪهاڙي“ جي ڇانوَ ۾ بيهاريندي. منهنجي ماءُ کي شايد خبر نه آهي ته منهنجي وجود کان پهرين ئي منهنجي مائرن جو پيٽ لکي ڏنو وڃي ٿو. ماءُ جي پيٽ مان جڏهن ٻاهر نڪري مان اکيون کولي هن دنيا جي روشني ڏسنديس ته ان وقت ئي منهنجي ڪنن ۾ اهي لفظ پوندا ته مان ڪنهن جي نالي سان وابسته ٿي وئي آهيان، ۽ جڏهن مان ننڍڙا پتڪڙا پير کڻي هلڻ ئي مس سکنديس ته ڪوئي ڪنهن شڪاري وانگر مون کي تاڙيندو ته ڪڏهن ٿي مان هن جي ”لائق“ ٿيان. ان سنڌ ۾ مان پيدا ٿي ڇا ڪنديس، جتي ننڍپڻ جي معصوم مسڪراهٽ جي پويان به ڪير خراب نظر رکندو هجي، جتي قدم قدم تي تون مون کي ”خراب نظرن“ ۽ غلط ”خواهشن“ کان بچائيندي رهندينءَ ۽ پوءِ به گهر کان اسڪول ۽ اسڪول کان گهٽيءَ تائين هر هنڌ اهي نظرون منهنجي جسم سان چهٽيل هجن ته منهنجي ماءُ تنهنجي ڏنل چادر انهن ليزر گن جهڙين نظرن کي روڪي ڪو نه سگهندي ۽ جڏهن انهيءَ غلاظت جي تابڪاريءَ جي تيش کان بچي مان وڏي به ٿيس ته هن منهنجي ”محبوب سنڌ“ ۾ تون مون کي ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن بچائيندينءَ؟ هيءَ اها ئي محبوب سنڌ آهي، جهڙي افغان ڄائي افغاني پنهنجي ديس لاءِ ”جيريون رسمون“ نالي نظم ۾ لکيو هيو ته: اوليا خاڪ تي نظر وجهندا آهن ته اها سون ۾ تبديل ٿي ويندي آهي منهنجو محبوب ڏاڍو مختلف آهي هو مون کي ”سون“ چئي سڏ ڪندو آهي پر هن جي نظر مون کي خاڪ ڪري ڇڏيندي آهي هي تنهنجا جوڌا ڀلي هن سنڌ کي صوفين جي ڌرتي چوندا هجن، پر شايد هو ماضيءَ ۾ رهن ٿا. هنن حال کي ڏسڻ ڇڏي ڏنو آهي. هنن کي اها به ڄاڻ نه آهي ته هن صوفين جي ڌرتيءَ جي مائرن ”اسامه“ ڄڻڻ شروع ڪري ڏنا آهن. مان ”ڪهاڙين کان ڪوڙن“ جو سفر طئي ڪرڻ نٿي چاهيان. مون کي نظر پيو اچي ته هن سنڌ جي پوڙهي نسل پنهنجا ٻچا کائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. جنهن تبديليءَ جي اميد اکين ۾ سانڍي، جنهن سنڌ جي مستقبل جا خواب تون سهميل اکين سان ڏسين پئي، ٿورو اکين کولي حقيقت ڏس ته تبديليءَ جي ان نسل جو هيرو ڪير آهي؟ هو ڪهڙي انقلاب جا پوئلڳ ٿي چڪا آهن؟ هنن کي ايراني انقلاب وارو حڪومتي ماڊل متاثر ڪندو هجي ۽ هو طالبان کان ايترا ته انسپائر هجن جو مادرِ علميءَ جي ڇوڪرين جي هاسٽل جي ٻاهران وال پوسٽر لڳائي ويا هجن ته ”ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو هاسٽل ٻاهران گڏ ويهڻ غير اخلاقي آهي، جنهن خلاف قدم کنيا ويندا.“ جن لاءِ اخلاق جا معيار اهي هجن ته بس ۾ گڏ ويٺل مسافر کي ڀيڻ کپائي ڏيڻ غير اخلاقي نه آهي، عورت جو لاش ڪتن جي حوالي ڪرڻ خلاف سخت قدم کڻڻ انتباهه نه هجي، صرف منهنجي پنهنجي مرضيءَ سان جيئن غير اخلاقي هجي ته ان سنڌ جي نوجوان کي ڏسي تنهنجا خواب اکين ۾ ڪنهن شيشي وانگر ٽٽن ڪو نه ٿا؟ منهنجي ماءُ توکي اهو به نظر نه ٿو اچي ته هن قوم جي دل مري وئي آهي ”جن جي دل مري وڃي انهن جو روح به مري ويندو آهي.“ پراڻو نسل نئين کي کائي چڪو آهي، تبديلي پراڻي نسل جي موت سان ممڪن هوندي آهي. مان تنهنجي ڪک مان هتي جنم وٺڻ نٿي چاهيان، مان شازيه ابڙو، تسليم سولنگي ۽ ڪيترين ئي لاتعداد بي موت ڪٺل نياڻين جي لسٽ ۾ شامل ٿي ”ڪارين جي قبرستان جي قبر ٿيڻ نٿي چاهيان، نه ئي پنهنجي پيءُ، ڀاءُ، چاچن مامن کان وٺي ڪنهن هاٽ ڪيڪ وانگر اخبارن جي پنن تي سجڻ ٿي چاهيان. مان نٿي چاهيان ته منهنجي چچريل لاش مٿان فوٽوگرافر ڳجهن وانگر لامارا ڏين، جيئن اڃا به ڪو ڀيانڪ روپ فريم ۾ قيد ٿي سگهي. مان نٿي چاهيان ته منهنجي لاش جي تصوير ڏسي ماڻهن جو ناشتو خراب ٿئي ۽ هر روز مرڻ کانپوءِ پوءِ به منهنجي لاءِ سنڌ جو هڪ شهر به بند نه ٿئي، جيئن ڪنهن قومي ڪارڪن جي موت تي بند ٿئي ٿو. منهنجي امڙ توکي هن سنڌ ۾ پنهنجي ڪک جي تذليل لاءِ Raw material طور مون کي پيدا ڪرڻ نه گهرجي. منهنجي مٺي ماءُ کي اهو سڀ ڇو نه ٿو محسوس ٿئي جيڪو ڪجهه مان سندس رت جي گرمي ۽ جسم جي حرارت مان سندس گرڀ اندر محسوس ڪري رهي آهيان. سندس خوف منهنجو خون ٺاهي رهيو آهي، هر ڏينهن گذرڻ تي هوءَ پريشان آهي. هن کي خبر آهي ته پيٽ کان ٻاهر جي دنيا جي دوزخ جي تپش سندس پيرن هيٺان واري جنت کان تمام گهڻي آهي ۽ اها تپش مان سندس پيٽ اندر به جهلي رهي آهيان، تنهن ڪري ئي مان پنهنجي ماءُ کي منٿ ڪيان پئي ته هو به مون کي اوريا فلاچي جي ٻار وارو ”مقدر“ ڏئي، جيئن مان سندس نڙيءَ ۾ ڪنهن ڪنڊي وانگر سدائين اٽڪيل نه هجان. نه ئي هو ڪڏهن انهيءَ خوف ۾ رهي ته ڪٿي سندس ڌيءَ جي دل ڀلجي ڌڙڪڻ ته سکي نه ورتو آهي، نه ئي هو سدائين وانگر چادر کي چتيون هڻندي رهي ته ڪٿي منهنجي جسم جو ڪو ذرو به ظاهر نه ٿئي، نه ئي هن کي اهو اونو هجي ته سندس ڌيءَ جي چپن جي آگ کي اکين جي شوخي ۽ وڏا ٽهڪ حرام سمجهي کيس ٿڌن چپن ۽ جهڪيل اکين ۽ مرجهايل مرڪ واري زندگي لاءِ حلال ڪيو ويندو. مان صرف هن سنڌ ۾ تڏهن ئي پيدا ٿيڻ پسند ڪنديس، جڏهن حرام حلال جا سڀ حساب تاريخ جي دز لڳل ڪتابن جي اڏوهي کاڌل پنن ۾ رهجي ويندا. itsarfana@yahoo.com daily kawish dated 6th August2009