ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
انسان جي جستجو
هر انسان جي ظرف ڪري ٿو تعمير
باقي ڏسڻ ۾ ته آهي مٽي جو ڍير
هر بُرائي کان جيڪو روڪي تو کي
آهي باطني رسول چونس ٿا ضمير
جنهن پنهنجو پاڻ کي پاڻ سڃاتو
سو ماڻهون ٿي ويو صاحبِ تقدير
جن ذائقو ورتو پنهنجي ذات جو
سي موت جي ڪن ماکي کان مٺي تعبير
اهو معاملو آخر ڪير ٻڌائيدو
ڪير شاھ آهي ڪير آهي فقير
جن کي يار مليو تن کي پيار مليو
رقيبن ۾ ويٺا کنڊون وراهئن کير
ڏاڏل وٺ اميد جي آس ڇڏ اداسي
تون پاڻ آهين پنهنجو قاتبِ تقدير
باقي ڏسڻ ۾ ته آهي مٽي جو ڍير
هر بُرائي کان جيڪو روڪي تو کي
آهي باطني رسول چونس ٿا ضمير
جنهن پنهنجو پاڻ کي پاڻ سڃاتو
سو ماڻهون ٿي ويو صاحبِ تقدير
جن ذائقو ورتو پنهنجي ذات جو
سي موت جي ڪن ماکي کان مٺي تعبير
اهو معاملو آخر ڪير ٻڌائيدو
ڪير شاھ آهي ڪير آهي فقير
جن کي يار مليو تن کي پيار مليو
رقيبن ۾ ويٺا کنڊون وراهئن کير
ڏاڏل وٺ اميد جي آس ڇڏ اداسي
تون پاڻ آهين پنهنجو قاتبِ تقدير