اسلام آبادي بيورو ڪريسي صوبن جي خودمختياري ۾ رڪاوٽ پئي وجهي:رضا رباني

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اسلام آبادي بيورو ڪريسي صوبن جي خودمختياري ۾ رڪاوٽ پئي وجهي:رضا رباني
    ڪراچي (رپورٽ: مجاهد شاهه) بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ۽ 18 هين ترميم عملدرآمد ڪاميٽي جي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ويٺل بيورو ڪريسي صوبن ڏانهن منتقل ٿيندڙ اختيارن جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي ۽ آئين جي پنهنجي مرضي موجب تشريح ڪري رهي آهي ان ڪري صوبا خودمختياري حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ ”ميٽ دي پريس“ کي خطاب ڪندي ڪيو. رضا رباني وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم پاس ٿيڻ کانپوءِ صوبن ۽ وفاق ۾ پيدا ٿيل خلا پر ٿي ويو آهي، صوبن کي مڪمل خودمختياري ملي رهي آهي، هن چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ مجموعي طور تي رياست جي ڍانچي ۾ تمام وڏي تبديلي اچي وئي آهي پر جيئن جيئن صوبن کي خودمختيار ڪيو پيو وڃي ته ڪجهه ڌريون ان ۾ رڪاوٽ وجهي رهيون آهن. هن چيو ته صوبا مضبوط ٿي رهيا آهن ۽ اسلام آباد جو ڪنٽرول گهٽ ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري ڪجهه مفاد پرست ڪوشش ڪري رهيا آهن ته منتقلي واري ان پراسس ۾ روڙا اٽڪايا وڃن، ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ ويٺل بيورو ڪريسي ٿيندڙ تبديلي تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان اها آئين جي به پنهنجي من مطابق تشريح ڪري رهي آهي پر شايد ان بيورو ڪريسي کي اُها خبر نه آهي ته 18هين ترميم هاڻي آئين جو اثاثو ٿي چڪي آهي، ان کي اجائي واويلا سان تبديل نٿو ڪري سگهجي. هاڻي صوبن جي ذميواري آهي ته اهي خودمختياري حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجو صحيح ڪردار ادا ڪن. رضا رباني چيو ته صوبن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ پارليامينٽ اها اجازت نه ڏيندي ته ڪير به آئين جي مرضي مطابق تشريح ڪري. هن چيو ته بيورو ڪريسي ۾ ويٺل ڪجهه طاقتون چور دروازي کان وسيلن تي حاوي ٿي منتقلي وارو تسلسل روڪڻ ٿيون چاهين جيڪا آئين جي تمام وڏي ڀڃڪڙي هوندي. رضا رباني چيو ته عملدرآمد ڪاميٽي جو ڪم 18هين ترميم تي صحيح نموني عمل ڪرائڻ آهي، ان سلسلي ۾ پهرين مرحلي ۾ 5 وزارتون صوبن حوالي ڪيون ويون، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 5 وزارتون به صوبن حوالي ڪيون ويون آهن ۽ ڇهه مختلف کاتن جا اهي اسم جيڪي ڪنڪرنٽ لسٽ ۾ شامل آهن، اهي پڻ صوبن کي ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته هن وقت تائين 10 وزارتون منتقل ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته ٽيون مرحلو 15 کان 20 اپريل تائين شروع ٿي ويندو، جنهن ۾ ماحوليات، رانديون ۽ عورتن جي ڀلائي واريون وزارتون به صوبن حوالي ڪيون وينديون. رضا رباني چيو ته اسان جيڪي وزارتون صوبن کي ڏئي رهيا آهيون ته انهن سان لاڳاپيل کاتن سان مڪمل مشاورت به ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جيڪي به کاتا آهن اهي 30 جون 2011ع تائين صوبن حوالي ڪري عملدرآمد ڪاميٽي منتقلي وارو ڪم مڪمل ڪندي. هن چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي حوالي سان اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي ۽ هڪ پراڻي سوچ تحت اهڙو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪيتريون ئي شيون آهن پر هروڀرو هن مامري تي بحث ڪرڻ نٿا چاهيون، باقي مشاورت ضرور ڪئي ويندي. هن چيو ته هيڪ جي چيئرمين ۽ 12 وي سيز سان مڪمل مشاورت ڪئي هئي ۽ انهن کي 18هين ترميم جي تقاضائن بابت ٻڌايو هو ۽ هاڻي انهن تقاضائن مطابق عمل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هيڪ ۾ نئين ڪميشن ٺاهي ان ۾ ترميم ڪئي ويندي، جنهن لاءِ پڻ سڀني سان مشاورت ڪنداسين ۽ جيڪي به قانوني گهرجون آهن، اُهي پوريون ڪيون وينديون. رضا رباني چيو ته اُهو تاثر غلط آهي ته هيڪ جي صوبن حوالي ٿيڻ سان اسڪالر شپون ۽ فنڊ بند ٿي ويندا پر ائين نه آهي جن کي ڏيهي پرڏيهي وظيفا مليل آهن اهي جاري رهندا، تنهن ڪري اجائي واويلا بند ڪئي وڃي ۽ اجايو خوف واري صورتحال پيدا نه ڪئي وڃي.

    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو