سون جي پاڻي سان لکڻ جهڙا لفظ!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [justify]بيشڪ آ علي علي جي ان ڳالهه سان سهمت آهيان ته قومن وٽ ماڻهون ايندا اهن ۽ ويندا آهن، قومون پنهنجن ڪمن ڪارن لا ماڻهون گهرائينديون آهن ۽ ڪم لهي وڃڻ کانپو ڪڍي ڇڏينديون آهن ۔۔۔ ڪنهن قوم وٽ ڪجهه عرصي رهڻ سان ماڻهون پنهنجي قوم بدلائيندو ناهي، ۽ نه ئي ترقي يافته قومون اهڙن ماڻهن کي قبول ڪنديون آهن ۔۔۔ انڪري سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون سنڌي نه چورائبو ۽ نه انکي قبول ڪرڻو آهي ۔۔۔

    مڊل ايسٽ، يورپ، آمريڪا، آستريليا يا آفريڪا کنڊ جي سڀني ملڪن ۾ ڪروڙين ماڻهون مختلف قومن کان اچي ڪم ڪنٿا لڳ ڀڳ انهن ماڻهن کي 50 سالن جو عرصو ٿي ويو آهي پر اڄ تائين انهن کي نه ته شهريت ملي آهي ۽ نه ئي ڪي سياسي حق مليا آهن ۔۔۔ بلڪ ايترو ته مضبوط نظام آهي انهن قومن جو جڏهن چاهن انهن کي هڪ ئي ڌڪ سان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري سگهنٿا، بغير ڪنهن پريشاني جي ۔۔۔

    ٻيو ته ٺهيو سعودي عرب مسلمان ملڪن جو سردار ملڪ آهي، جنهن طرف اسانجو ڪعبو به آهي ته قبلو به پر پو به هت ٻاهران کان آيل ڪروڙين مسلمانن کي سعودي چوڻ يا سڏرائڻ جو نه ته حق آهي ۽ نه کين حق ڏنو ويو آهي، (ايتري حد تائين جو گترو جيڪو سعودي مٿي تي پائيندا آهن، اهو به غير سعودي کي پائڻ تي کين برو لڳندو آهي) هت رهندڙ مسلمان خاندانن کي 40 کان 50 سالن جو عرصو گذريو آهي، سندن نسل هت پئدا ٿيا آهن پر اڄ به کين هڪ ڪاغذ هٿ ۾ آهي جڏهن چاهي سعودي حڪومت انهن ڪاغذن کي ختم ڪري، ٻاهر ڪڍي ڇڏي ۔۔۔۔

    ڀٽي صاحب ۽ شاه فيصل جي وقت ۾ برمي مسلمانن کي سعودي عرب ۾ اسلامي جذبي جي تحت گهرايو ويو هو، ڀٽي صاحب انهن کي پاڪستاني پاسپورٽ ڏنا هئا ۽ شاه فيصل سعودي ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت پر اڄ تائين انهن کي ڪو شهري حق ناهي ۔۔ بلڪ هاڻ ته ڪيترن برمي خاندانن ڪراچي ۾ ملڪيتون وٺڻ شروع ڪيون آهن جو کين پاسپورٽ پاڪستاني آهن ۽ هو ڪڏهن به پاڪستان هليا وڃڻ جو سوچي رهيا آهن ۽ ايم ڪيو ايم انهن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرائڻ جون ڪوششون پئي ڪري ۔۔۔ ڇاڪاڻ مهاجر وڌندا ته سندن سگهه وڌندي ۔۔۔

    سنڌ خلاف هر طرف کان جيتريون سازشون ٿين ٿيون اهي اسان سنڌين جي جن نه ڪن آهن ۔۔۔ اسين عجيب قوم جا ماڻهون، (ٻين لفظن ۾ ڀاڙ جا تنمبا) ٻاهر جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا ۔۔۔ اسين پاڻ وڇائڻ ۾ دير ئي ناهيون ڪندا ۔۔۔ پاڙي وارو بک پيو مرندو ته انجي مدد ڪرڻ ۾ تپ چڙهندو ڪو ٻاهريون ماڻهون ڏسنداسون ته گهر ۾ اچي سڻڀو کاڌو کارائي سڪون حاصل ڪنداسون ۽ پاڻ کي مهمان نواز سڏائينداسون ۔۔۔ لک لعنت اهڙي مهمانوازي تي جو پاڙي وارو بکيو ڏکيو هجي ۽ اسين پنجابي، پٺاڻ ۽ هند يا وري ٻين قومن جي مسلمانن کي ويٺا دعوتون کارائي، آخر ۾ گهر ڏئي پاڻ ٽپڙ ٽيشن تي ڪري بيهنداسون ۔۔۔

    جيڪڏهن سنڌ ۾ رهندڙ سڀ سنڌي آهن ته پو هي آدمشماري ۾ واويلا ڇا جي؟ ته اسانکي ڳڻيو وڃي يا اسانجا گهر ڳڻيا وڃن؟ جي سڀ سنڌي آهن ته بسم الله جيترا به گهر ڳڻبا سنڌين جا ئي هوندا؟ روئڻ پٽڻ ڇاجو؟

    سنڌي ماڻهون ڪيترين ئي ڌرين ۾ ورهايل آهن ۽ سڀني ۾ ذهني اختلاف ايترو ته گهرو آهي جو الامان، پڙهيل لکيل جيڪو نوڪري تي آهي ۽ خوش آهي ته ان لا پاڪستان آمنه صدقنه آهي ۽ جيڪو ڏکيو ۽ بيروزگار آهي انلا ظلم آهي ۽ کيس پاڪستان مان ڪا اميد ناهي، اهڙن نوجوانن جو تعداد جهجهو آهي، پر اهو نوجوان جڏهن ڪنهن نوڪري تي چڙهي ٿو يا ڪٿان کيس مال هٿ ٿئي ٿو ته ڀاڙ ۾ وڃن سنڌي ۽ کڏ جي تري ۾ سنڌيت ۔۔۔

    ڳوٺن ۾ وڏيرو مزي ۾ آهي جنهن کي نه قومي فڪر آهي نه قوم سان ڪو لڳا ۽ هاري ناري کي خبر ئي ناهي ته پاڪستان ڇا آهي يا سنڌ ڇا آهي ۔۔۔؟

    سياست ۾ پڻ بي ايمانن جو ٽولو ڪاهي پيو آهي جيڪي سياست کي مال ٺاهڻ جو ڪاروبار سمجهنٿا انڪري سياست ( وفاقي هجي يا صوبائي يا وري هجي قومي) اهڙا ته ٺڳ اچي شامل ٿيا آهن جو سندن ڪارو منهن ڪري گڏهه تي ويهارجين ۔۔۔

    مطلب ته سنڌ ويچاري هر طرف کان سازشن ور چڙهيل آهي ۽ پنهنجا ڄنڊا پاڻ ئي ويٺي پٽي ۽ سنڌ جا پٽ جيڪي پاڻکي سنڌي چون ٿا سي ڀاڙ جا تنمبا، لالچي، لوڀي ۽ ٺوڳي ٿي پيا آهن ۔۔۔ نه اخلاق نه قومي جاڳرتا ۔۔۔

    الله پناه ڏي اهڙي قوم جو بچي وڃڻ ڪو معجزو ئي چئبو باقي حال پورا آهن ۔۔۔ رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
    __________________
    سـڄڻ ۽ سـاڻيهه، ڪنهــن اڻـــاسيءَ وســــري،
    حيــــف تنين کـــي هوءِ، وطــــن جـن وساريو۔

    سنڌ ڏاهو محترم جناب نثار ابڙو[/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو