وزيراعظم جي الطاف سان ملاقات

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    وزيراعظم جي الطاف سان ملاقات،ٽيڪنوڪريٽس جا تجربا ناڪام ويا،عوامي حڪومت ئي مسئلا حل ڪري سگهي ٿي:گيلاني
    لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ/اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٽيڪنوڪريٽس جي حڪومت جا تجربا ناڪام ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي اهي ملڪ ۾ موجود ناهن، مسئلا عوامي حڪومتون ئي حل ڪري سگهن ٿيون، حڪومت مدو پورو ڪندي ۽ مفاهمت جي پاليسي جاري رکي ويندي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو ڳالهائڻ جو پنهنجو انداز آهي، پر متحده اسان سان گڏ آهي، وزيراعظم گيلاني لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون آهن، لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم سيڪريٽريٽ روانگيءَ کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي بيانن تي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ اختلاف ناهن، ايم ڪيو ايم قيادت سان اسان جو ويجهو رابطو آهي، هن چيو ته موجوده پيپلز پارٽي جي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، ٽيڪنوڪريٽس جي حڪومت جا تجربا ماضيءَ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن، عوامي حڪومتون ئي مسئلا حل ڪري سگهن ٿيون، ان بعد وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم سيڪريٽريٽ پهچي ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن مفاهمت جي پاليسي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ، لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر واجد شمس الحسن، وزيراعظم گيلاني جو پٽ ۽ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر عبدالقادر گيلاني، ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪاميٽي جا ميمبر محمد انور ۽ انيس ايڊووڪيٽ به موجود هئا، وزيراعظم گيلاني ۽ الطاف حسين نويڪلائي ۾ به ڪجهه دير ملاقات ڪئي، ان موقعي تي الطاف حسين ۽ وزيراعظم گيلاني ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت مفاهمت جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي، سڀني قومي معاملن تي سياسي پارٽين کي گڏ وٺي هلي رهي آهي، سڀني سياسي پارٽين کي هڪٻئي جي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم حڪومت جي اهم اتحادي آهي، وزيراعظم قومي معاملن تي ايم ڪيو ايم پاران حمايت ڪرڻ تي الطاف جو ٿورو مڃيو، وزيراعظم چيو ته ڀٽو ڪيس ٻيهر کولرائي تاريخ کي درست ڪرڻ چاهيون ٿا، الطاف حسين وزيراعظم جي مفاهمت جي پاليسي کي ساراهيو ۽ چيو ته سياسي واسطن کان مٿانهون ٿي سڀني پارليامينٽيرين کي فنڊ ڏيڻ حڪومت جو سٺو قدم آهي، الطاف حسين وزيراعظم گيلاني جي پٽ حيدر گيلاني جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي، جنهن جو لنڊن ۾ علاج جاري آهي، ايم ڪيو ايم جي وفد وزيراعظم گيلاني سان ملاقات ڪئي ۽ سندس پٽ جي عيادت ڪئي، جڏهن ته لنڊن ۾ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۾ به ملاقات ٿي، وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ جي رهائشگاهه تي ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ پارٽي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم گيلاني ۽ بلاول ڀٽو زرداري رحمان ملڪ جي گهر ۾ گڏجي منجهند جي ماني به کاڌي. ذريعن موجب الطاف حسين وزيراعظم کي ڪراچي جي صورتحال بابت خدشن کان آگاهه ڪيو.
    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو