• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صوبائيت جي لاڙي کي جمهوريت ذريعي روڪي سگهجي ٿو:صدر!!!

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
صوبائيت جي لاڙي کي جمهوريت ذريعي روڪي سگهجي ٿو:صدر
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته صوبائيت جي رجحان کي جمهوريت وسيلي روڪي سگهجي ٿو، ادارن ۾ جيڪڏهن ڪي اختلاف آهن ته اهي ارتقائي عمل جو حصو آهن، اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي، ججن جي پگهارن ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪيو آهي ته جيئن قابل ماڻهو ان طرف اچن، مستقبل ۾ آمريت جو رستو صرف جمهوريت وسيلي ئي روڪي سگهجي ٿو، جمهوريت جي استحڪام لاءِ سڀني سياسي قوتن کي ذميواري نڀائڻي پوندي، اسان ٻين جي وجود کي برداشت ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، پاليسين جي تسلسل جي کوٽ جي ڪري ملڪ اقتصادي ترقي ناهي ڪري سگهيو. بينظير ڀٽو جو قتل ملڪ ٽوڙڻ جي سازش هئي، اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري ڪالهه ايوان صدر ۾ 94 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس جي ميمبرن کي خطاب ڪندي ڪيو. هوڏانهن ايوان صدر ۾ سارڪ جي نئين سيڪريٽري جنرل فاطمه ڊي سعيد ملاقات ڪئي، مالديپ سان لاڳاپو رکندڙ فاطمه سعيد گذريل مهيني سارڪ تنظيم جي نئين سيڪريٽري جنرل جون ذميواريون سنڀاليون آهن، صدر جي ترجمان فرحت الله بابر ملاقات جي باري ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ملاقات دوران دهشتگردي، منشيات جي اسمگلنگ ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ سماجي ۽ اقتصادي تعاون سان لاڳاپيل معاملا غور هيٺ آيا.
ڪاوش​
 
Back
Top