ارسا چيئرمين پاران سنڌ کي اوندهه ۾ رکي۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [justify]
    ارسا چيئرمين پاران سنڌ کي اوندهه ۾ رکي ”اتفاق راءِ“ ڄاڻائي وزيراعظم کي 20 ايم اي ايف پاڻي ذخيري لاءِ ڊيم اڏڻ جي سفارش
    اسلام آباد (رپورٽ: قربان بلوچ) پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ ارسا چيئرمين رائو ارشاد سنڌ کي اوندهه ۾ رکي مبينا طور اٿارٽي جو مڪمل اتفاق راءِ ڄاڻائيندي وزيراعظم کي ملڪ ۾ فوري طور 20 ايم اي ايف پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيم تعمير ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، ان ڏس ۾ پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ ارسا چيئرمين رائو ارشاد ڪاوش گروپ جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه دوران انڪشاف ڪيو آهي ته هن ارسا طرفان وزيراعظم کي هڪ خط لکي ملڪ ۾ 20 ايم اي ايف پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ فوري طور ڊيم تعمير ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، هن دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم کي ڄاڻايل خط اٿارٽي جي اتفاق راءِ سان لکيو ويو آهي، 1991ع جي ٺاهه ۾ مستقبل لاءِ ڊيم تعمير ڪرڻ جي سفارش ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي،هن چيو ته نوان ڊيم تعمير ڪرڻ سان 2 فائدا ٿيندا، هڪ ته پاڻي ذخيرو ٿيندو ۽ ٻيو بجلي جي سستي پيداوار حاصل ٿيندي، هن چيو ته ارسا طرفان لکيل خط ۾ ڊيمن جي تعمير لاءِ سائيٽ جي نشاندهي ناهي ڪئي وئي، ڇو ته واپڊا جي ويزن ۾ سائيٽن جي نشاندهي ٿيل آهي، باقي فريبلٽي تيار ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، ڇا اسڪردو ڪنزارا ڊيم فزيبل آهي؟ واري سوال تي هن چيو ته ڄاڻايل سائيٽ جي حمايت پاڻي بابت ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي 8 ميمبرن ۾ فقط ڪاميٽي چيئرمين اي اين جي عباسي ڪئي آهي، جيڪا اڪيلي ماڻهو جي سوچ هئي، جڏهن ته ڀاشا لاءِ فنڊ نٿا ملن ته ٻين ڊيمن لاءِ ڪيئن ملندا؟ واري سوال تي رائو ارشاد چيو ته پاڻي ۽ بجلي منصوبن تي ايندڙ خرچ 6.5 سالن ۾ نڪري وڃي ٿو، تنهن ڪري سيڙپڪاري اچڻ مسئلو ناهي، هن هڪ سوال تي چيو ته ارسا مالي خودمختياري لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي، ڇا ارسا طرفان نون ڊيمن جي تعمير لاءِ تجويز جي حوالي سان سنڌ کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي؟ واري سوال تي سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري رفيق ميمڻ چيو ته ان حوالي سان اسان سان ڪو ذڪر ئي ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي وري خط بابت ڪا خبر آهي، ٻئي طرف ارسا جي اڳوڻي سنڌ ميمبر محمد خان ميمڻ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سندس دور ۾ به نه اهڙي تجويز تي غور يا اتفاق ٿيو ۽ نه ئي وري اتفاق راءِ سان وزيراعظم کي اهڙو ڪو خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هن چيو ته ممڪن آهي ته ارسا چيئرمين پنهنجي طور تي اهڙو ڪو ليٽر لکيو آهي، هن چيو ته ارسا طرفان خريف ۾ 118 ايم اي ايف پاڻي ڏيکارڻ تمام وڌيڪ آهي، اها سازش ٿي سگهي ٿي، جيئن حڪومت کي اضافي پاڻي ڏيکاري ڊيمن جي تعمير لاءِ گمراهه ڪري سگهجي.
    ڪاوش[/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو