هيڪ تڪرار:سنڌ جي وي سيز پاران سنڌ سرڪار جي حمايت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [justify]
    ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي صوبن ڏانهن منتقلي واري معاملي تي سنڌ سرڪارجي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبي جي سرڪاري شعبي تحت قائم ٿيل يونيورسٽيز جي وائيس چانسلرن جو اجلاس ٿيو، وڏي وزير چيو ته 18هين ترميم کان به گهڻو اڳ فيڊرل لسٽ نمبر-1 ۽ ڪنڪرنٽ لسٽ ۾ به تعليم صوبائي معاملو هو ۽ يونيورسٽين جي خودمختياري ۽ اختيار صوبائي حڪومت جي ماتحت ٿيا هئا، فنڊ ۽ بجيٽ جي منتقلي جي باري ۾ وڏي وزير چيو ته ان حوالي سان وفاقي حڪومت صوبن سان مشورو ڪيو آهي ۽ بجيٽ ۾ اهو مسئلو به حل ڪيو ويندو، هن واضح ڪيو ته هيڪ جي منتقلي جو مرحلو مڪمل ٿيڻ تائين وفاقي حڪومت ٻن سالن تائين فنڊ مهيا ڪرڻ جي ذميوار هوندي، وڏي وزير وائيس چانسلرن تي زور ڀريو ته فنڊن جي منتقلي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته وڏي وزير جي حيثيت ۾ مان ان ڳالهه جي ذميواري ٿو کڻان ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت فنڊ فراهم نٿي ڪري ته صوبائي حڪومت فنڊن جي فراهمي کي يقيني بڻائيندي، اجلاس ۾ تعليم واري صوبائي وزير پير مظهرالحق، قانون واري وزير اياز سومري، سيڪريٽري قانون سيد غلام نبي شاهه، سيڪريٽري تعليم ناهيد شاهه دراني ۽ ٻين بريفنگ ڏني، ان موقعي تي سمورن وي سيز وڏي وزير جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تعليم جي بهتري لاءِ اهي پنهنجن تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ سخت محنت ڪندا، اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وي سي ڊاڪٽر نذير مغل، مهراڻ يونيورسٽي جو وي سي ڊاڪٽر قدير راجپوت، لمس جو وي سي نوشاد شيخ، ڪراچي يونيورسٽي جو وي سي پيرزاده قاسم، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جو وي سي آر اي شاهه ۽ ٻيا شريڪ هئا، هوڏانهن تعليم واري صوبائي وزير پير مظهرالحق چيو آهي ته هيڪ جا ڪجهه ڪامورا پنهنجون نوڪريون بچائڻ خاطر غلط فهميون پيدا پيا ڪن، تعليم واري وزارت صوبن حوالي ٿيڻ کانپوءِ ان سان لاڳاپيل سمورا ادارا به صوبن جي ماتحت آهن، صوبائي حڪومت پنهنجي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جوڙيندي ۽ اُهو ادارو هر لحاظ کان بااختيار هوندو. هيڪ هن وقت تائين 10 هزار 623 ملڪي توڙي پرڏيهي اسڪالرشپن مان سنڌ کي رڳو 891 اسڪالرشپس ڏنيون آهن، ان مان هيڪ جي سڄي پت وائکي ٿي وڃي ٿي، اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. پير مظهر الحق وڌيڪ چيو ته هيڪ جا ڪامورا جيڪي بيان ڏئي رهيا آهن، انهن مان مونجهارا پيدا ٿي رهيا آهن جنهن ڪري اسان خاموش نه پئي ويهي سگهياسين، هيڪ جو ڊي جي ڊاڪٽر سهيل نقوي سياست بند ڪري، ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پيرزاده قاسم چيو ته اسان کي ڳڻتي هئي ته تعليم صوبن جي حوالي ٿيڻ کانپوءِ يونيورسٽين جي خودمختياري متاثر نه ٿئي پر وڏي وزير خاطري ڪرائي آهي ته يونيورسٽين جي نه رڳو حيثيت کي برقرار رکيو ويندو پر فنڊن جي حوالي سان به يونيورسٽين سان ڪو معاملو نه ٿيندو.
    ڪاوش[/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو