پنجاپ ۾ ايم ڪيو ايم جي عزت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 اپريل 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [justify][justify]لاهور بار ۾ ايم ڪيو ايم جا پمفليٽ ورهائيندڙن کي ٻاهر ڪڍيو ويو
    لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور ڊسٽرڪٽ بار ۾ ايم ڪيو ايم جي جلسي جا پمفليٽ ورهائيندڙ وڪيلن ۽ ٻين ماڻهن کي بار مان ٻاهر ڪڍيو ويو، بار جي اڳواڻي نائب صدر افتخار ڀٽي جي قيادت ۾ 50 جي لڳ ڀڳ وڪيلن ايم ڪيو ايم وارن جا پمفليٽ ڦاڙي ڇڏيا ۽ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي ڌڪا ڏيندي ٻاهر ڪڍيو، ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي چيو ويو ته توهان 12 مئي واقعن ۽ وڪيلن کي ساڙڻ جا ذميوار آهيو ۽ وڪيلن جي قاتلن کي بار ۾ اچڻ نه ڏينداسين.



    ايم ڪيو ايم جو اڄ لاهور ۾ جلسو، الطاف لنڊن مان فون تي خطاب ڪندو
    لاهور (بيورو رپورٽ) متحده قومي موومينٽ جو اجلاس اڄ لاهور ۾ فوٽبال گرائونڊ ۾ ٿيندو، ان کان اڳ ۾ جلسو قذافي اسٽيڊيم جي سامهون روڊ تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر ڪالهه اوچتو جلسي جو هنڌ تبديل ڪيو ويو، جلسي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ايم ڪيو ايم اڄ طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪندي، ايم ڪيو ايم، (ق) ليگ ۽ پ پ سميت سمورين سياسي پارٽين کي جلسي ۾ شرڪت لاءِ دعوتون ڏنيون ويون آهن، جلسي کي الطاف حسين لنڊن مان فون تي خطاب ڪندو، جلسي جي سيڪيورٽي لاءِ سخت انتظام ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف الطاف حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ موروثي سياسي ڪلچر سبب ڪجهه خاندانن جا ماڻهو اقتدار ۾ اچن ٿا، ملڪ ڪجهه خاندانن جو نه پر 18 ڪروڙ عوام جو آهي، پنجاب جو عوام جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري، هوڏانهن تحريڪ انصاف متحده قومي موومينٽ جي جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ کان صاف انڪار ڪندي واضح ڪيو آهي ته جيستائين متحده ٻن ٻيڙين ۾ سوار رهندي، ان وقت تائين انهن جي جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، تحريڪ انصاف جي مرڪزي اطلاعات واري سيڪريٽري عمر سرفراز چيما جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته تحريڪ انصاف متحده قومي موومينٽ جي جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو.[/justify][/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو